Sunday, December 13, 2015

Profile of Majid Memon

ماجد ميمڻ 20 اپريل 1992ع تي گولاڙچيءَ جي ميمڻ پاڙي ۾ عبدالمجيد ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول خميسو ڪچي وارڊ نمبر 4 مان ورتائين، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گولاڙچي مان ۽ انٽر سائنس آرمي ڪاليج گولاڙچيءَ مان پاس ڪيائين. هن کي پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو، پر وقت جي نام نهاد رياست جو پالتو ڇاڙتن کيس علم جي سوغات کان هميشه لاءِ محروم ڪري ڇڏيو. شهيد ماجد ميمڻ ٻاروتڻ مان جيئن شعور جي دنيا ۾ داخل ٿيو ته هن جيئي سنڌ متحده محاذ کان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي، هي نهايت ئي محنتي ۽ سنجيده ورڪر هو ۽ نظرياتي پڻ هن فڪر جي ايم سيد کي چڱي نموني نه صرف پڙهيو هو، پر انکي هينئين سان هنڍايو به هئائين ـ
ماجد ميمڻ معاشي طور تي ڪو ڪنگال نه هو، سندس والد جو سٺو ڪاروبار هو، پر هي نهايت ئي خوددار هئڻ ڪري، پڙهائي ۽ تنظيمي سرگرمين سان گڏ ڪومل چانھ جي ڪمپنيءَ ۾ سيلزمين طور روزگار پڻ ڪندو هو. هي چاهي ها ته پنهنجي والد صاحب جي ملڪيت ۾ هٿ ونڊائي سڄي زندگي سڪون سان گذاري ها، پر هن کي جوانيءَ جي جوش ۽ سنڌ جي عشق ائين ڪرڻ نه ڏنو ـ
گولاڙچي ۾ پنجابي آبادي تمام گهڻي آهي، جڏهن جيئي سنڌ جي تنظيمن اتي سرگرميون شروع ڪيون ته پنجابين گڏجي هڪ تنظيم(لاوا) نالي سان ٺاهي، جنهن جو صدر اسلم آرئين هو. هنن جو مقصد هو ته گولاڙچي ۾ ڪنهن به سنڌي کي اڳتي وڌڻ نه ڏبو، اهڙي طرح هي ڏينهون ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪا ڦشري ضرور ڪندا هئا ـ
ماجد ۽ قومي تحريڪ جا ٻيا ساٿي 26 ڊسمبر 2010ع تي گولاڙچي شهر ۾ قومي جهنڊو جهولائڻ جي رسم پوري ڪري رهيا هئا ته ڪجھ ايجنسين جي ڇاڙتن اچي مداخلت ڪئي ته هتي قومي جهنڊو لڳائڻ نه ڏينداسين، تنهن تي شهييد وراڻيو ته هي ڌرتي اسان جي، هي شهر اسان جا، توهان آيل اسان کي ڪيئن ٿا قومي جهنڊو هڻڻ کان روڪي سگهو؟ تنهن تي نام نهاد پنجابين جي هڪ ڇاڙتي آصف رضا ڪارڪنن مٿان فائر ڪيا، جنهن ۾ ماجد ميمڻ ٿڏي تي شهيد ٿي ويو. ان وقت قاتل ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پوءِ اها ڳالھ هُلائي وئي ته هن پاڪستان جو جهنڊو ساڙيو پئي، روڪڻ تان جهيڙو ٿي پيو، پر حقيقت ايئن نه هئي. شهيد جي قومي وارثن پيپلز پارٽي وانگر اهو نعرو نه هنيو ته جمهرويت بهترين انتقام آهي، پر هنن ته شهيد جي قبت جي مٽيءَ جو قسم کڻي وچن ڪيو ته اسان پلاند ڪنداسين ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته سنڌ جي قومي ڪارڪنن پنهنجي شهيد ساٿيءَ جو پلاند شهيد جي قبر جي مٽي سُڪڻ کان اڳ ۾ ڪري ڏيکاريو ـ

No comments:

Post a Comment