ڪامريڊ تاج محمد ابڙو 8 آگسٽ 1924ع تي شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو، شاگري واري دور کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا، پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي مان پاس ڪيائين، شاگردي واري دور ۾ سياست ۾ سرگرم رهيا مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوام اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو ويندو هو، هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين، پاڪستان جي پهرين مشهور سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار الوحيد جو ڪجھ وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ قائداعظم جي انگريزي اخبار ڊان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو، لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو، لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رکيائين جيڪا ميموريل لائبريري جي بنياد به ڪامريڊ تاج رکرايو جيڪا اپر سنڌ جي واحد لائبريري آهي لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين ـتاج محمد ابڙو پاڪستان جو واحد جج هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو، سندس جو شمار 1953ع ۾ ڇپيل بائيوگرافيڪل انسائيڪلوپيڊيا آف پاڪستان ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن کي شامل ڪيو ويو اهي، انهيءَ کان علاوه پنجاب ۾ اردو ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما ۾ 15 اهم شخصيتن ۾ شامل ڪيو ويو، تاج جي ادبي همعثر دوستن ۾ اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، يوسف لغاري، سوڀو گيان چنداڻي ۽ ٻيا شامل آهن. ڪامريڊ جو اولاد خالده، ڊاڪٽر عابده ، پروفيسر شاهده، پروفيسر زاهده تاج ابڙو، مير نادر علي ابڙو، حيدر علي ابڙو، پروفيسر گوهر علي ابڙو، مظهر علي ابڙو ۽ ذوالفقار علي ابڙو به مختلف شعبن ۾ پنهنجي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، ڪامريڊ تاج محمد 10 مارچ 1986ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ابوبڪر قبرستان لاڙڪاڻي ۾ ابدي آرامي آهي ـ
No comments:
Post a Comment