ڊاڪٽر ڪمال راهمي 5 مئي 1962ع تي ڳوٺ پنات تعلقي ڇاڇري ۾ مولوي عبدالواحد راهمي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپيل هو. سندس والد استاد هئڻ ناتي، هن جي تعليم توڙي تربيت ۾ وسان ڪونه گهٽايو. هن ابتدائي سنڌي تعليم پنهنجي والد وٽ حاصل ڪئي، ثانوي تعليم مڊل اسڪول صالح ڀنڀتي، تعلقي ساماري ۾ پڙهيو، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۽ انٽر شاھ لطيف ڊگري ڪاليج ميرپورخاص مان پاس ڪيائين، بعد ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخل ٿيو. هيءَ جڏهن آزاد فضائن جي شهر ڄامشورو پهتو هو ته ، هن کي ٿر جي حالتن تي ڏاڍو رحم آيو هو ۽ اتان جي معصوم نوجوانن جي پڙهائيءَ جو کيس تمام گهڻو احساس جاڳيو، ڇو ته ٿر سنڌ جي پوئتي پيل خطي طور شمار آهي ۽ ان وقت ٿر ۾ نه اسڪول جي سهولتيت هوندي هئي ۽ نه ئي پڙهائي لاءِ ڪي خاص لئبريريون قائم ٿيل هونديون هيون. البته ان دور ۾ جيڪي به استاد هوندا هئا سي پنهنجي پيشي سان اولاد وانگر پيار ڪندا هئا ۽ نيڪ نيتيءَ سان تعليم ڏيندا هئا ـڪمال راهمون ٿر جي اهڙي ماحول مان تعليم پرائي، اڳتي نڪتو هو ۽ ٿر جي هيءَ واحد نوجوان هو، جيڪو يونيورسٽي تائين پهتو هو . هيءُ ننڍپڻ کان متحرڪ ذهن رکندڙ نوجوان هو، هن کي ٿر جي غربت ماريل ماڻهن جي وڏو اونو هوندو هو ۽ هن جي ذهن ۾ هر پل اهو خيال هوندو هو ته مون وانگر ٻيا نوجوان ڇو نٿا پڙهي سگهن. اهڙي سوچ رکندي هن غريب شاگردن جي بهتر تعليم لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ سماج سڌار سوسائٽيءَ جو قيام عمل ۾ آڻي شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙڻ لڳو. ٿر مان وڏيرڪي سياست جي خاتمي لاءِ ماڻهن ۾ شعوري جاڳرتا پيدا ڪري، هيٺئين درجي جا اميدوار موروثي سياستدانن جي مقابلي ۾ بيهاريائين. 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. ٽوڙيءَ ڦاٽڪ واري سانحي، کيس قومي قافلي ۾ آڻي بيهاريو ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي بعد کيس گرفتار ڪيو ويو. هيءَ آزادي ۾ پختو ويساھ رکندڙ نوجوان هو ۽ هر معاملي ۾ متحرڪ سياست ڪندو رهيو. هيءُ نظرياتي ڪارڪن هوندو هو ۽ جيئي سنڌ جو ڪل وقتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪندو هو. ڪمال سياست سان گڏ0 پنهنجي پڙهائيءَ کي به پورو ٽائم ڏيندو هو. هن يونيورسٽيءَ جو ماحول پرامن رکڻ لاءِ ڪيترائي احتجاج ڪرايا، 1982ع کان يونيورسٽين جو ماحول خراب ڪندڙ تنظيمن سان به ڳالهيون ڪري، کين سنڌ دوستيءَ جو سڏ ڏنائين ـ
ڪمال 16 مارچ 1986ع تي شاگرد ساٿين سان گڏ يونيورسٽيءَ جي ماحول جي بهتريءَ لاءِ پرچار ڪري رهيو هو ته ڊاڪٽر قادر مگسيءَ تي پنجابي اسٽوڊنٽس جي شاگردن حملو ڪيو، ڊاڪٽر کي بچائيندي، ڪمال راهمون شهادت ماڻي. سندس مڙھ ڳوٺ آڻي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو ـ
No comments:
Post a Comment