Tuesday, April 22, 2014

Profile of M.H Panhwar

M.H Panhwar
سنڌ ڌرتيءَ جو مشهور تاريخدارن، سائنسدان، زراعت ۽ آبپاشيءَ جو ماهر انجنيئر ايم ايڇ پنهور 25 ڊسمبر 1925ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ پيدا ٿيو. سندس پورو نالو محمد حسين پنهور هو. شروعاتي تعليم کانپوءِ هن 1949ع ۾ ڪراچيءَ جي (NED) انجنيئرنگ ڪاليج مان انجنيئرنگ ڪئي ۽ پوءِ 1953ع ۾ آمريڪا جي Wisconson يونيورسٽيءَ مان زرعي انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. پنهور صاحب ڪافي عرصو سنڌ گورنمينٽ ۽ ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ ۾ زرعي مشينريءَ جي انجنيئر طور ڪم ڪيو، جنهن دوران زمين جي ليول ۽ زمين جي تَهن هيٺ موجود مٺي پاڻيءَ تي ڪافي تحقيق ڪري، پنهنجي مشاهدي کي 10 ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو، جن مان سڀ کان مشهور “Ground water in Sindh” آهي، جيڪو اڄ تائين ان شعبي جي تحقيق ۾ هڪ مستند حوالي ۽ رهنمائيءَ طور استعمال ٿئي ٿو. پنهور صاحب سنڌو درياهه جي گذريل هزارن سالن کان وٺي مٽجندڙ وهڪرن، واهن ۽ سنڌ جي آباديءَ جي تاريخ تي به هڪ تفصيلي ڪتاب (Six thousands years History of Irrigation)لکيو. ان کانپوءِ پنهور صاحب زرعي جنسن تي به ڪافي تحقيق جو ڪم ۽ مختلف ميون جون اٽڪل 25 نيون جنسون متعارف ڪرايو. پنهور صاحب زرعي سائنسدان ۽ آبپاشيءَ جو ماهر هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ تي سائنسي انداز ۾ وڏو تحقيقي ڪم ڪيو ۽ روايتي ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ قصن، ڪهاڻين ۽ بيتن تي ڀاڙڻ بدران سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ جي سائنسي، عقلي پئمانن ۽ دليلن جي بنياد تي ڇَنڊڇاڻ ڪئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو پنهور صاحب جي تحقيقي ڪم تي شايد ئي ڪو آڱريون کڻي سگهي. پنهور صاحب انجنيئرنگ ۽ زراعت تي اٽڪل 80 مضمون ۽ ڪتاب لکيا ۽ سنڌ جي تاريخ تي اٽڪل 100 تحقيقي مضمون به لکيا ۽ سائنسي تحقيق تي اٽڪل 50 مقالا به لکيا. پنهور صاحب دنيا جي انهن تاريخدانن مان هڪ آهي، جنهن دنيا جي تاريخ ۽ انساني سماج تي موسمي تبديلين جي ڪري پوندڙ اثرن طرف به ڌيان ڇِڪايو. پنهور صاحب کي علمي، تاريخي ۽ سائنسي تحقيق جي مڃتا طور 1992ع ۾ ”ستاره امتياز“ جو ايوارڊ به ڏنو ويو. پاڻ 21 اپريل 2007ع تي وفات ڪيائين ـ

No comments:

Post a Comment