Wednesday, October 19, 2016

Profile of Mumtaz Mirza

سنڌ جو ناميارو ليکڪ، محقق، دانشور، پارکو ۽ ڪمپيئر ممتاز مرزا 29 نومبر 1939 تي حيدرآباد شهر جي ٽنڊو آغا جي علي آباد ۾ نامياري شاعر ۽ اديب مرزا گل حسن احسن ڪربلائي جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم آسودومل حڪمتراءِ اسڪول (هاڻوڪي سيٺ حافظ پرائمري اسڪول) ڦليلي ۾ حاصل ، پوءِ ميٽرڪ، انٽر، بي اي ۽ ايم اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين ۽ 16 سالن جي عمر ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائين، ممتاز مرزا 1954ع ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگراني هيٺ جامع سنڌي لغات ۽ لوڪ ادب آفيس ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٽيلي گراف آفيس ۾ به ڪجھ وقت ڪم ڪيو، 1962ع تي حيدرآباد ريِڊيو تي اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پوءِ پروڊيسر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، ممتاز مرزا ريڊيو تي نوڪري دوران ڪيترائي تاريخي ڊراما، فيچر ۽ معلوماتي پروگرام لکيا ۽ پيش ڪيا، جن ان دور ۾ ٻڌندڙن ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي، هن ويهن سالن جي ڄمار ۾ ريڊيو جي جشن تمثيل لاءِ پهريون ڊرامو لکيو، پوءِ ممتاز مرزا 1971ع ۾ حيدرآباد ريڊيو کي ڇڏي شاھ لطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ جو انچار مقرر ٿيو، جتي هن ثقافتي مرڪز طرفان سائين جي ورسي کانپوءِ ٻيا به ڪيترا پروگرام ڪيا ۽ ثقافتي مرڪز جي ترقي ۽ ڪتابن جي اشاعت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ـ
ممتاز مرزا 1974ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خواهش تي سنڌ يونيورسٽي ۾ اسٽوڊنٽس افيئرس ۽ پبلڪ رليشن آفيسر طور جوائن ڪيو پر تقريبن هڪ سال کانپوءِ ممتاز مرزا 1974ع ڌاري يونيورسٽي ڇڏي ڪراچي ٽيليوزن تي بحيثيت اسڪرپٽ پروڊيوسر ۽ پوءِ اسڪرپٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو، ممتاز مرزا ٽي وي تي سنڌي ڊرامن ۽ ٻين پروگرامن کي بهتر ۽ معياري بڻايو ۽ انهن کي اعلي معيار جي سطح تي وٺي ويو، پاڻ ٽي وي جي ڪافي اردو توڙي سنڌي پروگرامن جي ميزباني به ڪيائين، جڏهن حڪومت سنڌ ثقافت ، سياحت، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن جو نئون کاتو قائم ڪيو ته 1990ع ڌاري ممتاز مرزا کي ثقافت کاتي جو پهريون ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو، ان کانسواءِ ڪجھ عرصي لاءِ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چرئرمين شپ به سندس حوالي ڪئي وئي، هن ريڊيو، ٽي وي لاءِ جيڪي مشهور ڊراما لکيا انهن ۾ خاص طور تي آخري رات، پنر ويڊام، واٽون ۽ نيڻ، لاکو ڦلاڻي، پڙاڏو سو سنڌ، ماءُ ۽ محبت، ڪي ڏور به اوڏا سپرين، فيصلو، ستارن ڀري رات شامل آهن، آخري رات اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ٿيو ۽ ڪولمبيا براڊ ڪاسٽنگ جي مقابلي ۾ ان کي ٻيو نمبر مليو، ممتاز مرزا شاھ لطيف ڀٽائي جو شيدائي هو، اهو ئي سبب هو جو سندس هر لکڻي جو عنوان شاھ سائين جي شاعري مان ورتل آهي، ان ڪري هن وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري شاھ سائين جي گنج واري قديم نسخي کي جديد سنڌي صورتخطي ۾ ترتيب ڏنو، ايڏو وڏو ڏکيو ۽ محنت طلب ۽ مقدس ڪم ٻيو ڪوبه ليکڪ محقق نه ڪري سگهيو ۽ اها سعات ممتاز مرزا کي ملي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي سالياني ميلن جي موقعي تي مسلسل ٽيھ سال پاڻ موسيقي جي محفلن ۾ ڪمپيئرنگ ڪندو هيو، ممتاز مرزا سنڌ جي هر هنڌ ۽ جهوني ماڳ مڪان جو سير ڪيو هو، ڪينجهر کان ڪارونجهر، ديبل بندر کان اروڙ، ڪاهور ۽ موهن جي دڙي، گهوڙا ٻاري، کاروڇاڻ، رني ڪوٽ کان عمر ڪوٽ تائين سنڌ جو هر ماڳ ڏٺل هو، اهو ئي سبب هو ڪراچي ٽيليوزن تان پيش ٿيندڙ پروگرام پارکو ۾ ڪيل سوالن جا جواب ڳولي وٺندو هو ۽ اهو پروگرام تمام گهڻو مقبول ٿيو، سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ لوڪ موسيقي جي حوالي سان ڪيل خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان پاران کيس پرائيڊ آف پرفارمنس ، تمغه حسن ڪارڪردگي عطا ڪيو ويو، ان کانسواءِ شاھ لطيف ايوارڊ، قلندر شهباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ کيس ڏنا ويا، ممتاز مرزا آمريڪا، برطانيا، روس، فرانس، ڪوريا، ايران، جرمني، چين، اسپين، ترڪي، ناروي، دبئي سميت ٻين ملڪن ۾ ويو، جتي هن شاھ سائين، سچل سرمست ۽ ٻين صوفين جي ڪلام کي متعارف ڪرايو، حڪومت سنڌ پاران ممتاز مرزا جي ڪيل خدمتن جي عيوض سنڌ ميوزيم جي آڊيٽوريم کي ممتاز مرزا آڊيٽوريم جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ۽ ڪراچي ۾ ايم پي اي هاسٽل سامهون ممتاز مرزا اسٽوڊيو قائم ڪيو ويو، ممتاز مرزا 6 جنوري 1997ع تي دل جو دورو پوڻ ڪري وفات ڪئي، کيس ٽنڊو آغا جي اباڻي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو ـ

No comments:

Post a Comment