Sunday, April 13, 2014

Profile of Badam Natwan

Badam Natwan
سنڌي زبان جي نامور ليکڪه بادام ناتوان جو جنم 1930ع ڌاري شاڪارپور ۾ ٿيو، هن ننڍڙي عمر ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو، بادام ناتوان جو هڪ انٽرويو گهڻو وقت اڳ ماهوار ”اديون“ ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي نالي جي باري ۾ چيو هو ته نالو بادام اٿم، جنهن لاءِ اڪثر آدمي پڇندا آهن ته هيءَ نالو ڇو؟ حقيقت هن طرح آهي شڪارپور ۾ ڪوئيٽا جا پٺاڻ سرد موسم ۾ ايندا هئا، جن جون نياڻيون تعليم وٺڻ لاءِ اينديون هنيون، انهن پٺاڻين جا اهي نالا هوندا هئا ۽ امان اسڪول جي هيڊ مسٽريس هوندي هئي ۽ انهن مان هڪ نالو يعني ”بادام“ مون لاءِ منخب ڪيائين، بادام ناتوان جي تعليم ميٽرڪ (بمبئي يونيورسٽي) هئي پر سندس مطالعو وسيع آهي، هن پنهنجو تخلص ناتوان ان ڪري رکيو جو سندس چوڻ مطابق عورت ذات ناتوان يعني ڪمزور آهي، هوءَ بادام ناتوان جي ادبي نالي سان ادبي حلقي ۾ مشهور ٿي. بادام ناتوان جي پهرين تصنيف جو نالو شڪسته زندگي آهي، اهو ڪتاب ٻن ڀاڳن ۾ ورهايل آهي ۽ ڪتاب جو هر هڪ ڀاڳو اڍائي سو صفحن تي مشتمل آهي، سندس ٻي تصنيف آهي ”خوش خصلت خاتون“، هن پهريون ڪتاب ڪراچي مان ڇپرايو هو ۽ سندس ٻيو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿرو هو، جنهن جو ٻه سو ڪاپيون ۽ انعام به ان وقت جي بورڊ جي سيڪريٽري محدم ابراهيم جويي ڏانهس موڪليو هو، بادام جي ٽين تصنيف ”قلبي اڃ“ آهي، جيڪا شڪارپور مان شايع ٿي، جنهن تي برک دانشور ۽ اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي تبصرو ڪيو هو، ان کانسواءِ سندس تصنيفن ۾ ”نماڻي نار“، ”خلوت ۾“ ۽ ”رنم رت ڦڙا“ قابل ذڪر آهن ـ
مرحومه پنهنجي ڀيڻ روشن آرامغل جي وفات تي سندس هڪ رسالو ” تنهنجي ياد ۾“ پڻ ڇپايو هو، بادام ناتوان سنڌي ادب جي پهرين عورت هئي جنهن مضمون کي فڪشن جو روپ ڏنو ، بادام ناتوان کي سنڌي ٻولي سان گڏوگڏ فارسي ، اردو ۽ انگريزي زبانن جي پڻ خاصي ڄاڻ هئي، هن 8 فيبروري 1988ع پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور ۾ وفات ڪئي ـ

No comments:

Post a Comment