Saturday, January 21, 2017

Profile of Ali Hassan Chandio

علي حسن چانڊيو 22 جنوري 1963ع ڌاري علي شير چانڊيو جي غريب گهراڻي ۾ اک کولي، ڌاڙيل ٽوھ چانڊيو علي حسن چانڊيي جو چاچو هو. جنهن کي 1963ع ڌاري سن ويجهو ڳوٺ ڇڇر ۾ نشوڏئي ماري ۽ پوءِ پوليس مقابلو ڏيکاريو ويو، علي حسن چانڊيو جي ابن ڏاڏن جو ڳوٺ نوابشاھ جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ نانگا چانڊيو هو پر علي حسن جي چاچي ٽوھ جي مارجڻ کانپوءِ سندس والد پنهنجو ڳوٺ ڇڏي دوڙ لڏي آيو. علي حسن جي پيدائش دوڙ ضلعو نوابشاھ ۾ ٿي، پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم دوڙ مان حاصل ڪري انٽرميڊيئيٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاھ مان ڪئي ان وقت ايس اين ايس ايف جي ڪجھ نجوانن سان سندس دوستي ٿي ۽ اتان ئي هن هڪ ڪارڪن طور سياست جو سفر شروع ڪيو ـ
علي حسن گريجوئيشن ماسٽرس ان پوليٽيڪل سائنس سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي، علي حسن پنهنجي پنجاھ سالن جي حياتيءَ مان لڳ ڀڳ پنجٽيھ سال هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن طور گذاريا، علي حسن ڪچهرين ۾ گهڻو ڳالهائڻ کان وڌيڪ گهڻو ٻڌڻ پسند ڪندو هو يا بنيادي سوال رکندو هو، ماضي بجاءِ آئيندي تي ڳالهائيندو هو ۽ اها سوچ سندس سياسي ڏاهپ جو مظهر هئي، جن سياسي پارٽين کان اختلافن سبب جدا ٿيو، انهن بابت به ڪڏهن ذاتيات ٿي لهي نه آيو ـ
جڏهن 14 اپريل 1979ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي. تڏهن نوابشاھ ۾ ڪجھ نوجوانن جلوس ڪڍي هڪ سرڪاري بس کي باھ ڏني. انهن نوجوانن ۾ علي حسن به شامل هو. ان واقعي ۾ پوليس علي حسن کي گرفتار ڪيو ۽ ڏو ھ باسرائڻ ۽ ساٿين جي نالا ٻڌائڻ لاءِ مٿس سخت تشدد ڪيو، هن تشدد برداشت ڪيو پر دوستن جا نالا نه ٻڌايا ـ
شهيد نظير عباسي علي حسن جو آئييل هو، 9 آگسٽ 1980ع ڌاري جڏهن آمرن تشدد ڪري نظير عباسي کي شهيد ڪيو، تڏهن ان جي ردعمل ۾ هن نوابشاھ ۾ هڙتال ڪرائي، ان کان پوءِ1981ع ۾ حيدرآباد ۾ مارشل لا خلاف لکيل پمفليٽ پڪڙجڻ جي ڪري علي حسن کي پنهنجي ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو، علي حسن کي ڪراچي جيل ۾ بڪي جي تڪليف ٿي هئي، جنهن ڪري کيس سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس ڀيڻ هن کي پنهنجي بڪي ڏني هئي، ان ڏينهن کان وٺي علي حسن جي طبعيت خراب ٿيندي رهي ـ 1983ع ۾ ضياءِ جي مارشل لا خلاف ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، هن کي ضياءِ تي لعنت، مارشلالا مرده باھ ۽ جهموريت زنده باد جي نعرن سبب سزا ڏني وئي، 1990ع ڌاري سويت يونين جي ٽٽڻ کان وٺي 2010ع تائين ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ رهيو ـ
علي حسن چانڊيو پارٽي کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ چپ ڪري نه ويٺو، 2010ع ۾ جڏهن حڪمرانن جي نااهلي سبب ٻوڏ سنڌ کي ٻوڙيو ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجن گهرن کان بي گهر ڪيو. تن جي هن هر ممڪن مدد ڪئي. اس ٽي پي کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ سياسي ڪارڪنن سان گڏجي پريس ڪلب ۾ سنڌ نيشنل موومينٽ جو بنياد رکي چيئرمين بڻيو ـ
علي حسن چانڊيو 17 جولاءِ تي گڙدن ۽ پيٽ ۾ السر جي تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو 23 جولاءِ اڱاري ڏينهن سندس طبيعت بگڙجي وئي ۽ ڊاڪٽرن سندس آءِ سي يو روم ۾ وينٽيليٽر هٿرادو طريقي سان ساھ کڻائي علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نيٺ طبعيت صحيح نه ٿي سگهي ۽ 24 جولاءِ 2013ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌ جي هن جاکوڙي ڪردار جو مڙھ ڳوٺ دوڙ ڳاڙهي پير قبرستان ۾ ڌرتي جي هنج ۾ ملي امر ٿيو، مرحوم پنهنجي پٺيان ٽي پٽ علي رضا، زين العابدين، حيدر علي ۽ گهر واري سميت سوين سياسي ڪارڪن، دوست ۽ مٽ مائٽ سوڳوار ڇڏيا آهن ـ
علي حسن ڇھ ڪتاب لکيا جن ۾ “بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن تائين”، “نئين سنڌ جو سفر”، “نظير عباسي شهيد”، “نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۽ سنڌي قومي تحريڪ” ۽ “جڏهن به سنڌ سڏ ڪيو” شامل آهن، هن “منهنجو سياسي سفر” نالي سان پنهنجي ڊائري لکي جيڪا سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇپجي پڌرو ٿي. ان کان علاوه سندس دوستن علي حسن جي زندگي تي مواد سهيڙي تاثراتي ڪتاب علي شن چانڊيو شخصيت ۽ ڪردار جي نالي سان مارڪيٽ ۾ آندو ـ

No comments:

Post a Comment