مولانا عبيدالله سنڌي پنجاب جي ڊيرا غازي خان جي چيانوالي ڳوٺ ۾ سک گهراڻي ۾ 10 مارچ 1872ع تي ڄائو، هن ابهم ٻار جڏهن علم جو رستو ڏسڻ ۾ آيو. جڏهن پاڻ ٽئين درجي ۾ پهتو ته کيس اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو شوق ٿيو، کيس دين اسلام بابت جيڪو به ڪتاب ملندو هو سو پڙهي وٺندو هو. مولانا عبيدالله سنڌي جڏهن مسلمان ٿيو ته ديني تعليم حاصل ڪرڻ جي ارادي سان سنڌ ۾ پهتو، هتي سڀ کان پهريان سندس ملاقات ڀرچونڊي جي بزرگ مولانا حافظ محمد صديق سان ٿي، جيڪو تنهن زماني جي هاڪارن عالمن مان هڪ هو، انهيءَ ڀلاري بزرگ جڏهن هن نوجوان جي دين جي لاءِ جذبي کي ڏٺو تڏهن وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان کيس چيائين ته اي عبيد الله تون اسلام واسطي پنهنجا عزيز ڇڏيا آهن، اڄ کان وٺي آئون توکي پنهنجي پٽن جهڙو درجو ڏيان ٿو، نوجوان عبيدالله تي انهن لفظن اهڙو ته اثر ڪيو جو هن پنهنجي نالي پٺيان سنڌي لفظ جو اضافو ڪيو، انهيءَ کانپوءِ ئي عبيدالله سنڌي سڏرائڻ لڳو، ڳچ عرصو ڀرچونڊي ۾ رهڻ کانپوءِ مولانا عبيدالله سنڌي وڌيڪ تعليم لاءِ ديوبند ۽ دهلي جي مدرسن ۾ پڙهيو، 1909ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي کي سندس استاد حضرت شيخ الهند ديوبند گهرائي ورتو ۽ کيس چيو ته هاڻي آزاديءَ جي لاءِ انقلابي تحريڪ شروع ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اتي پنهنجي استاد جي ساٿ سان جمعيت الانصار نالي هڪ جماعت قائم ڪيائين، جنهن جو پاڻ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، 1913ع ۾ دهليءَ وڃي نظارته المعارف نالي هڪ ادارو قائم ڪيو، ان اداري ۾ ديني عالمن ۽ انگريزي پڙهيل لکيل شخصن کي گڏي هندستان ۾ هڪ مضبوط انقلاب تيار ڪري ۽ اتان تيار ٿيل انقلابين جي ذريعي بعد ۾ ملڪ جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جو مقصد اڳيان رکيو، انهيءَ دوران سندس استاد شيخ الهند کيس حڪم ڪيو ته هو ملڪ کان ٻاهر نڪري وڃي ۽ ٻاهرين ملڪن جي مدد سان هندستان کي تڪڙي آزادي وٺي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري، ان وقت ڪابل دنيا ۾ سياسي تبديلين ۽ ڀڃ ڊاھ جو مرڪز بڻيل هو. ان ڪري مولانا سنڌي اوڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ٻين ساٿين روس، ترڪي ۽ جرمنيءَ جي حڪومتن سان رابطو قائم ڪيو. پر جيئن ته پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ترڪيءَ کي شڪست آئي هئي، ان ڪري اها ڳالھ ڏئي ٿي پئي ته ترڪي هندستان تي حملو ڪري، ڪابل مان وقت به وقت پنهنجي هندستاني ساٿين کي پنهنجي منصوبن کان واقف ڪرائڻ لاءِ پاڻ هڪ ماڻهو تيار ڪيو هيائين، جيڪو افغانستان مان ريشمي رومان کڻي هندستان ويندو هو، مولانا سنڌي انهن رومالن تي پنهنجي پيغام اڻائي ڇڏيو هو، سندس ماڻهو واسطيدار ڌر تائين اهي خاص رومال پهچائيندو هو، جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي هندستان تي حملي ڪرڻ لاءِ نقشا تيار ڪيا ۽ سنڌي توڙي هند ۾ بغاوت جا مرڪز مقرر ڪيا، تڏهن حملي ۽ بغاوت جي هڪڙي تاريخ مقرر ڪري انهيءَ کي ريشمي رومال تي اڻائي هندستان ۾ پنهنجي ساٿين ڏانهن ڏياري موڪليائين، انهن ريشمي رومالن جي ڪري ان تحريڪ جو نالو ئي ريشمي رومال تحريڪ پئجي ويو، تنهن زماني ۾ دنيا جون سامراجي قوتون ملي جلي مسلمانن کي ستائي رهيون هيون، اسلامي دنيا جو حال ڏسي دنيا جا مسلمان مجبور ٿيا ته هو هڪ هنڌ گڏ ٿين ۽ پنهنجي مسئلن جو حل تلاش ڪن، آخرڪار 1926ع ۾ دنيا جي مسلمانن جي هڪ ميڙ ٿيڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مولانا عبيدالله سنڌي ترڪي مان مڪي شريف ڏي روانو ٿيو، مڪي شريف ۾ مولانا سنڌي ٻارنهن سال اسلام جي انقلابي پيغام جي تبليغ ڪئي ۽ تعليم ڏني، هن ڪيترن شاگردن کي قرآن شريف جي ترجمي۽ تفسير جا تفصيلي نوٽ لکرايا، جن ۾ قرآن شريف جي فڪر تي انقلاب آڻڻ جي لاءِ ماڻهن کي اتساهيو، سنڌ، هنڌ، انڊونيشيا، تاشقند ۽ ٻي اسلامي دنيا جي ڪيترن عالمن اتي وڃي کانئس تعليم پرائي، آخرڪار مولانا سنڌي چوويهن سالن جي جلاوطني بعد 4 مارچ 1939ع تي پنهنجي مٺڙي سنڌ ۾ قدم رکيو، هن بزرگ انسان وقت وڃائڻ کانسواءِ ڊسمبر 1939ع ۾ جمنا نريدا سنڌ ساگر پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکيائين. سخت جدوجهد ۽ محنت جي ڪري آخرڪار سندس طبيعت ناچاڪ رهڻ لڳي، اهڙين حالتن ۾ به هن سنڌ جو تفصيلي دورو ڪري سنڌين کي بيدار ٿيڻ ۽ زماني جي ايندڙ حالتن سان منهن ڏيڻ جا هيلا هلايا پر موت کيس وڌيڪ مهلت نه ڏني ۽ 22 آگسٽ 1944ع تي وفات ڪيائين ـMonday, October 2, 2017
Profile of Maulana Ubaidullah Sindhi
مولانا عبيدالله سنڌي پنجاب جي ڊيرا غازي خان جي چيانوالي ڳوٺ ۾ سک گهراڻي ۾ 10 مارچ 1872ع تي ڄائو، هن ابهم ٻار جڏهن علم جو رستو ڏسڻ ۾ آيو. جڏهن پاڻ ٽئين درجي ۾ پهتو ته کيس اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو شوق ٿيو، کيس دين اسلام بابت جيڪو به ڪتاب ملندو هو سو پڙهي وٺندو هو. مولانا عبيدالله سنڌي جڏهن مسلمان ٿيو ته ديني تعليم حاصل ڪرڻ جي ارادي سان سنڌ ۾ پهتو، هتي سڀ کان پهريان سندس ملاقات ڀرچونڊي جي بزرگ مولانا حافظ محمد صديق سان ٿي، جيڪو تنهن زماني جي هاڪارن عالمن مان هڪ هو، انهيءَ ڀلاري بزرگ جڏهن هن نوجوان جي دين جي لاءِ جذبي کي ڏٺو تڏهن وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان کيس چيائين ته اي عبيد الله تون اسلام واسطي پنهنجا عزيز ڇڏيا آهن، اڄ کان وٺي آئون توکي پنهنجي پٽن جهڙو درجو ڏيان ٿو، نوجوان عبيدالله تي انهن لفظن اهڙو ته اثر ڪيو جو هن پنهنجي نالي پٺيان سنڌي لفظ جو اضافو ڪيو، انهيءَ کانپوءِ ئي عبيدالله سنڌي سڏرائڻ لڳو، ڳچ عرصو ڀرچونڊي ۾ رهڻ کانپوءِ مولانا عبيدالله سنڌي وڌيڪ تعليم لاءِ ديوبند ۽ دهلي جي مدرسن ۾ پڙهيو، 1909ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي کي سندس استاد حضرت شيخ الهند ديوبند گهرائي ورتو ۽ کيس چيو ته هاڻي آزاديءَ جي لاءِ انقلابي تحريڪ شروع ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اتي پنهنجي استاد جي ساٿ سان جمعيت الانصار نالي هڪ جماعت قائم ڪيائين، جنهن جو پاڻ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، 1913ع ۾ دهليءَ وڃي نظارته المعارف نالي هڪ ادارو قائم ڪيو، ان اداري ۾ ديني عالمن ۽ انگريزي پڙهيل لکيل شخصن کي گڏي هندستان ۾ هڪ مضبوط انقلاب تيار ڪري ۽ اتان تيار ٿيل انقلابين جي ذريعي بعد ۾ ملڪ جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جو مقصد اڳيان رکيو، انهيءَ دوران سندس استاد شيخ الهند کيس حڪم ڪيو ته هو ملڪ کان ٻاهر نڪري وڃي ۽ ٻاهرين ملڪن جي مدد سان هندستان کي تڪڙي آزادي وٺي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري، ان وقت ڪابل دنيا ۾ سياسي تبديلين ۽ ڀڃ ڊاھ جو مرڪز بڻيل هو. ان ڪري مولانا سنڌي اوڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ٻين ساٿين روس، ترڪي ۽ جرمنيءَ جي حڪومتن سان رابطو قائم ڪيو. پر جيئن ته پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ترڪيءَ کي شڪست آئي هئي، ان ڪري اها ڳالھ ڏئي ٿي پئي ته ترڪي هندستان تي حملو ڪري، ڪابل مان وقت به وقت پنهنجي هندستاني ساٿين کي پنهنجي منصوبن کان واقف ڪرائڻ لاءِ پاڻ هڪ ماڻهو تيار ڪيو هيائين، جيڪو افغانستان مان ريشمي رومان کڻي هندستان ويندو هو، مولانا سنڌي انهن رومالن تي پنهنجي پيغام اڻائي ڇڏيو هو، سندس ماڻهو واسطيدار ڌر تائين اهي خاص رومال پهچائيندو هو، جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي هندستان تي حملي ڪرڻ لاءِ نقشا تيار ڪيا ۽ سنڌي توڙي هند ۾ بغاوت جا مرڪز مقرر ڪيا، تڏهن حملي ۽ بغاوت جي هڪڙي تاريخ مقرر ڪري انهيءَ کي ريشمي رومال تي اڻائي هندستان ۾ پنهنجي ساٿين ڏانهن ڏياري موڪليائين، انهن ريشمي رومالن جي ڪري ان تحريڪ جو نالو ئي ريشمي رومال تحريڪ پئجي ويو، تنهن زماني ۾ دنيا جون سامراجي قوتون ملي جلي مسلمانن کي ستائي رهيون هيون، اسلامي دنيا جو حال ڏسي دنيا جا مسلمان مجبور ٿيا ته هو هڪ هنڌ گڏ ٿين ۽ پنهنجي مسئلن جو حل تلاش ڪن، آخرڪار 1926ع ۾ دنيا جي مسلمانن جي هڪ ميڙ ٿيڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مولانا عبيدالله سنڌي ترڪي مان مڪي شريف ڏي روانو ٿيو، مڪي شريف ۾ مولانا سنڌي ٻارنهن سال اسلام جي انقلابي پيغام جي تبليغ ڪئي ۽ تعليم ڏني، هن ڪيترن شاگردن کي قرآن شريف جي ترجمي۽ تفسير جا تفصيلي نوٽ لکرايا، جن ۾ قرآن شريف جي فڪر تي انقلاب آڻڻ جي لاءِ ماڻهن کي اتساهيو، سنڌ، هنڌ، انڊونيشيا، تاشقند ۽ ٻي اسلامي دنيا جي ڪيترن عالمن اتي وڃي کانئس تعليم پرائي، آخرڪار مولانا سنڌي چوويهن سالن جي جلاوطني بعد 4 مارچ 1939ع تي پنهنجي مٺڙي سنڌ ۾ قدم رکيو، هن بزرگ انسان وقت وڃائڻ کانسواءِ ڊسمبر 1939ع ۾ جمنا نريدا سنڌ ساگر پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکيائين. سخت جدوجهد ۽ محنت جي ڪري آخرڪار سندس طبيعت ناچاڪ رهڻ لڳي، اهڙين حالتن ۾ به هن سنڌ جو تفصيلي دورو ڪري سنڌين کي بيدار ٿيڻ ۽ زماني جي ايندڙ حالتن سان منهن ڏيڻ جا هيلا هلايا پر موت کيس وڌيڪ مهلت نه ڏني ۽ 22 آگسٽ 1944ع تي وفات ڪيائين ـ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
ڀيرو مل، جيڪو سنڌ ۾ عام طور تي ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌ جي چوٽي جي اديبن مان هڪ هو، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبا...
-
Hemu Kalani هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي ج...
-
Anees Ansari انيس انصاري سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق هو، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ايل نالو الھ بخش ا...
No comments:
Post a Comment