سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيار خاتون ثميره زرين شڪارپور ۾ محمد اعظم اعواڻ جي گهر ۾ 22 فيبروري 1944ع تي جنم ورتو، ننڍپڻ کان ئي کيس ادبي ماحول مليو. سندس پڙڏاڏو محمد عارف اعواڻ فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ديوان صنعت“ جي نالي سان مقبول رهيو آهي. ثميره زرين جو اصل نالو سڪينه اعواڻ هو. ڏهن سالن جي ڄمار ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ”اميد“ نئين زندگيءَ جهڙي معياري رسالي ۾ ڇپي. سنڌي ادب ۾ سندس نالو اميد جو ڪرڻو ثابت ٿيو. هن ٿوري وقت ۾ پنهنجو نالو وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ ڳڻائي ڇڏيو. ابتدا ۾ ادبي دنيا ۾ ان ڳالھ تي وڏا بحث ٿيا ته ثميره نالي ليکڪا اصل ۾ ڪو مرد آهي. جيڪو فرضي نالي سان لکي ٿو. جڏهن ستر جي ڏهاڪي ۾ هلال پاڪستان اخبار جي عورتن جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ ۾ سندس پهريون انٽرويو تصويرن سان شايع ٿيو ۽ هن پنهنجي اصلي نالي ۽ خاندان بابت ٻڌائي پاڻ کي ظاهر ڪيو تڏهن وڃي اهو شڪ پري ٿيو. تعليمي لحاظ کان ثميره بي اي پاس ڪرڻ کان پوءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيتسان ڪم ڪرڻ لڳي ته سندس لکڻ جو ذوق اڃا به وڌيو ـ
ثميره زرين ”نئين زندگي“ رسالي پاران، گذريل سالن دوران نئين زندگيءَ ۾ شاصع ٿيل افسانن ۽ ڪهاڻين جو هڪ مجموعو سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ اهو سندس ترتيب ڏنل پهريون ڪتاب، سنڌي ڪهاڻين جو انتخاب هو، جيڪو ”مهراڻ جون ڇوليون“ عنوان سان 1962ع ۾ پاڪستان پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو. 1968 ۾ ”اديون“ رسالي ۾ ”رمندا بادل“ نالي سان سندس ڪهاڻي به ڏاڍي مشهور ٿيس، اهڙي ريت سندس ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ مسلس ڇپجڻ لڳيون. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”گيت اڃايل مورن جا“ جي سري هيٺ جولاءِ ۾ 1970ع ۾ ملير ادبي اڪيڊمي حيدرآباد پاران شايع ٿيو. جنهن ۾ ثميره زرين جو اا ڪهاڻيون شامل هيون ۽ هن مجموعي جو مهاڳ آغا سليم لکيو. سندس ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب سندس وفات کان پوءِ ”آءُ اها ئي مارئي“ نالي سان فيبروري 1981ع ۾ الطاف اشاعت گهر حيدرآباد پاران ڇپيو. جنهن ۾ سندس 8 ڪهاڻيون شامل آهن. ثميره جي ڪهاڻين جو مکيه موضوع ”عورت“ ئي رهيو آهن. هن جو ڪهاڻيون پوئتي پيل سماج جي عورتن جي درد جو آواز معلوم ٿين ٿيون. ثميره گهڻو عرصو بيمارڻ رهڻ کان پوءِ 13 آگسٽ 1977ع تي وفات ڪري وئي ـ
No comments:
Post a Comment