Wednesday, July 9, 2014

Profile of Sadhu T.L Vaswani


Sadhu T.L Vaswani
سنڌ جو مشهور صوفي منش، ويدانتي اسڪالر، تعليمدان ۽ شاعر ساڌو ٽي ايل واسواڻي جو اصل نالو ٿانورداس ليلارام واسواڻو هو، جنهن 25 نومبر 1879ع تي حيدرآباد سنڌ جي واسواڻي خاندان ۾ جنم ورتو، سندس ماتا جو نالو رام ديوي هو، هيءَ سندس ٻيو نمبر پٽ هو، جڏهن ته سندن پهرئين پٽ جو نالو پهلاج راءِ هو، جيڪو ٽي ايل واسواڻي جي شش ۽ موجوده واسواڻي مشن/ ٽرسٽ پوني جي سنڀاليندڙ داد جشن واسواڻي جو والد هو، ٽي ايل واسواڻي اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم پوري ڪري ايم اي جي ڊگري ورتي ۽ ڪلڪتي جي ”ميٽروپوليٽن“ ڪاليج ۾ تاريخ ۽ انگريزي جو استاد مقرر ٿيو، جيڪو ڪاليج اڳتي هلي ”وديا ساگر“ ڪاليج سڏيو ويو. ان زماني ۾ 30 سالن جي عمر ۾ ساڌو واسواڻي جي علمي ڄاڻ جو اهو مقام هو جو هن برلن ۾ ڪوٺايل دنيا جي مذهبن جي ڪانگريس ۾ هندستان پاران شرڪت ڪئي، ان کانپوءِ ساڌو واسواڻي ڪجھ وقت لاءِ لاهور جي ديال سنگھ ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو، بعد ۾ ڪوچ بهار جي وڪٽوريا ڪاليج جو پرنسپال ٿيو، ان بعد مهاراجا پٽيالا کيس مهيندرا ڪاليج جي پرنسپال ٿيڻ جي آڇ ڏني پر ان وقت نوڪري تان استعيفا ڏئي اچي پنهنجي شهر حيدرآباد سنڌ ۾ رهيو، انهيءَ زماني ۾ هندستان ۾ مهاتما گانڌي ”ستياگرھ“ تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ هن ”اوم منڊلي“ جي سوين عورتن ۾ مردن سان گڏجي ڪراچي جي “خالق ڏني هال“ آڏو حصو ورتو، پوليس کي ٻين ستياگرهن سان گڏ گرفتار ڪيو ۽ سمورن کي 14 ڏينهن جي جيل جي سزا ڏني وئي پر ساڌو واسواڻي جي شهرت ۽ علميت کي ڏسي کيس چئن ڏينهن بعد آزاد ڪيو ويو، هن ستياگرھ تحريڪ جي حمايت ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، ساڌو واسواڻي 1933ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪيترائي فلاحي ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا، جن کي سڄي دنيا اندر ”ميرا موومينٽ ان ايجوڪيشن“ سڏيو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد جديد سائنسي تعليم ۽ آدرشن سان ناتو جوڙڻ هو. هيرآباد ۽ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل ”سينٽ ميران اسڪول“ ان جو عام مثال آهي، جتي ٻارن ۾ سائنسي تعليم سان گڏ سندس ڪردار جي جوڙجڪ ۽ سندس دل ۾ خلوص، خدمت ۽ قرباني جا گڻ پيدا ڪرڻ هو، ساڌو واسواڻي جو ”ميران يونيورسٽي“ قائم ڪرڻ جو خواب 1947ع جي ورهاڱي  ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. ساڌو ٽي ايل واسواڻي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ نه ڇڏڻ جو ارادو ڪيو پر ڀارت مان آيل ڪجھ پناھ گير مسلمان جي رويي کي ڏسندي هن مجبورن 16 نومبر 1948ع تي وطن جا واڻ ڇڏيا، پهرين ڪجھ وقت بمبئي ۾ رهيو ۽ فيبروري 1949ع تي پوني شهر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين، سنڌ جي هن سپوت 14 جنوري تي ويل چيئر تي ويهي ڌن ۽ ڪپڙا غريبن کي دان ۾ ڏنا ۽ 16 جنوري 1966ع تي پوني ۾ وفات ڪئي، مرڻ وقت وصيت ڪيائين ته سندس هاٺيون سونهاري سنڌ ۾ موڪلي سنڌو ندي ۾ پروان ڪيون وڃن، 13 اپريل 1966ع تي اها رسم حيدرآباد ۾ ادا ڪئي وئي ۽ گدو وٽان سندس خاڪ کي سنڌ جل جي حوالي ڪيو ويو ـ

No comments:

Post a Comment