Thursday, July 9, 2015

Profile of Munir Ahmed Shahani

 منير احمد شاهاڻي 1969ع ڌاري، ڳوٺ جوهرپور، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد قاسم شاهاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيائين. اُن بعد والد صاحب اولاد جي تعليم خاطر، لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، سندن ڳوٺ جوهر پور لاڙڪاڻي کان پنجن ڪلو ميٽرن جي مُفاصلي تي آهي. منير ميٽرڪ ڊي. سي هاءِ اسڪول لاڙڪاني مان پاس ڪئي، اُن دوران فڪر جي ايم سيد سان سلهاڙجي، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ شموليت ڪيائين ۽ تنظيمي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو ـ
منير شاهاڻي لساني فسادن دوران ڪراچيءَ مان پهريون ڀيرو گرفتار ٿيو ۽ سينٽرل لساني فسادن دوران ڪراچيءَ مان پهريون ڀيرو گرفتار ٿيو ۽ سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ويو سندس هٿن، پيرن جا نُنهن ڇڪي لاٿا ويا ۽ زور ڀريو ورو ته تون قبول ڪر ته لساني جهيڙن ۾ تون ۽ تنهنجي تنظيم مُلوث آهي، پر هن اڏول انسان سندن هڪ به نه مڃي ته مٿس هر طرح جو تشدد ڪرڻ سان گڏ، هڪ ظالم پوليس آفيسر کي گهرايو ويو ته هن تي ايترو تشدد ڪر، جو هيءُ قبول ڪري، اُن پوليس آفيس به مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو، پر هيءُ پنهنجي ڳالھ تي قائم رهيو، اُن تشدد سبب سندس هٿن، پير ۽ ٻئي جسم مان گند وهڻ شروع ٿي چڪو هو، تڏهن اُن ئي سنڌي پوليس آفيسر کيس اسپتال داخل ڪرايو ۽ کانئس معافي وٺندي چيائين، مون کي معاف ڪجان، مون توتي بي گناھ تشدد ڪيو، تنهن تي منير شاهاڻي وراڻيو: مون کي انهيءَ ٽارچر ۽ تشدد جي پرواھ ناهي، پر ڏک ان ڳالھ جو آهي ته تو هڪ سنڌي، ٿي ڪري مون تي ايڏي بيرحميءَ سان تشدد ڪيو، اُن بعد مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري، سينٽرل جيل ڪراچي ۾ رکيو، بعد ۾ ظالم پوليس آفيسر امجد شاھ کيس لاڙڪاڻي جيل تي وٺي آيو، جتي پڻ هن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح هن کي مختلف جيلن سينٽرل جيل ڪراچي، خيرپور جيل ۽ بعد ۾ سکر سينٽرل جيل حوالي ڪيو ويو، جتان هو آزاد ٿيو ـ
آزاد ٿيڻ کانپوءِ هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي جساف ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو، جتي هن وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان تنظيمي ذميواريون نڀايون، اُن وقت لاڙڪاڻي ۾ ڊي. ايس. پي بشير ميمڻ هو، جنهن کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منير جي مامي تي زور وڌو ويو ته منير کي پيش ڪر، (جيڪو اُتي اي ايس آءِ هو) منير شاهاڻي سندس مامي جي چوڻ تي اُن وقت جي ايس ايس پي ذوالفقار وٽ پيس ٿيو ۽ ايس ايس پي کي چيائين ته آئون جيئي سنڌ جو ڪارڪن آهيان جنهن ڪري مون کي روز جو پوليس تنگ ڪندي رهي ٿي ۽ منهنجي گهر وارن کي به پريشان ڪندي رهي آهي، آءَ بي گناھ آهيان ، مون تي ڪو ڪيس داخل ناهي. تنهن تي ايس ايس پي سڀني ايس ايڇ اوز کي طلب ڪيو ۽ کانس پڇا ڪئي، ڪو به ڪيس داخل نه هئڻ ڪري کيس ڇڏيو ويو، ڪجھ عرصي بعد جڏهن ذوالفقار شاھ بدلي ٿي ويو ته ڊي ايس پي بشير ميمڻ ٻيهر پيش ٿيڻ لاءِ زور ڀريو ۽ منير ٻيهر نئين ايس ايس پي وٽ پيش ٿيو، جنهن بنا ڪنهن تفتيش جي کيس گرفتار ڪيو ۽ هر طرح جو ٽارچر ڪرڻ سان گڏ رينجرس حوالي به ڪيو ويو، بعد ۾ ڪوڙو ڪيس داخل ڪري، کيس چالان ڪيو ويو ۽ اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي، 29 مارچ 1992ع تي کيس 25 سال سزا ڏئي سينٽرل جيل موڪليو ويو. جتي هن تي سخت تشدد ڪيو ويو، ميجر کوسي جهڙي قهري سپرينٽينڊنٽ به هن تي تشدد ڪيو، پر هي پنهنجي مقصد تي قائم رهيو، هيءَ جيل، هڪ آدرش خاطر ويو هو ۽ آدرشن کي ڪڏهن به ڪير جُهڪائي ناهي سگهيو ـ
هن جيل ۾ رهندي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ سکر جيل ۾ قيدين سان ٿيندڙ بد سلوڪيءَ تان پردو کنيو، ان بعد هن سياسي قيدين لاءِ الڳ وارڊ قائم ڪرڻ جو مُطالبو ڪيو ۽ اُن ۾ ڪامياب به ٿيو، منير شاهاشي قيدين جي مسئلن جي حل لاءِ جيل اندر احتجاج ڪيا، بک هڙتالون ڪيون ۽ قيدين جا مُطالبا مڃرايا، هن جيل ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ملهائڻ جو رواج وڌو ۽ جڏهن سائين لاڏاڻو ڪري ويو ته بعد ۾ هن سائين جون ورسيون به ملهايون. اهڙيءَ طرح هن جي عملي جدوجهد جيل ۾ به ساڳي رهي. منير شاهاڻي جنوري 2001ع ۾ آزاد ٿيو. هن جيل ۾ ٻه ڪتاب لکيا، هڪ جيل ڊائري، جيڪا اڃا تائين ڇپجي نه سگهي آهي ۽ ٻيو سندس ڪالمن جو مجموعو، جيڪو 2001ع ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ”آءَ زندان جي جهروڪي مان نهار“ جي نالي سان ڇپيو، جنهن جو مهاڳ عبدالواحد آريسر لکيو ۽ تاثر شهيد بشير خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ خالي جويي جا لکيل آهن. منير هن ڪتاب ۾ جيل جي صورتحال کان علاوه سائين جي ايم سيد تي ڀرپور مضمون لکيا، جن مان سندس سيد سان فڪري وابستگيءِ جي پروڙ ٿئي ٿي ـ هن ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ جلد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ٽول پلازه وٽان رينجرس هتان گرفتار ٿيو، کيس مختلف سي آءِ اي سينٽرن رکي ڪتاب بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان گڏ کيس چالان ڪري سينٽرل جيل ڪراچي موڪليو ويو. سندس پونئيرن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي، جنهن ڪري جيل مان رهائي ٿي. پر هي جيئن جيل جي گيٽ مان ٻاهر نڪتو ته کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ مختلف ٿاڻن تي رکي تشدد ڪيو ويو. سندس خاندان ٻيهر ڪورٽ جو در کڙڪايو، جنهن بعد ڪورٽ جو حڪم تي کيس آزاد ڪيو ويو. جيل مان ڇٽڻ کان پوءِ هن ٻيهر سياست ۾ بهرو ورتو ۽ 2002ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو. سندس لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تنظيمي سرگرميون عروج تي رهيون. هن شهيد عزيز ڦل جي قتل خلاف ڀرپور احتجاج، مظاهرا ڪرايا ۽ هڪ پورهيت قربان جت جي پوليس هٿان قتل ٿيڻ تي به تحريڪ هلائي ـ
مئي 2003ع ۾ کيس دل جو اٽيڪ پيو، کيس لاڙڪاڻي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي پڻ پوليس مٿس پهرو رهيو، بعد ۾ 22 مئي 2003ع تي نيشنل هاسپيٽل ڪراچيءَ مان سندس اينجيوگرافي ڪرائي وئي، هن 26 سيپٽمبر 2004ع تي سندس مامي جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان هڪ نياڻي جو اولاد آهي، جنهن جو هڪ نالو ”مسڪان“ رکيو. منير شاهاڻي پنهنجي گهر وارن کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو ته ڳجها ادار سندس پٺيان آهن، ڪنهن به وقت کيس ماري ڇڏيندا. اهڙيءَ طرح آڪٽوبر 2004ع ۾ اوچتو غائب ٿي ويو، سندس پونئيرن تمام گهڻي ڳولا ڪئي، بعد ۾ 11 آڪٽوبر 2004ع تي ٽي پي او ٺاروشاھ سندس خاندان کي اطلاع ڪيو ته منير شاهاڻي جو لاش کڻي وڃو. جنهن کان پوءِ قومي ڪارڪن ۽ سندس پونئيرن پوليس کان لاش وصول ڪيو ۽ 12 آڪٽوبر 2004ع تي کيس اباڻي قبرستان درگاھ سيد احمد شاھ بخاري ۾ مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويو ـ

No comments:

Post a Comment