رضا محمد پهرين آگسٽ 1965ع تي ڳوٺ مهراب خان بنگلاڻي، تعلقي سامري، ضلعي عمر ڪوٽ ۾ بهادر خان بنگلاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول مهراب خان بنگلاڻيءَ مان پاس ڪرڻ کان پوءِ مڊل تائين گورنمينٽ اسڪول صوفي فقير ۾ پڙهيو. 1981ع ۾ ڪمپريهنسو هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ داخلا ورتائين. 1982ع ۾ مئٽرڪ جو امتحاد پاس ڪري، 1983ع ۾ ايس ايل ڪاليج ميرپورخاص ۾ داخلا ورتائين. (هي ڪاليج ان وقت شاھ لطيف جي نالي سان منسوب هو) انٽر امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري 1985ع ۾ بي اي سي ۾ داخلا ورتائين ـشهيد رضا محمد مئٽرڪ ۾ پڙهائي دوران سياست جي شروعات ڪئي، شروع ۾ ”جيئي سنڌ لطيف سنگت“ جو ميمبر ٿيو، بعد ۾ لطيف سنگت جو عهديدار ٿي ڪم ڪيائين. پاڻ نهايت ئي جاکوڙي ڪارڪن هوندو هو ـ
رضا ايس ايل ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران هاسٽل تي رهندو هو. ايس ايل ڪاليج او وقت پنجابين جي تنظيم اين ايس ايس او جو ڳڙھ بڻيل هو، جنهن ڪري سنڌي شاگردن کي تمام گهڻو تنگ ڪيو ويندو هو، رضا جاف جو عهديدار هئڻ ناتي پنجابي شاگردن سان ڪيترائي ڀيرا مُهاڏو اٽڪايو ۽ سنڌي شاگردن جو تحفظ ڪيو. رضا جي اهڙي همت پنجابي شاگردن کي پنهنجو دشمن بڻائي ڇڏيو هو. هنن ڪيترائي ڀيرا کيس ڌمڪيون به ڏنيون، پر هن بهادر انسان ڪڏهن به انهن ڌمڪين جي پرواھ نه ڪئي ۽ پنهنجي مقصد تي گامزن رهيو. ساڻس ساٿ ۾ يعقوب مڱريو، جميل لاشاري، محمد ايوب بليدي ۽ ٻيا ڪيترائي قومي ڪارڪن هوندا هئا. اهڙي طرح جساف جي هنن نوجوانن ڌارين جي لاءِ ڪاليج ۽ هاسٽل نوگو ايرياڻي بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري رِا ۽ سندس دوست پنجابي شاگردن جي اک جو ڪنڊو بڻجي پيا هئا ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ ٽرانسپورٽر مير زمان چوڌري کين ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون ـ
رضا محمد ۽ سندس ساٿين تي، 3 مئي 1986ع تي شاھ لطيف هاسٽل تي حملو ٿيو ۽ حملي دوران رضا هڪ دهشتگرد کي سوگهو ڪري ورتو هو پر اتفاق سان سندس پسٽل جي چيمبر ۾ گولي ڦاسي وئي، جنهن ڪري هنن گوليون هڻي کيس شهيد ڪري ڇڏيو. کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، شهيد رضا جو پلاند بشير خان قريشي مک جوابدار مير زمان چوڌريءَ کي پنهنجي انجام تي پهچائي ورتو ـ
No comments:
Post a Comment