Tuesday, December 8, 2015

Profile of Noorullah Tunio

سنڌ جي هن بهادر ڪارڪن نورالله تنيي 1985ع ڌاري شهداد ڪوٽ ۾ استاد نيڪ محمد تنيي جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل هو، جنهن ڪري هن پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ ۾ ڪار ڪسر باقي نه ڇڏي هئي، پر کيس اه خبر نه هئي ته نوالله کي سنڌ جو عشق اهڙو ته سبق پڙهايو آهي، جو هي ظاهري علم جي حاصلات کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. هن شروعاتي تعليم شهداد ڪوٽ مان، مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحدا لاڙڪاڻي مان پاس ڪري بي ايس سي جو امتحاد حيثيت سان پاس ڪيو، نورالله جو قومي سياست ڏانهن لاڙو ننڍپڻ کان ٿيو، ڇو ته سندس چاچو الطاف تنيو فڪر جي ايم سيد سان لاڳاپيل هو، وٽس قومي ڪارڪنن جي اچ وڃ هوندي هئي ۽ انهن جي ڪچهرين مان هن سيد سنڌ کي ويجهي کان ڏٺو ـ
جڏهن سرائي قربان سان ويجهڙائي ٿيس ته سرائي جي دوستي هن کي مڪمل نظرياتي بڻائي ڇڏيو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ شموليت ڪري ڪم ڪرڻ لڳو، بعد ۾ جڏهن سرائي قربان جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ شموليت ڪئي ته هيءُ به ساڻس جسمم ۾ شامل ٿيو. هن جو گهڻو وقت سرائي قربان ۽ روپلي سان گڏ گذرندو هو ـ
نورالله 21 اپريل 2011ع تي سرائي قربان، روپلي چولياڻي سان گڏ سنڌ جي تنظيمي دوري تي وڃي رهيو هو ته سانگهڙ کپري روڊ باکوڙي موريءَ وٽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن هٿان شديد زخمي ٿيو، ان دوران سندس ساٿي شهيد ٿي ويا، پر نورالله بچي ويو هو، ان وقت نهايت ئي بهادري جو مظاهرو ڪيو هو ۽ وڏي آواز سان سنڌوديش جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا هئائين. سندس نعرن جي گونج ٻڌي مقامي ماڻهو وٽس ڊوڙي آيا، جن کي هن ٻڌايو ته اسان جيئي سنڌ جا ڪارڪن آهيون ۽ تنظيمي دوري تي وڃي رهيا هئاسين ته رياستي دهشتگردن اسان مٿان حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ منهنجا دوست شهيد ٿي ويا آهن. مقامي ماڻهن اهو ٻڌو ته هو جيئي سنڌ جا ڪارڪن آهن ته انهن فوري طور تي کيس اسپتال پهچائڻ چاهيو پر هن انهن کي چيو ته توهان مان ڪنهن وٽ موبائيل هجي ته هنن نمبرن تي اطلاع ڪريو ـ
نورالله جو ان وقت سينو گولين سان پروڻ ٿيل هو ۽ سندس چيلھ کان هيٺيون حصو مڪمل سڙي ختم ٿي چڪو هو پر هن جو حوصلو سلامت هو ۽ هن اهڙي حالت ۾ انهن دوستن جا نمبر ٻڌايا ۽ پاڻ انهن دوستن سان ڳالهائي آگاھ ڪيو ته اسان جي مٿان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حملو ڪيو آهي، سرائي قربان ۽ روپلو شهيد ٿي ويا آهن، سندس دوستن کي يقين ئي نه پئي آيو ته ائين ڪئين پيو ڳالهائي، تيستائين مقامي صحافين ٽي وي چينلن تي بريڪنگ نيوز نشر ڪئي ته سڄي سنڌ باھ جي ڄڀين ۾ ڀڙڪي اُٿي ۽ سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪنن جاقافلا باکوڙي موريءَ تي پهچڻ شروع ٿي ويا ـ
نورالله سانگڙ کان ڪراچي تائين نهايت ئي بردباري جو مظاهرو ڪيو هو ۽ هن سنڌي، اردو توڙي انگريزي ميڊيا جي اڳان کلي ڳالهايو هو ته مٿس حملي آورن کي بينقاب ڪيو هو، نورالله تنيو جون ٻئي ڄنگهون ضايح ٿي چڪيون هيو نيٺ زخمن جا سور نه سهندي 30 اپريل 2011ع تي اسپتال ۾ شهيد ٿي ويو، جتان سندس مائٽن ۽ قومي ڪارڪنن جي قافلي جي صورت ۾ شهداد ڪوٽ آندو ويو جتي قومي جهنڊي جو ڪفن ڏيئي، قومي تراني جي گونج ۾ وصيت موجب، پنهنجي شهيد ساٿي سرائي قربان کهاوڙ جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ـ

No comments:

Post a Comment