Wednesday, April 9, 2014

Profile of Shaikh Ayaz

Shaikh Ayaz
شڪارپور جي شيخن جي پاڙي ۾ رهندڙ غلام حسين ولد بنگل خان شيخ جيڪو شڪارپور جي ڪورٽ ۾ ڪم ڪندو هيو، غلام حسين شيخ سرڪاري طور لا ايجنٽ شڪارپور ڪورٽ ۾ ڪم ڪندو هيو، ۽ هن ڪيترائي پنهنجا شاگرد به تيار ڪيا جيڪي قانون جي معاملي ۾ ماڻهن جي مدد ڪندا هئا، جن ۾ سندس نمايان شاگرد منشي عبدالغفور جوکيو هيو. هڪ ڀيري غلام حسين شيخ ڪورٽ ۾ڊيوٽيءَ دوران هڪ جج سان ٽڪرجي پيو ۽ ڪاٺ جو رول جج کي مٿي ۾ هڻي ڪڍيائين جنهن کان پوءِ هي ڪجھ وقت لاءِ هندستان هليو ويو.
 غلام حسين شيخ جي شادي مائي دادن سان ٿي جنهن کي هو پيار مان بختاور سڏيندو هيو، جنهن مان کيس ٻه ٻار مبارڪ علي (شيخ اياز) ۽ سبحان خاتون ڄاوا. مبارڪ علي (شيخ اياز) 2 مارچ 1923ع مطابق 12 رجب 1341ھ جمعي ڏينهن تي ڄائو. جڏهن پڙهڻ جهڙو ٿيو ته کيس هندو سنڌي ميونسپل اسڪول نمبر 3 شڪارپور ۾ داخل ڪيو ويو. جتي سندس استاد نجم الدين قاضي، عبدالرحمن هڪڙو، شير علي خان پٺاڻ ۽ واحد بخش "عاشق" پيرزادو هئا، جن جي محنت ۽ نگهبانيءَ هيٺ هن 1936ع ڌاري پرائمري پاس ڪئي، ان کان پوءِ نيو ايريا هاءِ اسڪول شڪارپور ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان سيڪنڊريءَ جي تعليم ورتائين. انهيءَ دور ۾ سندس استاد مينگهراج هنشاراماڻي، هاسانند پرسواڻي، کيئلداس "فاني" بيگواڻي، ڇڳومل، ريجهومل ۽ سومدت هيا. ۽ اهڙي طرح هن 1941ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي پاڻ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس ڇيلا سنگھ ۽ سيتلداس (C&S)ڪاليج شڪارپور ۾ پڙهيو، جتي سندس استاد گهنشامداس هٿراڻي، ڀوڄراج ناگراڻي حشتمراءِ چوٿرام ملڪاڻي، نقوي، خان، هاشمي، گني، گاجرا ۽ ڀٽا چاريا هئا. اهڙي طرح هن 1943ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو. ان کان پوءِ هي بيچلر ڊگري وٺڻ لاءِ ڪراچي جي ڏيارام ڄيٺمل (DG)ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳو اتان هن 1945ع ۾ بي اي پاس ڪيائين ان کان پوءِ کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ جو شوق پيدا ٿيو، ۽ هن ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کان رهنمائي حاصل ڪئي. جڏهن هي علامه اقبال تي ٿيسز لکي رهيو هو ته ان وقت ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي ديهانت ڪري ويو ۽ سندس اهو ڪم اڌورو رهجي ويو. ان کان پوءِ هن 48-1947ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين ۽ هي ڪراچي سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو، ۽ ان دوران 1950ع ڌاري هن عبدالقادر شيخ، عبدالحئي قريشي ۽ خالد اسحاق سان گڏجي وڪالت جي شروعات ڪيائين ۽ اهڙي طرح ٻه سال ڪراچي ۾ وڪالت ڪري 1952ع ۾ سکر ۾ اچي پاڻ الڳ وڪالت ڪرڻ لڳو.
 شيخ مبارڪ علي کي قانون ۽ شاعري ورثي ۾ مليا ۽ سندس والد صاحب جنهن جو مان مٿي ذڪر ڪيل آهي، پاڻ قانوندان، سنڌي ۽ فارسي جو پنهنجي دور جو ڀلو شاعر هيو. شيخ مبارڪ عليءَ جو شروعاتي دور ۾ تخلص مبارڪ علي مبارڪ هيو ۽ بعد ۾ شيخ اياز جي نالي سان سنڌي، اردو ادب تي راڄ ڪرڻ لڳو.
شيخ اياز جي شادي زرينه سان ٿي جنهن مان کيس انيس اياز، سليم اياز، ياسمين، روحي ۽ نگهت ڄاوا، ۽ ٻي شادي اقبال بيگم سان ڪيائين جنهن مان هن کي مونس اياز، سرمد اياز ۽ وينگس پيدا ٿيا.
پاڻ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمن سان واڳيل رهيو. جنهن ۾ بزم صوفياءَ سنڌ جو سرگرم ڪارڪن، جي ايم سيد سان متحده محاذ ۾، شيخ مجيب الرحمٰن جي عوامي ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو.
 شيخ مبارڪ علي جيڪو سڄي سنڌ جو شيخ اياز بنجي چڪو هو. تنهن قومي جدوجهد ۾ جيل ياترا به ڪئي هي پهريون دفعو 1965ع ۾ ٽي مهينا، ٻيون دفعو 1968ع  ۾ ساهيوال جيل ۾ ۽ ٽيون دفعو 1971ع ۾ ايوب خان جي آمريت جي خاتمي تائين جيل ڀوڳيائين.     
 شيخ اياز ٻاهرين ملڪن ۾ به ويو جنهن ۾ هندستان، روس، انگلينڊ ۽ دبئي اچي وڃن ٿا پاڻ 13 جنوري 1976ع کان 22 جنوري 1980ع تائين سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر رهيو. هن وقت تائين سندس تقريبن 53 ڪتاب جن ۾ شاعري، ڪهاڻيون، اردوشاعري، خط، تقريرون، ترجما ۽ آتم ڪٿا جا چار جلد ڇپجي چڪا آهن سنڌ جو هي عظيم شاعر ۽ سنڌي ادب جو روشن باب نيٺ 28 ڊسمبر 1997ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ڀٽائي جي هنج ۾ ڪراڙ جي ڪپ تي ابدي آرامي ٿيو ـ

No comments:

Post a Comment