![]() |
| Mushtaq Khaskhali |
مشتاق خاصخيلي 17 جنوري 1979ع تي سنڌ جي راڄڌاني واري ضلعي ٺٽي جي هڪ ننڍڙي شهر گهاري ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو محمد موسي خاصخيلي آهي، جيڪو هڪ پورهيت هو. پورهيت پيءَ جو پورهيت پُٽ ايڏي وڏي درجي تي پهچندو اهو ڪنهن ٿي ڄاتو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول گهاري ۾ ورتي، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گهاري مان 1998ع ۾ پاس ڪري، ڊگري ڪاليج مڪليءِ مان 2005ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. هن ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران جيئي سنڌ لطيف سنگت ۾ شموليت ڪئي ۽ ساڳئي دور ۾ گهاري شهر ۾ ”ينگ ويلفيئر ايسوسيئيشن“ نالي هڪ سماجي تنظيم جو بنياد وڌائين. هن شروع ۾ گهر جي چلھ ٻارڻ لاءِ مختلف مزدوريون ڪيون، پوءِ درزڪو ڪم سکيو ۽ مهراڻ ٽيلرز جي نالي سان درزڪو دڪان کوليائين ۽ سنڌ درزي ايسوسيئيشن جو بنياد وجهي پاڻ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. مشتاق خاصخيليءَ کي سياست ورثي ۾ ملي، سندس مامو ڊاڪٽر نظام الدين خاصخيلي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (جساف) جو سرگرم ڪارڪن هو۽ سياسي سرگرمين ڪري ڪيترو عرصو جيل به ڀوڳيو هئائين ـ
مشتاق خاصخيلي شروعات ۾ ته جيئي سنڌ ۾ همدرد طور شامل ٿيو هو ۽ پنهنجي روزگار سان گڏ جيئي سنڌ جي جلسن ۾ همدرد طور حصو وٺندو هو، پر پوءِ آزاديءَ جي نعرن، آزادي جي ڳاڙهي جهنڊي جي تجسس هن کي قومي تحريڪ ڏانهن ڇڪ ڪئي ۽ پاڻ پنهنجا ڌنڌا داڙيون ڇڏي 27 جولاءِ 1999ع تي جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ شموليت اختيار ڪئي، هي ڪُل وقتي ڪارڪنهو ۽ نظرياتي ورڪر طور اُڀريو. هن پهريان جسقم گهارو يونٽ جو آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر، پوءِ گهاري يونٽ جو فنانس سيڪريٽري ، گهاري يونٽ يونٽ جو صدر، تعلقي ميرپور ساڪري جو ڊپٽي آرگنائيزر، آرگنائيزر ۽ پوءِ چيف آرگنائيزر طور ذميواريون سرانجام ڏنيون. اُن کانپوءِ کيس جسقم ضلعي ٺٽي جو فنانس سيڪريٽري ۽ صدر چونڊيو ويو ـ
شهيد مشتاق خاصخيلي پنهنجي زندگيءَ جي مختصر عرصي ۾ کوڙ سارا قومي ڪم ڪيا، جن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڪيترائي ڀيرا مظاهرا ڪرائڻ، بلوچستان ۾ فوجي آپريشن خلاف احتجاج ڪرائڻ، قومي ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف احتجاج مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪرائڻ، ٺٽي ضلعي ۾ بدامني جي خلاف ڀروپور آواز اٿارڻ کان علاوه جسقم پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ 2 اپريل کان 11 اپريل 2006ع تائي، جسقم چيئرمين بشير خان ۽ ٻين 25 دوستن سان گڏ ڏهن ڏينهن جي بُک هڙتال ۾ حصو ورتائين، بلوچستان ، ڪوئٽيا ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي آزادي لاءِ جسقم پاران سکر کان ڪراچي تائين پيغام سنڌ مارچ جو 10 اپريل 2007ع تي گهاري شهر ۾ هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان استقبال ڪيائين، بعد ۾ پاڻ ڪراچي تائين ان قافلي سان گڏ رهيو. اهڙيءَ طرح هن اڻٿڪ ۽ محنتي ڪارڪن پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ ڪيترا عملي ڪم ڪيا. سنڌ جي ڳالھ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل به ڀوڳرائين، پر هي ورچي ويهڻ وارن مان نه هو، جيترو عرصو زندگي وفا ڪئي، هن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي مٽي هاڻن ماڻهن سان وفا ڪندي گذاري ۽ آخر ۾ سنڌ جي ابوجهاد بشير قريشيءَ کي بچائيندي 24 جولاءِ 2009ع تي شهيد ٿيو ـ
وقعي جو پسمنظر: 24 جولاءِ 2009ع تي جيئي سنڌ قومي محاذ پاران، سهراب ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن ٿيندڙ ذولفقار ملاح جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سهراب ڳوٺ وٽ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جو اڳواڻي ۾ قافلو گلشن حديد کان نڪتو هو، مشتاق خاصخيلي بشير خان سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويٺل هو ته ڪجھ پنڌ اڳتي هلڻ کانپوءِ سرڪاري دهشتگردن مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ مشتاق خايصخيلي، بشير خان کي بچائيندي اڳيان ٿيو ته گولي سندس ڄنگھ ۾ لڳي، هي فوري طور گاڏيءَ مان لٿو ۽ پنهنجي پسٽل سان گوليون هلائيندڙن مٿان فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ حملي آور موقعي تي مري ويو، ان بعد بشير خان جي گارڊن ۽ ٻين ڪارڪنن به فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ٻيو حملو آور زخمي ٿي ڪري پيو، جنهن کي پڪڙيو ويو ۽ مشتاق گهڻو رت وهڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو هو. کيس طبي امداد لاءِ فوري طور بتول اسپتال پهچايو ويو، پر مشتاق اڳ ۾ ئي پساھ پورا ڪري چڪو هو. پڪڙيل حملي آور جي تلاشي وٺڻ سان انهن جي کيسي مان ملندڙ شناختي ڪارڊ موجب انهن جي سڃاڻپ هن ريت ٿي، مري ويل جو نالو زاهد مصطفي ۽ زخمي ٿيندڙ ذولفقار علي شاھ زخمي جي بيان موجب ته هو ڳجهن ادارن جو ماڻهو آهن ـ
شهيد مشتاق خاصخيلي کي ڪراچي جي جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان سندس اباڻي ڳوٺ گهاري آندو ويو، جتي ڪيترن ئي شهرين سندس آخري ديدار ڪيو، ان بعد کيس مٿي تي موڙ ٻڌرائي ، سهرا/ لاڏا ڳائي، قومي جهڊي جو ڪفن ڏئي، کيس مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو. شهيد مشتاق خاصخيلي تي ڊاڪٽر حيدر لاشاري هڪ ڪتاب ”مٽيءَ جو مشتاق“ نالي سان مرتب ڪري ڇپرايو آهي ـ

No comments:
Post a Comment