Monday, April 7, 2014

Profile of Bashir Khan Qureshi

Shaheed Bashir Khan Qureshi
بشير خان قريشي جو پورو نالو بشير احمد قريشي هيو، سندس جنم 10 آگسٽ 1959ع ٿي رتو ديرو شهر جي موٽڻ پور محلي ۾ ٿيو، هن جو تعلق صفا هيٺين وچولي طبقي جي هڪ ڪٽنب سان هيو، سندس والد غلام مرتضيٰ قريشي پنهنجي ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي هلائيندو هو ۽ اناج جو واپار ڪندو هو، بشير خان قريشيءَ پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم رتيديري مان ئي حاصل ڪئي،
هن 1974ع ۾ ميٽرڪ ۽ 1976ع ۾ انٽر سي اينڊ ايس ڪاليڪ شڪارپور مان پاڪ ڪئي هئي. هن 1976ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي، جتي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو، 1980ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس ڦيڊريشن (جساف) زرعي يونيورسٽي يونٽ جو صدر چونڊيو ويو. 1981ع ۾ کيس زرعي يونيورسٽي مان هڪ سال جي لاءِ رسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو هو، 1982ع ۾ هيءَ جساف جو مرڪزي نائب صر چونڊيو ويو ۽ چئن سالن بعد 1986ع ۾ کيس جساف جو مرڪزي صر چونڊيو ويو، 1990ع ۾ هيءَ وري ساڳئي عهدي تي چونڊيو ويو.
1976ع کان وٺي 1995ع تائين، هن جي سموري سياسي نظرياتي ترتيب سنڌ جي عظيم قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي ويجهڙائپ ۾ رهندي ٿي. 25 اپريل 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کانپوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) قائم ڪيو ويو، اُن وقت هو جيل ۾ هيو پر پوءِ به کيس ان جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو. 1996ع ۾ کيس جسقم جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ۽ 1998ع ۾ کيس جسقم جو چيئرمين چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هيءَ پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين رهيو.
هن پنهنجن پونئيرن ۾ زال سعيده قريشي، چار پٽ ۽ چار ڌيئر سوڳوار ڇڏيون آهن.
سنڌ جي هن بهادر اڳواڻ کي ڪيترائي ڀيرا گرفتار به ڪيو ويو، هن کي پهريو ڀيرو ٽنڊوڄام جي پوليس 1978ع ۾ گرفتار ڪيوهو، هن کي 15 جنوري 1985ع تي رتوديرو مان گرفتار ڪيو ويو هو، هيءَ حيدرآباد جيل ۾ ڪيتري عرصي تائين بند وارڊ پڻ رهيو هيو، هن کي ان وقت جي ملٽري ڪورٽ هڪ سال ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا پڻ ڏني هئي، جنهن تي 11 آگسٽ 1988ع ۾ سنڌ ۾ ٿيل نسلي جهڳڙن دوران گرفتار ڪيو ويو، هن ڀيري کيس 18 مهينن تائين جيل ۾ رکيو ويو، وري کيس 2 جنوري 1999ع تي وري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ساڳئي سال جي نومبر مهيني ۾ کيس آزاد ڪيو ويو، هن کي آخري ڀيرو 15 سيپٽمبر 2011ع تي هٿيار رکڻ جي ڪوڙي الزام هيٺ ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو، اهڙي رح هيءُ جملي 6 سال 10 مهينا جيل ۾ رهيو.
هن تي ڪيترائي ئي قاتلاڻا حملا پڻ ٿيا هئا، جن مان هيءُ بچي ويو هو، مٿس هڪ حملو جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ ۽ ٻيو جلوس جي صورت ۾ ڪراچي ۾ ويندي ٿيو هو. 7 اپريل تي سڪرنڊ ۾ هن جو پراسرار طريقي موت ٿيو، سندس پارٽيءَ جو چوڻ آهي ته کيس ان ڪنوينشنل زهر ڏئي راهه تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ـ

No comments:

Post a Comment