Thursday, April 17, 2014

Profile of Muhammad Usman Diplai

Muhammad Usman Diplai
محمد عثمان ڏيپلائي 13 جون 1908ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي جي هڪ ڳوٺ ۾ ميان حبيب الله ميمڻ جي گهر جنم ورتو، سندس والد ميان حبيب ننڍو واپاري هو، محمد عثمان ڏيپلائي ست ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو. ان ڪري مائٽ کيس مٺي ۾ انگريزي سکڻ لاءِ موڪلي نه سگهيا. جنهن بعد فارسي هڪ مولوي وٽان سکيائين. آهستي آهستي گجراتي، هندي، گرمکي، اردو توڙي انگريزي به سکي ورتائين. عربي جي ڪا خاص تعليم نه ورتائين پر قرآن شريف چڱي طرح سمجهي ويندو هو، پاڻ پهرئين واپار ڪيائين پر ان مان گذار معاش ڪافي نه ملڻ ڪري زميندارن جي ملازمت ۾ 30 سالن تائين رهيو، ٽنڊو باگو، بدين، کپرو. ميرپورخاص، عمرڪوٽ مختلف زميندا رن وٽ ملازمت ڪيائين، ميان محمد عثمان کي ننڍي هوندي کان آکاڻيون ۽ اخبار پڙهڻ جو شوق هوندو هو، انهيءَ زماني۾ حڪيم عبدالخالق ترقي نالي هڪ رسالو ڪڍندو هو، جنهن جي پڙهڻ ڪري کيس مضمون نويسي جو شوق جاڳيو، حڪيم صاحب جي ٻئي رسالي علمي دنيا ۾ پهريون افسانو ”چنڊ سهڻو يا انسان“ ۽ وري انهيءَ ۾ فريبي دنيا لکيائين، 1934ع ۾ حيدرآباد ۾ حڪيم عبدالخالق سان ملاقات ٿيس. هن جي چوڻ تي ڪي قرآني دعائون لکي مسلم ادبي سوسائٽي ذريعي شايع ڪرايائين، سندس لکڻين تي حڪيم عبدالخالق، عبدالحليم شر ۽ منشي صادق جي لکڻين جو گهڻو اثر هوندو هو. انهيءَ بعد محمد عثمان ميرپورخاص ۾ اسلاميه درالاشاعت قائم ڪئي، ميان محمد عثمان ڏيپلائي جي لکڻين تي جوش ۽ جذبي جو غلبو حاوي رهندو هو، جلد شين کان متاثر ٿي انهن جي حق ۾ يا انهن جي خلاف انتها جي حد تائين لکي ويندو هو، انهيءَ جو اهو ئي سبب آهي ته پاڻ حد کان وڌيڪ پر خلوي هو ۽ نتيجن جذبات جي وهڪري ۾ پاڻ کي قابو نه ڪري سگهندو هو. سڀ کان اول پاڻ مولوي حاجي احمد ملاح ۽ عبدالرحيم پڇمي جي اثر هيٺ پير پرستي خلاف سخت چوھ ڇنڊيائين، ايتري قدر جو مرشد جي ذات کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايائين، اصل ۾ ميان محمد عثمان ڏيپلائي لکڻ جي ڄڻ ته مشين هو، بس ڪنهن موضوع يا ناول جو خيال ايندو هو ۽ هڪ ئي ويهڪ ۾ لکي پورو ڪندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هن 121 ڪتاب لکيا، انهيءَ وچ ۾ پاڻ مولانا مودودي کان متاثر ٿيو، ان تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين پر گهڻو وقت اتي به رهي نه سگهيو، 1949ع ۾ ترقي پسند واري لڏي کان متاثر ٿيو، انهيءَ دوران سرمائيدارن، مذهبي مهندارن ، سيٺن، زميندارن ۽ حاڪمن خلاف ڇوھ ڇنڊيائين، جنهن بعد انسانيت جي نالي نوان مضمون ۽ ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين، ون يونٽ نافذ ٿيڻ واري عرصي دوران حب الوطني رنگ ۾ رڱجي ويو ۽ هڪ هنڌ لکيائين ته سنڌ جي ماڻهن کان هن وقت پاڪستان ۾ اهڙو ّظلم روا رليو ويو آهي جهڙو جاپائين چينين سان ڪيو، فلسطين ۾ عربن تي يهودين ڪيو ۽ فرينجين الجيريا ۾ ڪيو. جنهن بعد پاڻ حر تحريڪ کان بيحد متاثر ٿيو ۽ ان کي قومي تحريڪ ثابت ڪرڻ لاءِ ”سانگهڙ“ ناول لکيائين. ڏيپلائي جا ڪيترائي ڪتاب ضبط ٿيا. سندس مالي حالت هميشه ڪمزور رهي، آخري وقت ۾ نيشنلزم ۽ سوشلزم وارن نظرين ڏانهن لاڙو هوندو هئس. ميان محدم عثمان ڏيپلائي کي 2003ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس سان نوازيو ويو، پاڻ 1981ع ۾ 72 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ـ

No comments:

Post a Comment