برڪت چانڊيي 16 آڪٽوبر 1972ع تي ڳوٺ غازي خان مرکنڊ، تعلقي وارھ، ضلعي لاڙڪاڻي جي خوشحال گهراڻي ۾ احمد خان چانڊيو جي گهر ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪرڻ بعد، مئٽرڪ هاءِ اسڪول وارھ مان پاس ڪيائين، ڪن مجبورين سبب وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، هن جو ننڍپڻ کان قومپرستيءَ ڏانهن لاڙو رهيو. هن فڪر جي ايم سيد کان متاثر ٿي ”جيئي سنڌ محاذ“ کان پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. ضلعي جي مختلف عهدن تي رهندي ڪم ڪيائين. بعد ۾ ”جيئي سنڌ قومي محاذ“ جو به ميمبر رهيو ـبرڪت عرف پريم ديوان پنهنجي ذاتي زندگي ۾ توڙي سياسي حوالي سان ڪميٽيڊ رهيو. هيءَ سائين جي ايم سيد جو نظرياتي ورڪر هوندو هو ۽ سائين جي ايم سيد کان پوءِ بشير خان جي عوامي سياست کان تمام گهڻو متاثر رهيو. اڳتي هلي ”جيئي سنڌ متحده محاذ“ جي پاليسين سان اتفاق ڪندي ان ۾ شموليت ڪيائين ۽ جسمم جو سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر رهيو. برڪت چانڊيو سنڌ جي صوفي عزم واري نظريي جو شروع کان قائل هو، هيءَ شروع ۾ برڪت گل سڏائيندو هو ۽ سندس اسٽيمپ به برڪت گل جي نالي سان ٺهيل آهي پر پوءِ جڏهن هن سنڌ ۾ هندن سان زيادتي ٿيندي ڏٺي، ته ميان مٺو جهڙن جي اسلام کان فراريت حاصل ڪندي، پريم ديوان سڏائڻ لڳو. پريم چوندو هو ته هتي محمد صلي الله وصلم وارو اسلام ڪٿي آهي؟ رسول ڪريم جو اسلام ته امن ۽ آشتيءَ جو پيغام ڏيندو هو، جيڪو رحمت جا ڪڪر وسائيندو هو. هنن ملن وارو ته الائي ڪهڙو اسلام آهي؟ هن جو مطالعو تمام وسيع هو، سندس گهر ۾ به شاندار لئبريري قائم ٿيل آهي ـ
برڪت چانڊيي پنهنجي سياسي زندگيءَ جو گهڻو ٽائم ڪراچي ۾ رهندي گذاريو، جتي هن هندو ماڻهن سان تمام گهڻي ويجهڙائي ڪئي ۽ پورهيت طبقي جو روح روان هوندو هو. هن ڪراچيءَ ۾ تنظيمي طور تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي احتجاجي مظاهرا ڪرايا ۽ جلسن جُلوسن جي اڳواڻي ڪئي. سياسي سرگرمين ڪري رياست ڪيتري وقت کان سندس پٺيان هئي. برڪت چانڊيو 12 آڪٽوبر 2013ع تي گهران ڪراچيءَ لاءِ نڪتو ته رستي مان، ڳُجهن ادارن هٿان کنڀجي ويو، ٻئي ڏينهن 13 آڪٽوبر تي ڪراچي جي ريڪسر لائن واري علائقي مان گولين سان پروڻ ٿيل سندس لاش مليو. تنظيمي دوستن سندس مڙھ اباڻي ڳوٺ گاجي کهاوڙ پهچايو ۽ 14 آڪٽوبر تي سوين قومي ڪارڪنن جي قافلي ۾ سن آڻي، سائين جي ايم سيد جي پيراندي کان پنهنجي شهيد ساٿين روپلي چولياڻي، مظفر ڀٽي ۽ افضل پنهور جي ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ـ
No comments:
Post a Comment