| Aasam Nathan Shahi |
غلام رسول سولنگي جو ادبي نالو آثم ناٿن شاهي هو، هن 2 جنوري 1937ع تي ڳوٺ کاٿڙي تعلقي خيرپور ناٿن شاھ ضلعي دادو ۾ الله بخش سولنگي ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. آثم ناٿن شاهي پنج درجا سنڌي پڙهڻ کانپوءِ عربي ۽ فارسي تعليم پنهنجي ناني مولوي فيض محمد ”پريشان“ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ الهر کپي جلباڻي جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي، پيشي جي لحاظ کان پاڻ ڪڏهن مزدوري، ڪڏهن کيتي ته ڪڏهن خانگي ملازمت ڪرر گذر سفر ڪندو رهيو، کيس ننڍپڻ کان ئي شعرو شاعري سان لڳاءُ رهيو، 1962ع کانپوءِ ناليواري شاعر ”محسن“ ڪڪڙائي جي اصلاح هيٺ شعر چوڻ لڳو، ”بزم طالب المولي“ شاخ خيرپور ناٿن شاھ سان وابسته ٿي علمي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو، 1963ع ۾ ”محسن ڪڪڙائي“ سان گڏجي ”اداره فلاح و بهبود خيرپور ناٿن شاھ“ قائم ڪيائين ۽ هڪ لائبريري به کوليائين، سندس شاعري جا 3 مجموعا ”جڏهن الا اڀ ۾“ 1994ع ۾ ۽ لهرون لهرون لاٽ 1998ع ۾ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ ۽ ”ڇا چيس آئيني؟ رم جهم پبليڪيشن دادو طرفان شايع ٿيا آهن. کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور ”ڪينجهر ادبي ايوارڊ“ 1994ع ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان سندس ڪتاب تي نقد انعام مليا، سندس وفات 6 آڪٽوبر 2006ع ت ٿي ـ
No comments:
Post a Comment