ڀڳونتي ناواڻي سنڌين جي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره سنڌوءَ جي نياڻي ڪماري ڀڳونتي ناواڻي جو جنم پهرين فيبروري 1940ع تي ڪراچي ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس اصل اباڻو ڳوٺ نصرپور هو، سندس تعليم ميٽرڪ هئي، پرائمري تعليم ڪراچي ۾ فريئر روڊ وٽ انڊين گرلز اسڪول مان حاصل ڪيائين، 1947ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ 1948ع ۾ فسادن سبب سنڌ مان لڏي مائٽن سان گڏ بمبئي هلي وئي، پهرين ڪمل گرلز هاءِ اسڪول بمبئي ۾ پڙهي، ان بعد هاءِ اسڪول فار سنڌيز بمبئي مان 1957ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ـ ڀڳونتي ناواڻي وارا پاڻ ۾ 3 ڀائر ۽ 3 ڀينرون هيون ۽ ڀڳونتي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٽيون نمبر هئي، ڀڳونتي کي ڳائڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو، ان وقت سندن گهر ۾ ريڊيو نه هوندو هو پر سندن گهر جي هيٺان هڪ گهر ۾ ريڊيو هو ۽ جڏهن به ريڊيو تي ڪو گيت ٻڌندي هئي ته يڪدم ٻڌڻ جي شوق ۾ ڊوڙ پائي ان گهر ۾ ويندي هئي، ان کانسواءِ اسڪول ۾ جيڪي بيت ۽ نظم پڙهيا ويندا هئا، اهي هر وقت گهر ۾ وڏي آواز سان ڳائيندي رهندي هئي، سمورو وقت گهر ۾ ڳائڻ سبب ماءُ جا دڙڪا ۽ ڳالهائڻ به سهڻا پوندا هيس، هن سنگيت جي باقاعدي ڪنهن استاد کان تعليم نه ورتي پر سنگيت اسڪولن ۾ تعليم ورتائين، سال کن ديوڌر ميوزڪ اسڪول بمبئيءَ ۾ ۽ 2 سال کن نکل گهوش ميوزڪ اسڪول بمبئي ۾ تعليم حاصل ڪيائين، عملي سکيا انڊيا پيپلز ٿيٽر ايسوسيئيشن مان ورتائين، ان وقت ننڍي کنڊ جو وڏو ڪهاڻيڪار خواجا احمد عباس ان اسڪول جو صدر هندو هو ـ هوءَ هندستان جي پهرين صف جي گائڪن ۾ شمار ٿيندي هئي، ڪجھ عرصي لاءِ بمبئي ۾ اعزازي طرح اسپيشل ايگزيڪيوٽو مئجٽريٽ به رهي پر هن جي من جو لڳاءِ سنڌي موسيقي سان شاھ جي آخري تند ٽٽڻ تائين قئم رهيو، سنڌ جي هيءَ نياڻي 46 سالن جي ڄمار ۾ 22 آڪٽوبر 1986ع تي سنڌي سنگيت کي ڇورو ڇنو ڪري وئي ـ Saturday, October 22, 2016
Profile of Bhagwanti Nawani
ڀڳونتي ناواڻي سنڌين جي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره سنڌوءَ جي نياڻي ڪماري ڀڳونتي ناواڻي جو جنم پهرين فيبروري 1940ع تي ڪراچي ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس اصل اباڻو ڳوٺ نصرپور هو، سندس تعليم ميٽرڪ هئي، پرائمري تعليم ڪراچي ۾ فريئر روڊ وٽ انڊين گرلز اسڪول مان حاصل ڪيائين، 1947ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ 1948ع ۾ فسادن سبب سنڌ مان لڏي مائٽن سان گڏ بمبئي هلي وئي، پهرين ڪمل گرلز هاءِ اسڪول بمبئي ۾ پڙهي، ان بعد هاءِ اسڪول فار سنڌيز بمبئي مان 1957ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ـ ڀڳونتي ناواڻي وارا پاڻ ۾ 3 ڀائر ۽ 3 ڀينرون هيون ۽ ڀڳونتي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٽيون نمبر هئي، ڀڳونتي کي ڳائڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو، ان وقت سندن گهر ۾ ريڊيو نه هوندو هو پر سندن گهر جي هيٺان هڪ گهر ۾ ريڊيو هو ۽ جڏهن به ريڊيو تي ڪو گيت ٻڌندي هئي ته يڪدم ٻڌڻ جي شوق ۾ ڊوڙ پائي ان گهر ۾ ويندي هئي، ان کانسواءِ اسڪول ۾ جيڪي بيت ۽ نظم پڙهيا ويندا هئا، اهي هر وقت گهر ۾ وڏي آواز سان ڳائيندي رهندي هئي، سمورو وقت گهر ۾ ڳائڻ سبب ماءُ جا دڙڪا ۽ ڳالهائڻ به سهڻا پوندا هيس، هن سنگيت جي باقاعدي ڪنهن استاد کان تعليم نه ورتي پر سنگيت اسڪولن ۾ تعليم ورتائين، سال کن ديوڌر ميوزڪ اسڪول بمبئيءَ ۾ ۽ 2 سال کن نکل گهوش ميوزڪ اسڪول بمبئي ۾ تعليم حاصل ڪيائين، عملي سکيا انڊيا پيپلز ٿيٽر ايسوسيئيشن مان ورتائين، ان وقت ننڍي کنڊ جو وڏو ڪهاڻيڪار خواجا احمد عباس ان اسڪول جو صدر هندو هو ـ هوءَ هندستان جي پهرين صف جي گائڪن ۾ شمار ٿيندي هئي، ڪجھ عرصي لاءِ بمبئي ۾ اعزازي طرح اسپيشل ايگزيڪيوٽو مئجٽريٽ به رهي پر هن جي من جو لڳاءِ سنڌي موسيقي سان شاھ جي آخري تند ٽٽڻ تائين قئم رهيو، سنڌ جي هيءَ نياڻي 46 سالن جي ڄمار ۾ 22 آڪٽوبر 1986ع تي سنڌي سنگيت کي ڇورو ڇنو ڪري وئي ـ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
ڀيرو مل، جيڪو سنڌ ۾ عام طور تي ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌ جي چوٽي جي اديبن مان هڪ هو، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبا...
-
Hemu Kalani هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي ج...
-
Anees Ansari انيس انصاري سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق هو، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ايل نالو الھ بخش ا...
No comments:
Post a Comment