روپلو چولياڻيءَ جو جنم وارھ جي چولياڻين جي، انهيءَ خاندان ۾ ٿيو هو، جيڪو ماضيءَ کان وٺي، ڪيترن شورشن سا منهن ڏيندو آيو هو ۽ ڌرتيءَ جي دنگ جي حفاظت لاءِ سندس وڏا ويڙھ ۾ وڙهندي شهيد ٿيا هئا. انهيءَ خاندان جي چشم چراغ عبدالجبار چولياڻي، جڏهن باشعور سنڌ ۾ اک کولي ته هن سڀ کان پهرين پنهنجو نالو مٽائي روپلو رکيو. اهو نوجوان جيڪو پاڻ کي سنڌ ۾ محبت ۾ روپلو چولياڻي ڪوٺرائيندو هو، تنهن ڄڻ ته هڪ زندگيءَ ۾ ٻيو جنم ورتو هو. روپلو چولياڻي، ڳوٺ شمون خان چولياڻيءَ (تعلقي وارھ، ضلعي قنبر شهادادڪوٽ) ۾ عبدالستار چولياڻيءَ جي گهر ۾ 23 سيپٽمبر 1975ع تي ڄائو. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول گل ٻرڙي مان حاصل ڪري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول وارھ مان مئٽرڪ ڪئي، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصير آباد مان ڪيائين. 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شاهوري مان سوشل ورڪ ۾ گرئجوئيشن ڪيائين. اسڪول جي زماني کان ”لطيف سنگت“ جي پليٽفارم تان شاگرد سياست جي شروعات ڪيائين ۽ اڳتي هلي ان جو مرڪزي اڳواڻ ٿيو. ان کان پوءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، (جساف) سنڌ يونيورسٽيءَ جو آرگنائيزر، جنرل سيڪريٽري، صدر ۽ بعد ۾ مرڪزي نائب صدر ٿيو ۽ 2088ع دوران مرڪزي صدر رهيو، تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ جي جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. هن جو واسطو جيئي سنڌ متحده محاذ (آريسر) سان هو ۽ آخري ڏهاڙن ۾ 2010ع کان جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ هن تنظيم جو پهريان مرڪزي ماليات سيڪريٽري ۽ شهيد ذوالفقار ڪولاچيءَ جي شهادت کانپوءِ مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري به رهيو. روپلو ڪيترو وقت جيل ۾ به رهيو. هو جوشيلو ورڪر ۽ فڪر جي ايم سيد جو سچو پرچارڪ هو ـهن جي خاندان ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي هڪ بهادر شخص ٿي گذريو آهي، جنهن مدد خان پٺاڻ سان وڙهندي، شهادت ماڻي هئي. روپلي جي ڏاڏي شمون خان ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ جيل به ڀوڳيو هُئائين. روپلو جڏهن اڃا ٻالڪپڻ جا ڏاڪا چڙهي رهيو هو ته هن پنهنجي وڏڙن جي همت ۽ بهادريءَ جا سبق پڙهڻ شروع ڪيا هئا ـ
اهڙيءَ طرح هي جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهچي ٿو ته هن جي اندر ۾ پلجي وڏي ٿيندڙ بغاوت ڀڙڪو ڏئي اٿي ٿي ۽ روپلو سنڌ جو حقيقي آواز بڻجي اُڀري ٿو. 1996ع ۾ جڏهن ان وقت جو وزير اعلي سيد عبدالله شاھ سنڌ يونيورسٽي اچي ٿو ته هي ان جي اڳيان شاگردن جا مسئلا رکي ٿو، ان وقت وڏي وزير جي حفاظت لاءِ گڏ آل ايس پي قومي تحريڪ کي گار ڏئي ٿو، جنهن تي روپلو ان ايس پي کي چماٽ وهائي ڪڍي ٿو. نتيجي طور کيس پوليس جا ڪارندا بندوق جي ڪنداقن سان مرڻينگ ڪري، گرفتار ڪن ٿا ۽ 9 مهينا سزا ڏئي کيس ناراجيل حيدرآباد موڪليو وڃي ٿو. 9 مهينن جي سزا ڪاٽي ٻاهر اچي ٿو ته اڃا وڌيڪ سرگرميءَ سان سياست ڪرڻ لڳي ٿو. نتيجي طور کيس شاديءَ جي سترهين ڏينهن ٻيهر گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ 14 مهينا سزا ڏئي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو وڃي ٿو. روپلي ڪڏهن به پنهنجي برادريءَ جي جهيڙن ۾ حصو نه ورتو غير تڪراري رهيو. اهو ئي سبب هو جو چولياڻين جي دشمن مطالفن ڪڏهن به روپلي جو رستو نه روڪيو ۽ ڪڏهن به روپلي جي مٿان ڪيس وغيره داخل نه ڪرايو. هڪ ڀيري سندس چاچي منير چولياڻي چيو: روپلا ٿون سنڌ ڀلي آزاد ڪراءِ، پهرين اسان جي هنن قبيلائي جهيڙن مان جا ڇڏاءِ ته روپلي ٺھ پھ وراڻيو هو ”منير خان! اهي قبيلائي جهيڙا تون سنڀال، منهنجو ته سر سنڌ تان صدقو ٿيندو. آءُ سنڌ جي جنگ وڙهندس، سنڌ جي دشمن سان جهيڙيندي شهيد ٿيندس، پنهنجي سنڌي ماڻهن سان وڙهڻ روپلي جو وڙ ڪونهي“ ـ
روپلي جو سائين جي ايم سيد سان روحاني عشق هو، هو جڏهن شهادت کان پهرين گهران موڪلائي نڪتو هو ته هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ عامر کي گهرائي وصيت ڪئي هُئي ته بابي کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۽ قبرستان سان پيار آهي، مان بيشڪ سنڌ لاءِ شهيد ٿيندس. ڏس! متان بابو ضد ڪري ته روپلي کي ڏاڏي شمون خان جي ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ رکو، مون کي سائين جي ايس سيد جي پيراندي کان دفنائجو. ڇو ته مان سن جي امانت آهيان، منهنجي دوستن جو خيال رکجو ۽ هر حال ۾ ساڻن نڀائجو ـ
روپلو چولياڻي 21 اپريل 2011ع تي پنهنجي دوستن سرائي قربان کهاوڙ، نور الله تنرر سان تنظيمي دوري جي سلسلي ۾ وڃي رهيو هو ته سانگهڙ کپري روڊ تي باکوڙي موريءَ وٽ رياسي دهشتگردن مٿس حملو ڪري، پهريان گولين جا برسٽ هڻي شهيد ڪيو، بعد ۾ ڪيميڪل هاري گاڏيءَ کي باھ ڏئي ساڙيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جا هي ڪونڌر پٽ سرائي قربان ۽ روپلو شهيد ٿي ويا ۽ نورالله تنيو شهيد زخمي ٿي پيو. مقامي ماڻهن موجب ته گاڏيءَ مان ڪيتري دير تائين آزاد سنڌوديش جا نعرا گونجي رهيا هئا. نورالله تنيي موجب اُهي نعرا شهيد روپلو شهادت کان پهرين هڻي رهيو هو. اهڙي ريت روپلي سيد ۽ سنڌ سان ڪيل قول پورو ڪيو ۽ سهيد ٿي سرهو ٿيو. سنڌ آخري مڙھ سوين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان پهريان اباڻي گهر آندو ويو، ان بعد هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان سن ۾ آڻي، قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، قومي تراني جي گونج ۾ سائين جي ايم سيد جي قدمن ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو. اڄ اهو قبرستان قومي ڪارڪنن جي قبرستان جي نالي سان منسوب آهي ۽ باکوڙي موريءَ وٽ شهيدن جو يادگار جوڙايو ويو آهي، جتي هر سال هزارين ڪارڪنن جو قافلو مٿس گلن جي ورکا ڪرڻ ويندو آهي ـ
No comments:
Post a Comment