تعليمي ماهر ۽ استاد حاجي علي بخش ڪولاچي جو جنم 1938ع ۾ ٽنڊو ڪولاچي ۾ حاجي خان محمد ڪولاچي جي گهر ۾ ٿيو، هن 1952ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ اهڙي طرح حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان ايس وي ڪورس 1955ع ۾ مڪمل ڪيو، هن پڙهائي دوران درس ۽ تدريس کي وڏي اهميت ڏني، پڙهائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن تعليم جي شعبي ۾ خدمتن جي شروعات پرائمري استاد طور ڪئي، 1957ع هن نوڪري جي شروعات ميرپورخاص جي ڳوٺ ٽنڊو ڪولاچي کان ڪئي ۽ 1983ع ۾ هيڊماستر طور رٽائرڊ ٿيو، هن 26 سالن جي تعليمي خدمتن دوران هزارين شاگرد پيدا ڪيا، حاجي علي بخش ڪولاچي تعليم کاتي مان رٽائرمينٽ کانپوءِ سماجي ڪمن ۽ ترقياتي ادارا کولرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، خاص طور تي ڪاليج قائم ڪرائڻ ۽ ميٽرڪ توڙي انٽربورڊ جو امتحاني مرڪز توڙي گرلز پرائمري ۽ مڊل اسڪول، پبلڪ لائبريري، ڪلچر هال، پوسٽ آفيس ۽ ٻيا سماجي ڪم شامل آهن، حاجي علي بخش ڪولاچي سماجي خدمتن ۾ وڏي رقم پڻ خرچ ڪئي، هن پنهنجي خرچ سان اکين جي مريضن جي علاج لاءِ مفت ڪئمپون پڻ لڳرايون، حاجي علي بخش ڪولاچي مختلف ادارن جي قيام لاءِ پنهنجي زمين ۽ وس آهر مالي مدد پڻ ڪئي، سندس ڪوششن سبب ڪيترن ئي نابين ماڻهن جي نظر بحال ٿي، هي مڻيادار ماڻهو 5 جولاءِ 2005ع تي دل جي عارضي سبب هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سندس قائم ڪيل ادارن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم ۽ سماجي ڪم جاري آهن، سندس اولاد حاجي علي بخش ڪولاچي ويلفيئر ٽرسٽ پڻ قائم ڪئي آهي، جنهن تحت هر سال ڳوٺ ۾ ترقي ۽ سماج کي سڌارڻ جا ڪم ڪيا ويندا آهن. حاجي علي بخش ڪولاچي کي 4 پٽ ۽ 6 نياڻين جو اولاد هيو ـMonday, October 2, 2017
Profile of Haji Ali Bux Kolachi
تعليمي ماهر ۽ استاد حاجي علي بخش ڪولاچي جو جنم 1938ع ۾ ٽنڊو ڪولاچي ۾ حاجي خان محمد ڪولاچي جي گهر ۾ ٿيو، هن 1952ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ اهڙي طرح حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان ايس وي ڪورس 1955ع ۾ مڪمل ڪيو، هن پڙهائي دوران درس ۽ تدريس کي وڏي اهميت ڏني، پڙهائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن تعليم جي شعبي ۾ خدمتن جي شروعات پرائمري استاد طور ڪئي، 1957ع هن نوڪري جي شروعات ميرپورخاص جي ڳوٺ ٽنڊو ڪولاچي کان ڪئي ۽ 1983ع ۾ هيڊماستر طور رٽائرڊ ٿيو، هن 26 سالن جي تعليمي خدمتن دوران هزارين شاگرد پيدا ڪيا، حاجي علي بخش ڪولاچي تعليم کاتي مان رٽائرمينٽ کانپوءِ سماجي ڪمن ۽ ترقياتي ادارا کولرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، خاص طور تي ڪاليج قائم ڪرائڻ ۽ ميٽرڪ توڙي انٽربورڊ جو امتحاني مرڪز توڙي گرلز پرائمري ۽ مڊل اسڪول، پبلڪ لائبريري، ڪلچر هال، پوسٽ آفيس ۽ ٻيا سماجي ڪم شامل آهن، حاجي علي بخش ڪولاچي سماجي خدمتن ۾ وڏي رقم پڻ خرچ ڪئي، هن پنهنجي خرچ سان اکين جي مريضن جي علاج لاءِ مفت ڪئمپون پڻ لڳرايون، حاجي علي بخش ڪولاچي مختلف ادارن جي قيام لاءِ پنهنجي زمين ۽ وس آهر مالي مدد پڻ ڪئي، سندس ڪوششن سبب ڪيترن ئي نابين ماڻهن جي نظر بحال ٿي، هي مڻيادار ماڻهو 5 جولاءِ 2005ع تي دل جي عارضي سبب هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سندس قائم ڪيل ادارن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم ۽ سماجي ڪم جاري آهن، سندس اولاد حاجي علي بخش ڪولاچي ويلفيئر ٽرسٽ پڻ قائم ڪئي آهي، جنهن تحت هر سال ڳوٺ ۾ ترقي ۽ سماج کي سڌارڻ جا ڪم ڪيا ويندا آهن. حاجي علي بخش ڪولاچي کي 4 پٽ ۽ 6 نياڻين جو اولاد هيو ـ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
ڀيرو مل، جيڪو سنڌ ۾ عام طور تي ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌ جي چوٽي جي اديبن مان هڪ هو، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبا...
-
Hemu Kalani هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي ج...
-
Anees Ansari انيس انصاري سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق هو، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ايل نالو الھ بخش ا...
No comments:
Post a Comment