Sunday, October 1, 2017

Profile of Hyder Bux Jatoi

حيدر بخش جتوئي جهڙا املهه، اڻموٽ، اڻٿڪ انسان ورلي صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هن بکي ديرو ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ هاري گھراڻي ۾ 7 آڪٽوبر 1901ع ۾ اک کولي. هو ننڍي هوندي کان ئي هوشيار ۽ ذهين هو، پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين فرسٽ پوزيشن حاصل ڪندو رهيو. روينيو کاتي ۾ ڪلرڪ، مختيارڪار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تائين پهتو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ايماندار ۽ عوام دوست ۽ سنڌ جو سچو سپوت هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انگريز جي راڄ ۾ وڏو آفيسر هو پر هارين ۽ سنڌي عوام جي ڏکن ۽ سورن کي ڏسي نه سگهيو ۽ عوام جي خدمت جي جذبي تحت نوڪري ڇڏي سياست ۾ بهرو وٺڻ لڳو. ان جو ڪارڻ هي آهي ته ان زماني ۾ انگريز سرڪار سنڌ ۾ آزادي جي تحريڪ کي ڪچلڻ ۽ پير سائين پاڳاري کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ جيڪي ظلم ڪيا، سنڌ ۾ پهرئين مارشلا نافذ ڪئي، ظلم، زور ۽ زبردستي ڪري سنڌ جي عوام ۽ حرن کي ڪچليو ويو. تنهن ڪري هن جي دل سرڪاري نوڪري مان کٽي ٿي وئي. هو جڏهن مارشلا جا ڪيس هلائيندو هو ته ڪيئي دردناڪ واقعا سندس سامهون آيا ۽ هن انهن ڪيسن ۾ ڪنهن به هڪ کي سزا نه ڏني. انگريزن، وڏيرن، جاگيردارن، سياستدانن ۽ ڪامورا شاهي جي ڪلورن کي ڏسي هن دردمند جي دل مان دانهن نڪتي:ـ
وڏيرا وطن پنهنجو هارائي ويٺا
مٺيءَ سنڌ پنهنجيءَ کي مارائي ويٺا
حقن پنهنجن کي هارائي ويٺا
ٻچن مائرن کي رئارائي ويٺا
تڏهن ڀي دعوا، پهلوان آهيون
اڃا به چون ٿا انسان آهيون. (حيدر بخش) ـ
ان پرآشوب دور ۾ جڏهن سنڌ جي سياستدانن هڪ قوم ۽ هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ سنڌين ۾ نفرت پکيڙي امن ۽ آشتي جي ماحول کي جهنم بڻائي ڇڏيو هو، هندن ۽ مسلمانن جا سياسي اڳواڻ انگريزن جي چرچ تي ورهاڱو ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا، اهڙن حالتن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي هارين ۽ عوام کي متحد ۽ منظم ڪرڻ لاءَ عملي سياست جي شروعات ڪئي ۽ هاري ڪاميٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، ستت ئي هاري ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ پوءِ سن 1947ع ۾ انجو صدر چونڊيو. هن پنهنجي لياقت ۽ صلاحيت ڪتب آندي. سموري سنڌ جو دورو ڪري، جلسا، گڏجاڻيون ۽ سمورن ضلعن، شهرن، ڳوٺن ۽ وستين واهڻن ۾ هاري ڪاميٽي جون شاخون کوليون ۽ هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، وڏيرن جي ظلمن خلاف پمفليٽ، ڪتاب ۽ آواز بلند ڪري سندن خلاف ڄمي مقابلو ڪيو. اڌ بٽئي جي خلاف جدوجهد هلائي.1950ع ۾ سنڌ جو دورو ڪري ڪنڊ ڪڙڇ کان هزارن جي تعداد ۾ هاري گڏ ڪري ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جو گھيرائو ڪيو. تڏهوڪي سنڌ جي وڏي وزيريوسف هارون هارين جي زبردست هلچل جي دٻاءُ تي هارين جي اڳواڻ حيدر بخش سان ڳالهيون ڪيون ۽ سندن مطالبا مڃي ورتا. ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ جو قانون منظور ڪيو ويو، جنهن جي ڪري هارين کي حق پلئه پيا. سن 1952ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي گورنر دين محمد کان ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ ۾ وڌيڪ ترميمون ڪرائي تاريخي ۽ شاندار ڪارنامو سرانجام ڏنو. 1958ع ۾ پاڪستان جي صدر اسڪندر مرزا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جي زمينن جي ناجائز الاٽمينٽ کي ڪجهه عرصي لاءِ اسٽي آرڊر جاري ڪرايو ـ
ان وقت هندوستان کان پناهگيرن جي لوڌ ڪاهي آئي هئي. سنڌ جا شهر، زمينون ڪاروبار ۽ ٻين تي قبضو ڪري ويا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ هندوستان کان آيل پناهگيرن سياست تي پڻ قبضو ڄمايو، هندوستان کان آيل ڪوڙن ڪامريڊن ڪميونسٽ پارٽي جي آڙ ۾ سنڌ دشمن سازشي ۽ منافقي تي ٻڌل پروپئگنڊه ۽ سياست جو رواج وڌو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين ۽ سنڌين جي حمايت ۾ سرگرم هو، ڪوڙن ڪميونسٽن ڪامريڊن حيدر بخش جتوئي ۽ هارين جي جائز حقن جي تحريڪ جي اندران اندران مخالفت شروع ڪئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انهن نام نهاد ڪامريڊن سان منهن ڏنو. چون ٿا ۽ اها ڳالهه ريڪارڊ تي آهي ته انهن ڪميونسٽن، ڪامريڊ کي ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر نه بڻائي نه بڻايو. 1955ع ۾ ون يونٽ ٺاهي ننڍن صوبن سان ويڌن ڪئي وئي. سنڌ جي خودمختياري کي ختم ڪيو ويو. ون يونٽ جي خلاف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سنڌ جي ساڃاهه وند شاعرن، اديبن، وڪيلن، استادن، شاگردن، هارين، مزدورن ۽ ٻين هڪ زبردست تاريخي جدوجهد شروع ڪئي، ڪامريڊ ۽ سنڌ جي ماڻهن هڪ آواز ۽ يڪمشت ٿي ون يونٽ جي خلاف ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ کي گرفتار ڪيو ويو. هو ڪيترائي دفعا جيل ويو ۽ قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون. ڏکن ڏاکڙن، سور سختين ۽ تڪليفن کي وڏي اورچائي ۽ دليري سان سٺو ۽ منهن ڏنو. سنڌ ۽ هارين لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي ۽ ڪڏهن به ورچي نه ويٺو. جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي. (شاهه لطيف) ـ
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مخلص هاري اڳواڻ، ڪميونسٽ فڪر ۽ فلسفي جو پيروڪار ۽ سچو سنڌ دوست اڳواڻ هو. هو عوام دوست ۽ وطن دوست شاعر، اديب، ليکڪ ۽ دانشور پڻ هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شاعري جي جهلڪ پسي سگھون ٿا ـ
سنڌ جا ساهه ۽ سردار ۽ دلبر هاري
قوم جا هار سينگار ۽ زيور هاري
تنهنجي احسان هيٺ آهه بشر هر، هاري،
ٿيو زمانو ۽ زمين تنهنجا ثناگر هاري
قوم ساري ٿي ڳائي ترانو تنهنجو
اٿ اي هاري، اجهو آيو زمانو تنهنجو ـ 
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئي سنڌ نعري جو خالق پڻ هوـ
جيئي سنڌ- جيئي سنڌ، جام محبت پئي سنڌ ـ
ڪينو فتنو ٿي برباد، قرب محبت زنده آباد ـ
سڻ ”حيدر“ جو هي آواز، آواز آهي شاندارـ
آواز آهي يا الهام، جيئي سنڌ- جيئي سنڌ، جام محبت پئي سنڌ (حيدر بخش جتوئي) ـ
 ون يونٽ ٽوڙي صوبن جي اڳوڻي حيثيت بحال ڪئي وئي ۽ سنڌ صوبو هڪ ڀيرو ٻيهر خودمختيار ٿيو، ان اعلان تي سموري سنڌ سرهي ٿي، عوام جي جدوجهد رنگ لاٿو، ان وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بستر علالت ۾ هئا ۽ جلد ئي هن فاني دنيا مان 21 مئي 1970ع تي لاڏاڻو ڪري ويا.  ـ

No comments:

Post a Comment