دلبر علي ميراڻي 1976ع ڌاري ڪنڌڪوٽ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ وزير علي ميراڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم نيو مرزاپور اسڪول ڪنڌ ڪوٽ مان 1985ع ۾ پنج درجا پاس ڪيائين، مڊل گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪيائين، غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو، ڇو ته سندس والد هڪ پورهيت هو ۽ مڇيءَ مارڻ جو ڌنڌو ڪندو هو . دلبر جيئن ته اٺين تائين تعليم حاصل ڪئي هُئي، جنهن دوران قومي ڪارڪنن جي ڪچهرين ۾ ويهڻ جو موقعو مليو هو، قومي ڪارڪنن جي سنڌ پرستيءَ وارين ڪچهرين مٿس اهڙو ته اثر ڪيو، جو هو 1988ع ڌاري ”جساف“ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. جيتوڻيڪ هي ڪو گهڻو پڙهيل نه هو، پر هن جڏهن سائين جي ايم سيد جا ڪتاب پڙهيا هئا ته هن جي اندر ۾ ويٺل باغي انسان جاڳي پيو هو. ڇو ته هن صدين کان پنهنجي وڏڙن کي غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندي ڏٺو هو. توڙي جو سندس والد جو خيال هو ته هو سياست ۾ هٿ ونڊائي، پر هنکي ته عشق جي نانگ ڪکي وڌو هو ـ
قومي تحريڪ جي هن قافلي جا ڪيترائي سپاهي عشق جي نانگ هٿا ڪکيل هُئا/ آهن ۽ اهڙي قافلي ۾ دلبر به شامل ٿيو هو ته آزاديءَ جي لال ڪُنوار سان اهڙي ته لنئون لڳي جو پوئتي موٽڻ سندس وس ۾ ڪٿي هو ـ دلبر ميراڻي جساف جي سياست دوران تمام گهڻو سرگرم رهيو، هي نه رڳو شاگردن جي مسئلن تي سرگرم ٿي ڪم ڪرڻ لڳو پر هي ته پنهنجي علائقي جي سماجي مسئلن ۾ به اڳڀرو ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. جنهنڪري وقت جو ڪوڙي رياست ۽ ان جي ونگاري وڏيرن هن کي تمام گهڻو ستايو، خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به مليون ته ڪيتائي ڀيرا گرفتار ٿي جيل جي چوديواريءَ ۾ قيد به ٿيو، پر هيءَ نه جهڪيو نه وڪيو پنهنجي اڏول مقصد ٿي اٽل رهيو، ڪيترائي ڀيرا سرڪار جي ڇاڙتن کيس خريد ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر هيءَ ڪنهن به لالچ جي چمڪ دمڪ کان باز رهيو، سندس اهڙي جوش ۽ جذبي کي ڏسندي 1996ع ۾ کيس جيئي سنڌ قومي محاذ تعلقي ڪنڌڪوٽ جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ـ
دلبر ميراڻي ان بعد ڪنڌڪوٽ ڇڏي ڪراچي هليو آيو، جتي چمڙا چورنگيءَ تي ڪئبن لڳائي مزدوري ڪرڻ لڳو ۽ ڪراچيءَ ۾ به جيئي سنڌ قومي محاذ سان سلهاڙجي سياست ڪرڻ لڳو ۽ مختلف عهدن تي رهي ذميواريون نڀايائين ۽ شهادت وقت به هو ملير ضلعي اوڀر جي ماليات سيڪريٽري هو. دلبر نهايت ئي محنتي ڪارڪن هو، جنهن ڪري بشير قريشي ۽ عبدالواحد آريسر ٻئي کيس ڏاڍو ڀائيندا هئا. هن ڪراچي ۾ رهندي جسقم جي مختلف عهدن، يونٽ صدر، تعلقي صدر ۽ ضلعي صدر جي عهدن تي رهي ڪم ڪيو، ڪراچيءَ جي سنڌي وسندين چڪرا ڳوٺ، جمع ڳوٺ، بلاول ڪالوني، شرافي ڳوٺ، ابراهيم حيدري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ هن قومي بيداريءَ جو سڏ ڏنو ۽ اُتي هي غريب ۽ پورهيت طبقي جو ڀرجهلو به هوندو هو، جنهن ڪري هن ڪيترين ئي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي جيئي سنڌ پورهيت سنگت ۾ ميمبر شپ ڪرائي ۽ پاڻ هر ممڪن سندن سڏ ۾ سڏ ڏيندو هو ـ
دلبر ميراڻي ڪراچيءَ جي بهادر اڳواڻ شهيد حڪيم نوتيار جو پلاند به ڪيو هو. دلبر ميراڻيءَ کي قومي سياست ڪرڻ جي ڏوھ ۾ 18 مارچ 2008ع تي، چڪرا ڳوٺ کان ويندي روڊ تي پُٺيان وار ڪري شهيد ڪيو ويو، سندس چار ڀائر اڃا تائين قومي تحريڪ سان سلهاڙيل آهن ـ

No comments:
Post a Comment