Wednesday, September 2, 2015

Profile of Muhammad Chhutal Surhio

استاد محمد ڇتل سرهيو 7 جنوري 1916 ۾ موري ۾ پيدا ٿيو، سندس وڏا پورهيت خاندان جا هئا. پاڻ شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول مين مورو مان ورتائين. سائين جعفر شاھ جهڙا قابل ۽ لائق استاد هئا، جن سندس تعليم ۽ تربيت ڪئي. پاڻ سنڌي فائنل جو امتحان نوشهروفيروز ۾ ڏنائين. جيئن ئي پاڻ امتحان پاس ڪيائين ته کيس ٻوٻي، سنجهوري تعلقي ۾ 1933ع ۾ پرائمري استاد مقرر ڪيو ويو. ان کانسواءِ هو تعلقي موري جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، انهن اسڪولن ۾ گچيرو، شاهپور جهانيان، هبيري ۽ مورو مين پرائمري اسڪول به شامل آهن. پاڻ حيدرآباد جي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (مين) مان ٻه سال تربيت حاصل ڪيائين. ۽ تربيت يافته استاد بڻجي تعليم جي خدمت ڪيائين. ٽريننگ ڪاليج ۾ هن ٻارن کي پڙهائن جي جديد طريقن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. ان کانسواءِ ٻارن جي هم نصابي سرگرمين ۽ تفريحي طريقن سان سکيا کي اثرائتو بنائڻ جي پڻ تربيت حاصل ڪيائين ـ
محمد ڇتل سرهيو، 1950ع ڌاري موري مين پرائمري اسڪول جو جڏهن هيڊ ماستر بڻيو ته اسڪول جي ترقي ۽ فلاح لاءِ پاڻ پتوڙيائين. مورو ۾ پهريون سنڌي اسڪول 1849ع ۾ قائم ٿيو. ورهاڱي کان اڳ هندو استادن شهر جي پرائمري تعليم کي ترقي وٺرائي پر محمد ڇتل سرهيي جي هيڊ ماستر ٿيڻ سان هن اسڪول جيڪا ترقي ڪئي. سائين محمد ڇتل سرهئي پنهنجي دور ۾ اسڪول کي نصابي سرگرمين سان گڏ هم نصابي سرگرمين جو مرڪز پڻ بڻايو ڇاڪاڻ ته هن چڱيءَ ريت سمجهيو ٿي ته ٻار جي مڪمل ۽ گهڻ پاسائين تربيت لاءِ ضروري آهي ته ان جي ذهني، جسماني ۽ سماجي اوسر ڪئي وڃي، ان لاءِ هن اسڪول ۾ ڊراما، تقريري مقابلا، ٽيبلوز، تحريري مقابلا ۽ راندين جا مقابلا ڪرايا. ان تربيت جي ڪري ٻارن ۾ اعتماد ۽ صلاحيتون وڌيون ۽ ڪيترائي بهترين مقرر، فنڪار ۽ اداڪار پڻ پيدا ٿيا. جن ادب ۽ فن جي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. سندس دور ۾ لوڪ قصن حاتم طائي، دودو چنيسر ۽ شاھ جي سورمين تي ٽيبلوز ۽ ڊراما ڪيا ويا. شيخ اياز جي شعرن خاص طرح ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، چوڌاري چمڪاٽ اسان“ تي ٽيبلوز شاگردن کان ڪرايا ۽ گيت ڳارايا ويا. جنهن ۾ غلام نبي مورائي، رسول بخش ميمڻ ۽ ٻين شاگردن جي حيثيت سان حصو ورتو. سائين ڇٽل سرهئي، شاگردن کي آڏو آڻي پاڻ نئين نسل ۾ اڳواڻي جون صلاحيتون پيدا ڪيون. انهن کي اُتساھ ۽ اعتماد ڏنائين. ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته نئين نسل کي ئي مستقبل جون واڳون سنڀالڻيون آهن. پاڻ اسڪول اندر رانديون به ڪرايائين. ٻار، راندين ۾ ڀرپرو حصو وٺندا هئا، جن ۾ ڪٻٽي، ملهه، ونجهوٽي ۽ ٻيون ٻاراڻيون رانديون شامل هيون. راندين سان ٻار ذهني ۽ جسماني طرح چست ۽ ڦڙت رهندا هئا ۽ ڪلاس ۾ اوٻاسيون ڏيڻ بدران چڱي ريت سکيا حاصل ڪندا هئا.

No comments:

Post a Comment