Saturday, October 22, 2016

Profile Dawood Baloch

ناليواري ڪهاڻيڪار ناشر دائود بلوچ جو پورو نالو محمد دائود ولد شير محمد خان جمالي بلوچ هو، هن 1938ع ڌاري ڳوٺ پاهڙ خان جمالي تعلقي هالا ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو، محمد دائود بلوچ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد اديب عالم ۽ اديب فاضل جا امتحان ۽ بي اي ڪئي، پيشي جي لحاظ کان استاد هو، نوڪريءَ دوران پ ٽ الف ۾ سرگرم رهيو، رٽائر ٿيڻ بعد آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو تاحيات مرڪزي صدر رهيو، ون يونٽ دوران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت پاران هلايل تحريڪ ۾ سرگرم رهيو، محمد دائود بلوچ 1954ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو، سندس پهرين ڪهاڻي، سنڌ خاطر هئي، سندس ڪتابن منهنجا ڀاڳ هن جا ڀاڳ (ڪهاڻيون)، اکڙيون مون اڃاريون (ڪهاڻيون)، انصاف ڪٿي آهي (ڪهاڻيون) ۽ ٻه ترجمو ڪيل ڪتاب ڏهين جو نوٽ ۽ وفادار دوست ۽ ٽي مرتب ڪيل ڪتاب ڪهاڻي 1980ع، ڪهاڻي نمبر1982ع ۽ چار ڪهاڻيڪار چار نقاد وغيره شامل آهن مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون ڇپبا رهيا آهن، سندس لکڻين جا مکيه موضوع طبقاتي جدوجهد، سنڌيت ۽ پيڙهيل طبقن جا حمايت رهيا آهن، محمد دائود بلوچ 1979ع ۾ منصور نالي سان هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو، جنهن طرفان ڪيترا ڪتاب ڇپيا ويا آهن، هن روسي سفارتخاني طرفان منعقد ڪرايل طلوع ادبي انعامي چٽا ڀيٽي ۾ لينن تي مضمون لکي ٽيون نمبر انعام حاصل ڪيو، سندس هڪ ڪهاڻي ايشيائي اديبنجي حوالي سان ڏند عنوان سان انگلينڊ ۾ شايع ٿي، ان کانسواءِ سندس لکڻيون سنڌ توڙي هند جي ڪيترن رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون، محمد دائود بلوچ 14 آڪٽوبر 1996ع تي وفات ڪئي ـ

No comments:

Post a Comment