Tuesday, May 2, 2017

Profile of Khaki Joyo

خاڪي جويي ھڪ باضمير ھاريءَ حاجي خان جويي جي گھر ۾ 8 مارچ 1948ع ۾ ڪاٺين جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي لاء کان ھڪ پورھيت ۽ ھاريءَ جي زندگي گُذاري، پر کيس پڙھڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھئس، پر غربت جي ڪري ھو تعليمي ادارن مان تعليم حاصل نہ ڪري سگھيو، پر پنھنجي پڙھائيءَ جي شوق کيس پنھنجي ننڍي ڀاءُ تاج جويي کي پاڻ ڪتابن جي ڪئبن ۽ پورھيو ڪري پڙھايو، ۽ پاڻ پنھنجي ننڍي ڀاءُ تاج جويي سان گڏجي ان جي ڪتابن تي پڙھندو ھو، ايڏو ذھين ھوندو ھو جو پنھنجي ننڍي ڀاءُ کان بہ اڳ ڪتاب پڙھي پورو ڪندو ھو، ان پڙھائيءَ جي شوق کيس سنڌ جو بيباڪ قومي ۽ سياسي دانشور، ليکڪ، تنقيد نگار، شاعر ۽ تجزيي نگار بڻايو ـ
سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد 40 آھي، جڏھن تہ سندس 5 ڪتاب اڻ ڇپيل آھن. خاڪي جويي سياست، ادب، تنقيد، تاريخ، فلسفي، تنظيم ڪاريء جي موضوعن تي ناياب ڪتاب لکيا آھن ۽ شاعريءَ ۾ طويل آزاد نظم جو بُنياد وجھندڙ آھي، سندس طويل نظم ايوب خان ضياءُالحق جي آمريت واري دور ۾ پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن ۽ پاڪستان جو مطلب ڇا ڦاھيون ڦٽڪا مارشلا،. جي نالي سان ننڍڙا ڪتاب پڻ ڇپيل آھن جن جا ڪيترائي ڇاپا پڻ ڇپجي چُڪا آھن، سندس شاعريءَ جو ھڪ ٻيو ڪتاب ايءُ خاڪيءَ جو خيال پڻ ڇپيل آھي، جنھن ۾ سندس وايون سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ شاھڪار ۽ منفرد حيثيت جون حامل آھن. سندس ٻيا اھم ڪتاب ھي آھن: تنظيم ڪاريءَ جا اصول، پنجابي شائونزم ۽ مظلوم قومون، ترقي پسند ادب جا معيار، ادب جو قومي ڪردار، ڦريا پسي ڦيڻ، سونھان ڀانئين سُڌ مَ ڏين، جديد قومي ۽ بين الاقوامي نظام، اردو آبادي سائين جي. ايم. سيد جي نظر ۾، سورھيہ بادشاھ وطن يا ڪفن، حب الوطني ۽ انسانيت، سوشل شائونزم ۽ مظلوم قومون، ڪيڏارو، آزاديءَ جو حق، سندس آتم ڪٿا جن پڙھايو پاڻ، ۽ ٻيا شامل آھن، جڏھن تہ سندس ھيٺيان ڪتاب سندس شاندار ترجما آھن: تاريخ ۾ فرد جو ڪردار، ويڳاڻپ جو فلسفو، قومي حق خوداراديت ۽ ان کان علاوہ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ قوم ۽ سياست جا 5 جُلد ۽ ٻيا شامل آھن ـ
جڏھن تہ سائين خاڪي جويو قومي قيادت ۽ قومي ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت ڪرڻ لاءِ 80 جي ڏھاڪي کان قومي تحريڪ جو ترجمان رسالو ساڃاھ مسلسل ڪڍندو رھيوـ
سائين خاڪي جويو قومي تحريڪ ۽ سنڌ جو اھو کرو قومي دانشور ھو، جنھن قومي تحريڪ جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي نظرياتي طور ساڃاھ رسالي، پنھنجن تخليقي ڪتابن ۽ ليڪچرن ذريعي تربيت پئي ڪئي آھي، نہ صرف تربيت پر قومي قيادت جڏھن پنھنجي قومي ڪردار نڀائڻ کان ھڪ پل بہ غافل ٿيندي ھُئي، تہ سائين خاڪي پنھنجي تنقيدي لکڻين ذريعي انھن جي ڪن مھٽ پڻ ڪندو رھندو ھو. جنھن ڪري قيادت سائين خاڪيءَ جي لکڻين کان لھرائيندي ھُئي، ۽ پنھنجو قبلو دُرست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ھُئي ۽ جڏھن بہ قومي تحريڪ مٿان رياستي ادارن ۽ انھن جي ونگارين پاران نظرياتي حملو ڪيو ويو تہ ان جو پنھنجي نظرياتي لکڻين ذريعي پڻ مقابلو ڪندو ھيو ـ
 سائين خاڪي جويو گذريل ڏيڍ مھيني آغا خان ھاسپيٽل ڪراچيءَ ۾ داخل رهيو، نيٺ 2 مئي 2017ع جو صبح 11 وڳي آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ زندگيءَ ۽ موت سان جھيڙيندي گھر ڀاتين سميت سنڌي قوم کي ھميشہ لاءِ اڪيلو ڇڏي ھليو ويو ـ

No comments:

Post a Comment