![]() |
| Zarina Baloch |
جيجي زرينه بلوچ پرائمري اسڪول قاضي عبدالقيوم ۾ پڙهي ۽ اتان هن 1960ع ڌاري فائينل پاس ڪيائين ان بعد 1963ع ڌاري اسڪول غلام علي نانا ۾ بحيثيت استاد مقرر ٿي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس واري اسڪول ۾ پڙهائڻ لڳي اهڙي طرح هيءَ مسلسل 36 سال درس و تدريس جي مقدص پيشي سان منسلق رهي ۽ آخر 1996ع ڌاري رٽائرمينٽ ڪيائين. جيجي زرينه بلوچ گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ هئي. پاڻ استاد، قومي ڪارڪن، اديب، اداڪاره، ڪهاڻيڪار ۽ لوڪ فنڪاره هئي. هن کي ٽن ٻارن جو اولاد هيو جنهن ۾ ڊاڪٽر اسلم پرويز، اياز لطيف پليجو ۽ اختر بلوچ آهن.
جيجي زرينه بلوچ جي والده جيجي گل روز 1940ع ڌاري وفات ڪري وئي جنهن کان پوءِ هن جي تربيت سندس ڏاڏي ۽ والد صاحب ڪئي. کيس ڏاڏو پيار مان هن کي ”گاگي“ ”هوري“ ”جلوان“ جي نالن سان سڏيندو هو. جيجي زرينه کي ٻالڪپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو جڏهن هيءَ پنهنجي پيءَ سان گڏ مولودن جي محفل ٻڌڻ ويندي هئي ان کان علاوه هن ننڍڙي عمر ۾ جيوڻي ٻائي جو راڳ ٻڌو ته سندس طبيعت راڳ ڏانهن مايل ٿي. جيجي زرينه جڏهن ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد ۾ استاد هئي ، رسيس ۾ ويهي مختلف لوڪ گيت جهونگاريندي هئي جنهن ۾ ڀڳت ڪنور رام جا ڳايل ڪلام ڪئين ريجهايان توکي ڪئين پرچايان......... ، نالي ڌڻيءَ جي ٻيڙو....، آءَ ڪانگا ڪر ڳالھ ..... کيس ڏاڍا وڻندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سندس ساٿي ٽيچرس کيس صلاح ڏني ته تون باقائده راڳ جي سکيا وٺي ريڊيو تي ڳاءِ. ڇو ته تنهنجو آواز تمام رسيلو آهي. انهيءَ دور ۾ دادي ليلان کي هن اسڪول جي فنڪشنن ۾ راڳ ڳائيندي ٻڌو ۽ پاڻ به موسيقيءَ جي شروعاتي تربيت دادي ليلان کان ئي ورتائين ان کان پوءِ پاڻ ريڊيو تي هڪ ڳائڻ جي مقابلي ۾ حصو ورتائين جنهن ۾ هن ٽيون نمبر حاصل ڪيو اهڙي طرح هن 1960ع ڌاري فرضي نالي زرينه بلوچ سان سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ريڊيو حيدرآباد تان ڳائڻ جو آغاز ڪيائين اهڙي طرح هن استاد محمد جمن کان موسيقيءَ جي تربيت ورتائين ۽ هيءَ ريڊيو جي مشهور سنگر بڻجي وئي. سندس موسيقيءَ ۾ استاد دادي ليلان ۽ استاد محمد جمن چيا وڃن ٿا جڏهن ته سندس ادب ۽ سياسي شعور جو دڳ ڏيندڙ محترم رسول بخش پليجي ڏانهن وڃي ٿو.
جيجي زرينه جون فن جي دنيا ۾ ڪيتريون ئي خدمتون آهن پر سندس ڳايل سنڌي لوڪ گيت ۽ سندس لکڻيون جيجي کي اعليٰ مقام تائين پهچائين ٿيون. سندس ڳايل مشهور لوڪ گيت جنهن ۾ ڀيڻ منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾، ڇڏ پراوا سونا ڪنگڻ، شل بوند وسيءَ، سانوڻ رت ۾ سانورا وغيره سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا وڃن ٿا. جيجي زرينه کي لوڪ گيتن جي راڻيءَ جو خطاب مليو. ان کان علاوه هن ريڊيي تي ڳائڻ کانسواءِ ڊرامه، فيچر ۽ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي آهي هن1966ع ڌاري پي ٽي وي تي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ڳايو جتي کيس پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. هن سنڌي، بلوچي، اردو، سرائڪي ۽ پنجابي ۾ به ڳايو آهي کيس پرڏيھ ۾ به ڳائڻ جو موقعو مليو جنهن ۾ آمريڪا، برطانيه، دبئي، هندستان، ڪئناڊا شامل آهن. جيجي زرينه جون ڪيتريون ئي لوڪ گيتن جون ڪيسٽون پڻ مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون آهن. ان کان علاوه هن کي بهترين ڳائڻي، بهترين ماسترياڻي، قومي ڪارڪن ۽ ڪمپيئر هجڻ سان گڏ سٺي ڪهاڻيڪار هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. سندس پهرئين ڪهاڻي ماهوار روح رهاڻ ۾ ڇپي جنهن جو موضوع هو ”مان توکي گيت ڏيان او ڌرتيءَ“ سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪهاڻي جو ڪتاب ”تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون“ ڇپجي چڪو آهي. جيجي زرينه تي هڪ ڪتاب نصير مرزا پڻ لکيو آهي ان کان علاوه پاڪستان ٽيليويزن تي هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. جنهن ۾ جنگل ۽ هٿين گل ميندي کي ڏسندڙن طرفان تمام گهڻي موٽ ملي، جيجي زرينه کي فن جي دنيا ۾ خدمتون ڏيڻ جي عيوض ڪيترائي مڃتا ايوارڊ مليا آهن پر سنڌ جا ماڻهو هن سان ايتري محبت ڪن ٿا جو احترام ۽ عزت مان کيس جيجي يعني ماءُ ڪوٺين ٿا. جيڪو اعزاز سنڌ جي ٻئي ڪنهن به ڳائڻي کي ناهي مليو پر ان جي باوجود کيس ٻين ايوارڊن سان گڏ شاھ لطيف ايوارڊ ۽ قلندر لال شهباز ايوارڊ مليا. سنڌ جي لوڪ گيتن جي راڻي جيجي زرينه بلوچ 25 آڪٽوبر 2005 تي وفات ڪئي ـ

No comments:
Post a Comment