Wednesday, April 9, 2014

Profile of Rashid Morai

Rashid Morai
راشد مورائيءَ جو جنم 5 مارچ 1944ع ۾ ڳوٺ جوڻالي تعلقه موري ۾ سيد سعيد علي شاھ "خادم" جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب پنهنجي دور جو سٺو شاعر هيو. ۽ اهڙي طرح راشد مورائي کي شاعري به سندس وڏڙن کان ورثي ۾ ملي. پاڻ 1961ع ۾ پرائمري استاد ٿيو، ۽ پنهنجي پوري سروس دوران نهايت ايمانداري سان تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو، سندس ذهن جي پختگي جو سبب جي ايم سيد جي شخصيت آهي جنهن کيس پنهنجي پيار ۽ شفقت جي اثر هيٺ سندس طبيعت تي انتهائي وڏو اثر ڇڏيو آهي جنهن ڪري پاڻ هن وقت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو عاشق به آهي ته محبوب به آهي. سائين راشد مورائي سٺو نقاد، مقرر، سماجي اڳواڻ، تاريخ جو ڄاڻون هئڻ سان گڏو گڏ ڀلو مهمانواز پڻ آهو. مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي. سندس اوطاق تي مهمانن جو سدائين ميلو متل هوندو هيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ڪهي آيل سندس چاهيندڙن ۾ سندس مداح، فنڪار، شاعر، اديب، قلمڪار، سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪن هوندا هئا.  جيڪي هن سان ڪچهري ڪري اتساھ وٺندا هئا. اهي سڀ سندس اوطاق تان محبتون ماڻي پنهنجي ماڳن تي روانا ٿيندا هئا.
سائين راشد جو پنهنجي اوڙي پاڙي وارن سان ورتاءُ انتهائي شفقت وارو هوندو هيو، پاڻ سندن غمين خوشين ۾ هر وقت ڀاڱي ڀائيوار هوندو هيو سندس چوڻ هوندو هئس ته جيڪڏهن ماڻهن جي خوشين ۾ شرڪت جي سگھ نه ٿا ساري سگهو ته سندن غمين ۾ ضرور شرڪت ڪندا ڪيو. جنهن تي هو پاڻ به انتهائي ذميواريءَ سان عمل ڪندو هيو. هن سڄي سنڌ جا ڳوٺ، واهڻ، وسنديون گهمي ڏٺيون هيون ۽ هن پنهنجي ڏات جي ذريعي سڄي سنڌ ۾ محبتون ماڻيون آهن پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق آهي جنهن ۾ سندس شاعريءَ جا ست ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ ان کان علاوه سندس چار ڪتاب نثر جا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڻ ڇپيل مواد تقريبا ڏهاڪو کن ڪتابن کان مٿي آهي.
سائين راشد مورائي پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو. هي اسٽيج جو بادشاھ گر شاعر هو. سندس انقلابي شاعري ۽ رومانوي شاعريءِ کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي محبت ۽ مقبوليت ملي. سنڌ جا ماڻهو سندس قلمي پورهئي کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا.
سائين راشد مورائي سڄي عمر تعليم ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ پنهنجون خدمتون ڏئي پنهنجي قوم سان ڀرپور پيار جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي صحت جي ضعيفي حالت هوندي به زندگي جي آخري پساهن تائين پنهنجي قلم ۽ ڏات سان سنڌ واسين کي سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ ڪوشا رهيو.  پاڻ بيماريءَ جي حالت ۾ به سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي، سماجي تقريبن ۾ وڃي سنڌي قوم جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو هو. سائين راشد مورائي پنهنجي سڄي عمر خود داريءَ سان گذاري. هي ڪڏهن به ڪنهن آمر وٽ نه جهڪيو. پر هن سدائين سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جا گيت پنهنجي قوم کي ارپيا، 5 مارچ 2014ع تي هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري 70هين سالگرھ ملهائي ۽ سندس هن سالگرھ جون ٽي تقريبون منعقد ٿيون، جنهن ۾ ٻه تقريبون موري شهر ۾ ۽ هڪ تقريب پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ٿي گذري، پاڻ 11 هين مارچ تي تمام گهڻو بيمار ٿي پيو جنهن سبب هن کي سول اسپتال نوابشاھ ۾ آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، پاڻ آخري دم تائين رياست جي آڏو علاج لاءِ هٿ نه ٽنگيائين ۽ سرڪار جي بي حسيءَ سبب سندس صحيح علاج نٿيو، نيٺ سندس مائيٽ کيس حيدرآباد کڻائي آيا. پر ان وقت سائين سندس جسم کي ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي چڪيون هيون، جنهن ۾ بلڊ پريشر، شگر، هيپاٽائيٽس، ڦڦڙن ۾ پاڻي وغيره هيو، نيٺ سنڌ جي هن ارڏي شاعر جي ساھ جي تند 24 مارچ تي ٻه وڳي ٽٽي پئي. اها خبر وڄ وانگر سڄي سنڌ ۾ پکيڙجي ويئي. سندس جسد خاڪي شام جو ستين وڳي موري آندو ويو. هر اک آلي هئي. 25 مارچ تي سندس تدفين ۾ سنڌ جا عالم، اديب، شاعر، قومي ڪارڪنن، سياسي سماجي اڳواڻ سميت شهري وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، کيس صوفي راڳ جي سنڱ سان قبرستان تائين نيو ويو. قومي جهنڊي ۾ ملبوس راشد پنهنجي آخري سفر ڏانهن روانو ٿي ويو. قومي تراني سان کيس ڀيٽا ڏني وئي ـ

No comments:

Post a Comment