قربان علي شيخ ولد شمن علي 25 آگسٽ 1986ع تي شهدادڪوٽ جي هيرآباد محلي ۾ ڄائو. هن پرائمريءَ سان وٺي انٽر تائين جي تعليم شهدادڪوٽ مان ئي حاصل ڪئي، جڏهن ته بي اي گورنمينٽ سچل ڪاليج حيدرآباد ۽ ايم اي (سوشيالاجي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هو روزاني ڪاوش، روزاني سوڀ ۽ روزاني آس اخبارن سان واڳيل پڻ رهيو، قربان علي شيخ 2006ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ ٻارن جي رسالي ادا سائينءَ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جڏهن ته هو 2007ع کان وٺي 2010ع تائين نٽ کٽ گروپ آف پبليڪيشن پاران سنڌ جي نوجوان ليکڪن لاءِ ٿيندڙ ورڪشاپن جي ڪوآرڊينيٽر طور ڪم ڪندو رهيو . ان دوران هن ٻارن جي رسالي ادا سائينءَ ۾ اردو ۽ انگريزيءَ مان ٻارن جون ڪهاڻيون ترجمو ڪري ڇپايون. ان کان سواءِ نٽ کٽ ۽ ادا سائينءَ پاران مختلف شهرن ۾ منعقد ڪرايل ٻارن جي ميلن، نوجوانن جي تصويرن جي نمائشن ۽ ٻارن جي ٻين سرگرمين جا انتظام به ڪندو رهيو. هن روزاني ڪاوش ۽ ٻين اخبارن ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ٻارن جي حقن ۽ ٻين مسئلن تي ڪالم ۽ خط لکيا ـجڏهن ته 2009ع ۾ کيس سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ نوڪري ملي. قربان علي شيخ جي سڃاڻپ هڪ سرگرم نوجوان جي حيثيت سان هئي، جنهن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ايتري ننڊ به نه ڪئي، جيترو ڪم ڪيو. 13 ڊسمبر 2013ع تي پنهنجي ڳوٺ شهدادڪوٽ ويندي، سيوهڻ لڳ روڊ حادثي جو شڪار ٿي شهيد ٿي ويو. سندس زندگي ۽ لکڻين تي ٻڌل ڪتاب ٽڙياسين دامن صحرا ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن کي زبير سومري مرتب ڪيو. سندس ياد ۾ ٻارن جو هڪ ادبي ادارو سهائي انسٽيٽيوٽ آف چلڊرينس لٽريچر قائم ٿيل آهي ـ
No comments:
Post a Comment