Saturday, October 22, 2016

Profile of Dr Nabi Bux Baloch

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1917ع ۾ علي محمد خان لغاري بلوچ جي گهر سانگهڙ ۾ جنم ورتو، هن کي 21 صدي جي تاريخ ساز شخصيتن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، هن جي سنڌي لوڪ ادب لاءِ ڪيل ڪم کي خاص اهميت حاصل آهي، جيترو ڪم هن سنڌي لوڪ ادب تي ڪيو، ايترو ڪم نه هن کان اڳ ڪنهن ڪيو ۽ نه ئي وري اڃا تائين ڪو ڪري سگهيو آهي ـ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي، فارسي، عربي، اردو ۽ ٻين ٻولين جو ڄاڻو ۽ اسڪالر هو، هن سنڌ جي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ سنڌ جي لوڪ ادب 42 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، انهيءَ کان علاوه هن سنڌي لغت 5 جلدن ۾ لکي، جيڪي تازو ئي سهيڙي ٽن جلدن ۾ پيش ڪئي وئي آهي، هن غلام مصطفي خان سان گڏجي سنڌي کي اردو ۽ اردو کان سنڌي ۾ به لغت لکي، انهيءَ کان علاوه هن سنڌ جي ڪلاسڪ شاعرن شاھ عنايت رضوي، قاضي قادن، خليفي نبي بخش، حمل فقير ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي مرتب ڪري پيش ڪيو ـ
هن لوڪ ادب ذريعي سنڌ جي ريتن رسمن، اٿي ويٺي، رهڻي ڪهڻي بابت سڄي دنيا کي ٻڌايو، انهيءَ کان علاوه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ بهترين محقق، تعليمدان ۽ سٺو نثرنگار هو. هن لوڪ ادب ۾ 42 ڪتابن جي شڪل ۾ ثقافت، ائنٿراپالاجي بابت جيڪو مواد پيش ڪيو، ايترو مواد سڄي دنيا ۾ ڪوبه ليکڪ يا محقق پيش نه ڪري سگيو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اڃا صرف 6 ورهين جو هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن بعد سندس چاچي ولي محمد خان هن جي پرورش ڪئي، 1936ع ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ بهاءَالدين ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان بي اي ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ آمريڪا ويو، جتان ڪولمبيا يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪيائين. هن جي تعليم پوري ٿيڻ تي گڏيل قومن واري اداري هن کي نوڪري آڇ ڪئي پر هن اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي ۽ پنهنجي وطن موٽي آيو، جنهن بعد هن سڄي سنڌ جو دورو ڪيو ۽ گهر گهر وڃي ماڻهن سان مليو. انهن وٽان هر معلومات ورتائين ۽ تعليم ۽ ادب تي انهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. انهيءِ دوران هي سنڌ اطلاعات کاتي ۾ به نوڪري ڪندو هو، بعد ۾ هن پنهنجي تحقيق ۽ تعليم وارين مصروفيتن سبب انهيءَ پوسٽ تان استعيفي ڏئي ڇڏي، جنهن بعد پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور مقرر ٿيو. 1973ع ۾ سنڌي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو. قومي ميرٽ پروفيسر جي اعزاز سان به نوازيو ويو، 1977ع ۾ رٽائر ٿيڻ بعد هن پنهنجو وقت سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ائتٿراپالاجي لاءِ وقف ڪيو، انهيءَ دوران هن آمريڪا، ڪئناڊا سميت مختلف ملڪن جو به دورو ڪيو، هن لب تاريخ سنڌ، تاريخ طاهري، چچ نامه ۽ تاريخ معصومي سميت سنڌ جي تاريخ تي مختلف ڪتاب ايڊٽ ڪيا. هن ياد لطيف ۽ يادگار لطيف سميت مختلف ڪتاب شاھ لطيف جي شاعري تي به لکيا. 1991ع ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل سنڌي ٻولي جي اداري جو چيئمين مقرر ٿيو. 27 مهينن تائين انهيءَ اداري ۾ رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ دل جي تڪليف سبب 6 اپريل 2011ع ۾ گذاري ويو پر هن پنهنجي پويان تاريخ، تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ هڪ ادب تي بيحد مواد ڇڏيو ـ

No comments:

Post a Comment