Sunday, July 27, 2014

Profile of Rahi Channa

Rahi Channa
ناميارو اديب مرحوم راهي چنا 6 جنوري 1950ع تي جوهي ضلعي دادو ۾ ڄائو، هيءَ ڇهن سالن جو ٻار هو ته سندس پيءَ گذاري ويو. پيءَ جي وفات بعد غربت سبب هن ننڍپڻ ۾ چڻا وڪڻڻ شروع ڪيا، تغاري کڻي مزدوري ڪئي ۽ جوهي جي چوڪن تي بوٽ پاليش ڪيا، ڏکن جي ڏولي ۾ پليل هن شخص جي زندگي ۾ پهرين تبديلي سندس ننڍپڻ دوست ڊاڪٽر عبيدالله عباسي آندي، جنهن کيس اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اتساھ بخشيو، جنهن ڪري هن تعليم جاري رکي ۽ سندس مدد سان 1971ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري ليب اسسٽنٽ مقرر ٿيو، هيءَ  هميشه پنهنجي ماءَ سان مخاطب ٿي لکندو هو ۽ کانئس دعائون طلب ڪندو هو، کيس پنهنجي اباڻي شهر جوهي سان به ڏاڍو پيار هوندو هو، هن گهر واري جي وڇوڙي کانپوءِ سڀ شوق ڇڏي يتيم اولاد جي مستقبل لاءِ پتوڙيو. هن ”بزم ادب، دادو“ پاران 1965ع ڌاري ٿيل هڪ مشاعرو ۾ حصو ورتو. اتان ئي هن باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي، سنڌي ادبي سنگت جوهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي باني ميمبرن مان هو، سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي جو پهريون سيڪريٽري هو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني برانچ جو 3 سال سيڪريٽري، 2 سال خزانچي، 10 سال ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر ۽ 2 سال ڪائونسلر به رهيو. آخري وقت ۾ بيماري هئڻ باوجود سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي  چونڊن ۾ نه هلي سگهڻ واري صورتحال ۾ به حاضر ٿيو. هيءَ هميشه چوندو هو ته ”شاعري ڪرڻ ايڏو ڏوکيو ڪم نه آهي پر اصل ۾ شاعري کي صحيح آدرشي دڳ لائڻ ڏکيو ڪم آهي“، هن 16 فيبروري 1997ع تي وفات ڪئي، پنهنجي حياتي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي پيراندي ۾ دفنائڻ لاءِ وصيت ڪئي، جيڪا پوري نه ٿي سگهي ۽ کيس ريلوي اسٽيشن ڄامشوري واري قبرستان ۾ رکيو ويو، سندس ڊائري ۽ شاعري تي مشتمل 2 ڪتاب تاج جويي ترتيب ڏنا آهن. جيڪي اڃا ڇپجي نه سگهيا آهن ـ

No comments:

Post a Comment