Sunday, December 27, 2015

Profile of Ghullam Qadir Jarwar

غلام قادر جروار 1971ع ڌاري ڳوٺ محمد هاشم جروار (جاني وليج) تعلقي ماتلي ضلعي بدين جي هڪ سياسي گهراڻي ۾ استاد غلام رسول جروار جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول امن آباد مان پاس ڪيائين. هن پنهنجي سياسي زندگي جو گهر آغاز هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ڪيو. جيئن ته سندس خاندان اڳ ۾ ئي قومي تحريڪ سان لاڳاپيل هو. جنهن ڪري هن کي ڄڻ سياست ورثي ۾ ملي هئي. هن هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران آزاد سنڌوديش لاءِ هلندڙ قومي تحريڪ جي ذيلي تنظيم لطيف سنگت ۾ شموليت ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ لطيف سنگت سنڌ جي سرگرم ڪارڪنن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس ڳوٺ ان قت قومي تحريڪ جو مرڪز هوندو هو جتي مرڪزي قيادت ايندي رهندي هئي ۽ اتي ٿيندڙ قومي ڪچهرين هن کي هڪ آدرشي ڪارڪن بڻائي ڇڏيو هو. کيس قومي قيادت به تمام گهڻو ڀائيندي هئي اهڙي طرح 1987ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد هن لطيف سنگت کان جيئي سنڌ محاذ ۾ شموليت ڪئي جسم ان وقت نظرياتي طور تمام گهڻي مضبوط هئي ـ
غلام قادر جيئي سنڌ محاذ ۾ شموليت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي علائقي ۾ فڪر سيد جي وسيع نظريي جي پرچار ڪرڻ لڳو هيءُ نظرياتي سان گڏ عمل پيرا سچو ۽ محنتي ورڪر هوندو هو سندس سرگرمين جيئن جيئن وڌنديون ويون تيئن هن جي پويان رياست پنهنجي ڇاڙتن کي بڇي ڇڏيو هو پر هي بيپرواهه ٿي پيو پنهنجو قومي فرض نڀائيندو هو 1980ع وارو ڏهاڪو قومي تحريڪ جي ڪارڪنن لاءِ نهايت ئي ڀاري هو هن دور ۾ ڪيترائي قومي ڪارڪن جيل جي چوديوارين ۾ قيد ڪيا ويا هئا ڪيترن کي بيگناهه ماريو پئي ويو ٽوڙيءَ ڦاٽڪ وارو قهري سانحو به هن ڏهاڪي ۾ ٿيو هو ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي ديسي دلالن هٿان راهه تان هٽايو ويو هو ـ
غلام قادر جروار به اهڙي سازش جو شڪار ٿيو هو. شهيد غلام قادر کي 1989ع ۾ پنهنجي والد صاحب جي ڪوٽا تي پرائمري استاد طور نوڪري ملي ۽ هن استاد هئڻ جا فرض به نيڪ نيتيءَ سان نڀايا . هيءُ اسڪول ۾ ٻارن کي ڪورس پڙهائڻ سان گڏ قومي حقن بابت به ٻڌائيندو هو ته سنڌ جي خوشحاليءَ جا منظر به شاگردن جي ذهن ۾ محفوظ ڪندو ويو سندس اهڙي پرچار تي سنڌوديش جي دشمن رياست تمام گهڻي هوندي هئي رياست قومي هلچل جي سگهاري آواز کان ڊڄندي، هلاڪو خان جي اولاد پٺاڻن هٿان کيس راهه تان هٽائڻ جي رٿ رٿي ـ
غلام قادر 18 جنوري 1990ع تي اسڪول ۾ ڊيوٽي ڏئي واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته رياست جي ڇاڙتن پٺاڻن ڊگهڙي شهر ۾ مٿس حملو ڪري ڏنو ۽ نهايت ئي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو جڏهن سندس مڙهه گهر کڄي آيو هو ته پوري ڳوٺ ۾ روڄ راڙو برپا ٿي ويو هو، پر سندس بهادر ڏاڏي نبي بخش جروار ڪنهن کي به روئڻ نه ڏنو ۽ سڀنيءَ کي اهو چئي چپ ڪرايائين ته هي ڌرتيءَ جي جنگ وڙهندي شهيد ٿيو آهي، هن ته اسان جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي، مون کي پنهنجي هن اولاد تي فخر آهي ـ

No comments:

Post a Comment