Wednesday, August 31, 2016

Profile of Ustad Khair Muhammad

استاد حاجي خير محمد خان ولد استاد نبي بخش خان بوڌر (مڱڻهار) 1898ع ڌاري جيسلمير ويجهو راجا پرٿوي راج چوهاڻ جي ڳوٺ ڏيوي ڪوٽ (راجسٿان) ۾ جنم ورتو، هن جو واسطو ڀارت ۾ سنڌي شاعر ڳائيندڙ ڪلاسيڪل گهراڻي سان آهي، ماضي ۾ راجسٿان ۾ هنن مڱڻهارن جي مختلف پنگتن جا 24 ڳوٺ هئا، ورهاڱي کانپوءِ سندن ڳوٺ ماڙ ڀارت جو حصو ٿي ويو، ماڙ ڳوٺ ۾ رهڻ ڪري کين ماڙيچا سڏيو ويو، خانصاحب حاجي خير محمد خان شروعاتي موسيقي جي تعليم پنهنجي چاچي استاد سومار خان ٻوڌر کان حاصل ڪئي، حاجي خير محمد خان جو وڏو ڀاءَ محمد اسماعيل عرف سڀ رنگ خان سارنگي ۽ کماچ جو وڏو ماهر ٿي گذريو آهي، سندس چاچو استاد سومار خان پنهنجي ٻن ڀائٽين سان گڏ سانگهڙ ضلعي جي معروف شخصيت خانبهادر غلام محمد خان وساڻ وٽ اچي رهيو، ڪجھ عرصو خانبهادر جي مهربانين هيٺ رهڻ کانپوءِ 1911ع ۾ سخي پير ڪالوني حيدرآباد ۾ گهر ٺاهي اچي آباد ٿيا، خانصاحب خير محمد خان جو آواز ننڍپڻ کان ئي سريلو هو ـ
هن 1918 ع ڌاري ڪلاسيڪي راڳ جي سکيا ٻٽيالا گهراڻي جي بزرنگ بابا امير علي خان کان ورتي، هڪ ڀيري استاد خير محمد خان پير پٿوري جي ميلي ۾ ٿانبوري تي ڪلاسيڪل ڪمپوزيشن ڳائي رهيو هو ته ماڻهن جي رش دوران هڪ سانوري رنگ جي سنهڙي ڇوڪري هٿ ۾ لوٽو کڻي خيرات بهاني سندس اڳيان اچي بيٺي، خانصاحب ڪجھ چاندي جا سڪا لوٽي ۾ وڌا پر هوءَ پوئتي نه هٽي، ماڻهن ان ڇوڪري کي پوئتي هٽايو، اها ڇوڪري جيوڻي ٻائي هئي، جيڪا سندس شاگردياڻي ٿي ۽ اڳتي هلي سنڌي جي نامور ڳائڻي ثابت ٿي، جڏهن هن جا ڪلام گرامون فون ذريعي رڪارڊ ٿيا ته جيوڻي ٻائي جي ڪلامن جي ڪمپوزيشن خانصاحب خير محمد خان ڪئي، خانصاحب خير محمد خان جا ڳايل جيڪي ڪلام گهڻو مقبول ٿيا، تن ۾ نه مار تير پيرا، پيارا تير وارا، منهنجي مارن جو آهي پنڌڙو پري، دلبر لاتو تو سان نينهن وٺا محبت جا مينهن، رمزرندن جي رول ڇا ڄاڻن، ڪي نر سڃاڻن ننگ نيهي، توسان منهنجي دل ڙي الئه ڇو اڙي آ، مون کي پون ٿا پور، جيجل جوڳيئڙن جا ۽ ٻيا گيت اچي وڃن ٿا، انهن کانسواءِ خانصاحب خير محمد خان جا ٻيا به ڪيترا ڪلام ريڊيو دهلي ۽ حيدرآباد تان نشر ٿي ۽ مشهور ٿيا، خانصاحب جي شاگردن ۾ استاد علم الدين خان، مراد فقير، استاد دين محمد خان، استاد شادي فقير، استاد زنوار بسنت، مائي بدرالنساءِ، تيجو خان، استاد خدا بخش خان مڱڻهار، ڪرڙ خان (ڪنڊياري وارو)، عيدل فقير، ۽ ٻيا مشهور راڳي ٿي گذريا آهن، استاد خير محمد خان 1964ع ۾ حج جي سعادت به ماڻي ۽1965ع ۾ وفات ڪيائين، سندس آخري آرمگاھ ٽنڊي يوسف حيدرآباد ۾ آهي، سندس فرزند استاد محمد رمضان مرحوم ۽ پوٽي استاد امير علي به ڏاڏي وانگر پنهنجو نالو ڪڍيو آهي ۽ راڳ جي دنيا ۾ پاڻ مڃايو آهي ـ

No comments:

Post a Comment