Wednesday, August 26, 2015

Profile of Akber Jiskani

ٻاراڻي ادب کي سهڙيندڙ اڪبر جسڪاڻي والد ڄام خان جسڪاڻي 1958ع ڌاري ضلعي دادو، شهر جوهي ۾ جنم ورتو. ننڍڙي هوندي ئي سندس والد سعودي عرب ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اڪبر جسڪاڻي کي سندس ناني پاليو. کيس ڪو چاچو يا مامو به نه هو، سنڌي ادبي سنگت جوهي شاخ جو هن ئي بنياد وڌو، سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ دوران هن جيل جون به سختيون سٺيون ـ
اڪبر جسڪاڻي ٻارڙن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 1987ع ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيو. هن فتاح هاليپوٽي جي همٿائڻ تي ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي، هن جون شروعاتي ڪهاڻيو ماهوار ”سوجهري“ ۾ ٻارڙن جي صفحي ۾ ڇپيون. ان کان پوءِ مختلف سنڌي اخبارن ۾ به لکيائين. اڪبر جسڪاڻي جو ڪتاب ”گلڙن جا گهاءِ“ سندس دوستن ڇپرايو. ان کانسواءِ اڪبر جسڪاڻي جون مختلف رسالن اخبارن ۾ ڪالم ۽ ڪهاڻيون ڇپيل آهن. سنڌ جي هن ناليواري ليکڪ اڪبر جسڪاڻي جو حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد جي سحرش نگر جي گهر مان 13 آگسٽ 1999ع تي هن جي وفات ٿي هئي ـ 

No comments:

Post a Comment