عبدالرحمان خاصخيلي 5 جون 1957ع تي ميرپور ساڪرو جي ڳوٺ ميهار خاصخيلي ۾ ناٿي خاصخيلي جي گهر ۾ ڄائو، ڇهن سالن ۾ سندس مامو غلام محمد کيس پڙهائيءَ جي لاءِ ڪراچي جي لياري ۾ سيفي لين واري علائقي ۾ وٺي اچي رهايو، پرائمري تعليم بغدادي جي (ڊي سي ٽي او) اسڪول ۾ پڙهيو، سيڪنڊري تعليم لاءِ اتي ئي ڀرسان حاجي عبدالله هارون سيڪنڊري اسڪول ۾ پوءِ حاجي عبدالله هارون ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين بعد ۾ پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو، آخري وقت تائين هو استاد ئي رهيو. سندس والده جي وفات کانپوءِ پنهنجي ناني ۽ پوءِ ماسيءَ جي صحبت ۾ رهيو. انهيءَ دوران روزانه هلال پاڪستان ۾ سينئر صحافيين شمشيرالحيدري، اقبال دل، الھ بخش کيڙو، شڪور نظاماڻي، بدر ابڙو ۽ عبدالحمان نقاش سان گڏ ڪم ڪيائين، پوءِ هن عبدالحمان نقاش، سيف ٻنوي، رڪ سنڌي ۽ ٻين سان پڻ گڏ ڪم ڪيو ـ
هو جيئي سنڌ محاذ جي اوائلي دور ۾ مرڪزي ڪائونسل جو ميمبر رهيو ۽ ان کانپوءِ پنهنجن دوستن باھ علي ٻگهيو، آفتاب ميمڻ، قائم دين شاھ، عابد شاھ، قربان ابڙو، ظفر شيخ ۽ ٻين سان گڏ جيئي سنڌ محاذ کي خدا حافظ چئي هيءَ ڪميونسٽ پارٽي ۾ ڪارڪن جي حيثيت سان رهيو، سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ ۾ رئوف نطاماڻي کانپوءِ فيض سومرو، شاهد پيرزادو، منوج ڪمار، حبيب سنائي، بدر ابڙو، آفتاب سومرو، چوندر ڪيسواڻي، انور ابڙو ۽ ٻين سان سندن ويجهڙائپ رهي، عبدالرحمان خاصخيلي 8 مارچ 2007ع تي وفات ڪري ويو ـ

No comments:
Post a Comment