سر غلام حسين هدايت الله سنڌ سان تعلق رکندڙ ناميارو سياستدان ٿي گذريو آهي، غلام حسين هدايت الله 1879 ۾ شڪارپور ۾ جنم ورتو، هن پنهنجي بنيادي تعليم شڪارپور مان ئي حاصل ڪيائين ۽ سنڌ مدرسته ڪراچي مان ميٽرڪ جو امتحاد پاس ڪري ڪراچي جي ڊي جي سنڌ ڪاليج ممبئي ۾ داخلا ورتي، سر غلام حسين هدايت الله 1902ع ۾ ايل ايل بي جي تعليم مڪمل ڪري حيدرآباد موٽي آيو ۽ اتي اچي وڪالت شروع ڪيائين، هن پنهنجي ڪيئريئر جي شروعات حيدرآباد ميونسپالٽي جي وائيس صدر ٿيڻ طور ڪئي، انهيءَ کانسواءِ سر غلام حسين هدايت الله حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بورڊ جو غير سرڪاري صدر پڻ ٿيو، 1921ع ۾ پاڻ بمبئي ليجسليوٽو ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، انهيءَ ساڳي سال هي ممبئي گورنمينٽ ۾ وزير طور مقرر ٿيو، بمبئي جو گورنر جي ڪائونسل جي ميمبر ٿيڻ تائين وزير طور رهيو، پاڻ وزير هئڻ واري وقت سکر بئراج لاءِ پڻ ڪم ڪيو، سر غلام حسين هدايت الله کي خان بهادر، سر، ڪي سي آءِ ۽ ٻيا ڪيترائي لقب مليا پر 1946ٿ ۾ مسلم ليگ پاران انگريز حڪومت طرفان ڏنل سڀئي اعزاز واپس ڪرڻ واري اعلان بعد سر غلام حسين هدايت الله پڻ پنهنجا سمورا اعزاز ۽ لقب موٽائي ڏنا، لنڊن ۾ ٿيل رائونڊ ڪانفرنس ۾ سر غلام هسين هدايت الله، ايوب کهڙي، ميران محمد شاھ ۽ سر شاهنواز ڀٽي سان گڏجي سنڌ جي نمائندي طور شرڪت ڪئي، سنڌ جي ممبئي کان علحدگي لاءِ پڻ پتوڙيندو رهيو، سنڌ ڪاميٽي جي چيئرمين کي آماده ڪيو ته سنڌ وسيلن جي حُالي سان ڪنهن جي به محتاج ناهي، سنڌکي ممبئي کان عليحده ڪيو ويو ۽ سر غلام حسين هدايت سنڌ جو پهريون وزير اعلي ٿيو، پاڻ 3 ڀيرا سنڌ جو وزير اعلي رهيو، 1947ع ۾ آزادي کان پوءِ پاڻ سنڌ جو گورنر رهيو، اهو اعزاز صرف سر غلام حسين هدايت الله جا قائداعظم محمد علي جناح سان سٺا لاڳاپا رهيا، انهيءَ اعتماد جي ڪري ئي قائداعظم سر غلام حسين هدايت الله کي سنڌ جو پهريون گورنر ڪيو ۽ سر غلام حسين هدايت الله وٽ اهو به اعزاز آهي هو صوبي جو وڏي عرصي تائين وڏو وزير رهندڙ پهريون شخص هو، سر غلام حسين هدايت الله ممبئي ليجلسٽو جو وزير هئڻ دوران به سنڌ جي حقن جي هر وقت وڪالت ڪندو هو، انگريزن تي زور ڀريندو هو ته سنڌ ۾ انفرااسٽڪرچر جو ڪم ڪن سکر بئراج لاءِ سر غلام حسين هدايت الله جو ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن، انهيءَ کانسواءِ سر غلام حسين سياست جي هڪ معتبر نالي طور سڃاتو وڃي ٿو، پاڻ 4 آڪٽوبر 1948ع تي لاڏاڻو ڪري ويو ـ ـFriday, October 13, 2017
Profile of Sir Ghullam Hussain Hidayatullah
سر غلام حسين هدايت الله سنڌ سان تعلق رکندڙ ناميارو سياستدان ٿي گذريو آهي، غلام حسين هدايت الله 1879 ۾ شڪارپور ۾ جنم ورتو، هن پنهنجي بنيادي تعليم شڪارپور مان ئي حاصل ڪيائين ۽ سنڌ مدرسته ڪراچي مان ميٽرڪ جو امتحاد پاس ڪري ڪراچي جي ڊي جي سنڌ ڪاليج ممبئي ۾ داخلا ورتي، سر غلام حسين هدايت الله 1902ع ۾ ايل ايل بي جي تعليم مڪمل ڪري حيدرآباد موٽي آيو ۽ اتي اچي وڪالت شروع ڪيائين، هن پنهنجي ڪيئريئر جي شروعات حيدرآباد ميونسپالٽي جي وائيس صدر ٿيڻ طور ڪئي، انهيءَ کانسواءِ سر غلام حسين هدايت الله حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بورڊ جو غير سرڪاري صدر پڻ ٿيو، 1921ع ۾ پاڻ بمبئي ليجسليوٽو ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، انهيءَ ساڳي سال هي ممبئي گورنمينٽ ۾ وزير طور مقرر ٿيو، بمبئي جو گورنر جي ڪائونسل جي ميمبر ٿيڻ تائين وزير طور رهيو، پاڻ وزير هئڻ واري وقت سکر بئراج لاءِ پڻ ڪم ڪيو، سر غلام حسين هدايت الله کي خان بهادر، سر، ڪي سي آءِ ۽ ٻيا ڪيترائي لقب مليا پر 1946ٿ ۾ مسلم ليگ پاران انگريز حڪومت طرفان ڏنل سڀئي اعزاز واپس ڪرڻ واري اعلان بعد سر غلام حسين هدايت الله پڻ پنهنجا سمورا اعزاز ۽ لقب موٽائي ڏنا، لنڊن ۾ ٿيل رائونڊ ڪانفرنس ۾ سر غلام هسين هدايت الله، ايوب کهڙي، ميران محمد شاھ ۽ سر شاهنواز ڀٽي سان گڏجي سنڌ جي نمائندي طور شرڪت ڪئي، سنڌ جي ممبئي کان علحدگي لاءِ پڻ پتوڙيندو رهيو، سنڌ ڪاميٽي جي چيئرمين کي آماده ڪيو ته سنڌ وسيلن جي حُالي سان ڪنهن جي به محتاج ناهي، سنڌکي ممبئي کان عليحده ڪيو ويو ۽ سر غلام حسين هدايت سنڌ جو پهريون وزير اعلي ٿيو، پاڻ 3 ڀيرا سنڌ جو وزير اعلي رهيو، 1947ع ۾ آزادي کان پوءِ پاڻ سنڌ جو گورنر رهيو، اهو اعزاز صرف سر غلام حسين هدايت الله جا قائداعظم محمد علي جناح سان سٺا لاڳاپا رهيا، انهيءَ اعتماد جي ڪري ئي قائداعظم سر غلام حسين هدايت الله کي سنڌ جو پهريون گورنر ڪيو ۽ سر غلام حسين هدايت الله وٽ اهو به اعزاز آهي هو صوبي جو وڏي عرصي تائين وڏو وزير رهندڙ پهريون شخص هو، سر غلام حسين هدايت الله ممبئي ليجلسٽو جو وزير هئڻ دوران به سنڌ جي حقن جي هر وقت وڪالت ڪندو هو، انگريزن تي زور ڀريندو هو ته سنڌ ۾ انفرااسٽڪرچر جو ڪم ڪن سکر بئراج لاءِ سر غلام حسين هدايت الله جو ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن، انهيءَ کانسواءِ سر غلام حسين سياست جي هڪ معتبر نالي طور سڃاتو وڃي ٿو، پاڻ 4 آڪٽوبر 1948ع تي لاڏاڻو ڪري ويو ـ ـ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
ڀيرو مل، جيڪو سنڌ ۾ عام طور تي ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌ جي چوٽي جي اديبن مان هڪ هو، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبا...
-
Hemu Kalani هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي ج...
-
Anees Ansari انيس انصاري سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق هو، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ايل نالو الھ بخش ا...
No comments:
Post a Comment