نارائڻ شيام والد گوڪل داس ناگواڻي 25 جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ کاهي قاسم، ضلعي نوشهري فيروز سنڌ ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ۽ وڌيڪ تعليم بي اي 1942ع ۾ ڊي جي سنڌ سائنس ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪيائين، پهرين 1945ع ۾ نوشهري فيروز ۾ فارسي جي ٽيچر طور مقرر ٿيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ دهلي پوسٽ ۽ ٽيليگراف کاتي جي آڊٽ آفيس ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ 1980ع ۾ هيڊ ڪلارڪ جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين، پاڻ مستقل طور تي نئين دهلي ۾ رهندو هو، نارائڻ شيام ڪشنچند بيوس جي اثر هيٺ آيل شاعرن مان هو ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سرڪل جي بنياد وجهندڙن ۽ سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هو، ڊي جي سنڌ ڪاليج جي سنڌي ادبي سرڪل ۾ ورهاڱي کان ٿورو اڳ نارائڻ شيام، شيخ اياز، هري دلگير ۽ شيخ راز جديد سنڌي شاعري جو بنياد وڌو، هنن سنڌي شاعري کي نين صنفن ( آزاد نظم ۽ سانٽ) ۽ نون ردمن کان واقف ڪيو ، نوان تجربا ڪيا ۽ سنڌي شاعري لاءِ نيون واٽون ٺاهيون، نارائڻ جي شاعري جو پهريون مجموعو 1953ع ۾ هوي دلگير جي شاعري سان گڏ ماڪ ڦڙا جي نالي سان شايع ٿيو، ماڪ ڦڙا ۾ شيام جي اوائلي ۽ تجرباتي شاعري آهي، جنهن ۾ آزاد نظم، سائيٽ، ترائيل، نظم وغيره شامل آهن، تنوير عباسي جي لفظن ۾ ماڪ ڦڙا ۾ ڪن نظمن جو موضوع سنڌي شاعري لاءِ ان وقت به انوکو هو ۽ اڄ پڻ انوکو آهي شيام جي شاعري جو ٻيو مجموعو پنکڙيون جي نالي سان 1955ع ۾ ڇپيو، جنهن سندس 1954ع جي شاعري شامل آهي، هن مجموعي ۾ هڪ سئو رباعيون ۽ هڪ ڊگهو نظم روپ مايا شامل آهن، رياعي فارسي شاعري جي صنف آهي، جيڪا هڪ خاص بحر فرج ۽ ان جي زحافن تي ٿي آهي، چئن سٽن ۾ خيال جي اونهائي ۾ موضوع جي هميه گيري سان گڏوگڏ ڪنهن حد تائين چوٽ جو عنصر ضروري آهي ـنارائڻ شيام انهي ٺيٺ فارسي صنف کي اعم فهم سنڌي ٻولي جو ويس پهرايو، سو به ان طرح جو سنڌي لهجو، اچار ۽ ردم قائم رهي، اهو فقط شيام ئي ڪري سگهيو آهي، شيام جو ٽيون مجموعو رنگ رتي لهر 1956ع ۾ ڇپيو، هن مجموعي ۾ رڳو عزل اٿس، رنگ رتي لهر کانسواءِ واري ڀريو پلاند 1968ع آڇيندي لڄ مران 1972ع ۾ مهڪي ويل صبح 1983ع پڻ غزلن تي مشتمل آهي، جڏهن ته روشن ڇانورو 1962ع ۾ به ڪافي غزلن جو تعداد شامل آهي، روشن ڇانورو ۾ دوها، سورٺا ۽ ترائيل پڻ شامل آهن ۽ ماڪ ڀنا رابيل 1964ع ۾ وايون ۽ هاڻڪو (جن کي شيام تصويرون سنڏيو آهي)، دوها، سورٺا، بيت، رباعيون ۽ نظم شامل آهن پر غزل شيام جي سموري اعري تي ڇانيل ٿو نظر اچي، شيام جي چپيل ٻين ڪتابن ۾ نه سورنگ نه سا سرهاڻ 1987ع، ڏات ۽ حيات 1988ع، راهون پنڌ پيو، 1988ع نکريو آهن نينهن 1999ع شامل آهن، جيڪي مصطفي نانگراج جا مرتب ڪيل آهن، تنهن کانسواءِ شيام جا ٻه ترجمو ڪيل ڪتاب ڪبير 1980ع ۽ غالب (ايم مجيب جي انگريزي مونوگرام جو ترجمو) 1986ع پڻ ڇپيل آهن، نارائڻ شيام سنڌي شاعري جو سرموڙ شاعر هو، ورهاڱي نارائڻ شيام کي سنڌ کان جدا ڪيو، اها جدائي جسماني هئي پر هو روحاني ۽ فڪري طور تي ڪڏهن به سنڌ کان جدا نه ٿيو ۽ سنڌ ئي هن جو عقيدي ۽ ايمان جو جز هئي ۽ ڌرتي کان جدائي جو درد هن جي شعرن ۾ واضح طور تي ملي ٿو، نارائڻ شيام 10 جنوري 1989ع ۾ ديهانت ڪري ويو ـ
No comments:
Post a Comment