حڪيم نوتياري سياست جي شروعات جيئي سنڌ محاذ کان ڪئي هن ڪيترو ئي عرصو ضلعي ۾ ميمبر جي حيثيت سان ڪم ڪيو ن دوران سندس پنجابين سان چڪريون به رهيون مٿس ڪوڙا ڪيس به داخل ٿيا پر هي مانجهي مڙس پوءِ به پنهنجي مقصد ڏانهن گامزن رهيو ۽ آزاد سنڌو ديش جي پرچار ڪندي گڏو گڏ مقامي سطح تي ماڻهن جي دلين ۾ ڌارين جي لاءِ نفرت جي باهه ڀڙڪائيندو رهيو. هيءُ تمام گهڻو جذباتي قسم جو نوجوان هو هن سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي قبضي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو اهڙي طرح هن جي عملي جدوجهد کان خوفذده ٿي قتل ججي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر هن گرفتاري ڏيڻ بجاءِ روپوشي اختيار ڪئي روپوشيءَ دوران هيءُ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهيو ۽ قومي جدوجهد سان سلهاڙيل رهيو ـان بعد 1985ع ڌاري هيءُ ڪراچي شفٽ ٿيو. جتي رهي هن ڪيترو ئي ڪم ڪيو 1995ع ۾ جڏهن جيئي سنڌ قومي محاذ ٺهيو ته هيءُ ڪراچيءَ ۾ جسقم جو ميمبر ٿيو ۽ مختلف ضلعي عهدن تي رهي سرگرم ڪارڪن طور ذميواريون نڀايائين ملير ضلعي اوڀر جو ڊويزنل آرگنائيزر نائب صدر ۽ صدر رهيو. شهيد حڪيم نوتيار هڪ محنتي ڪارڪن هوندو هو. ڪاچيءَ ۾ رهڻ کانپوءِ هي سڄي سنڌ جي ماڻهن جو ڀرجهلو رهيو. هن ڪراچيءَ ۾ آباد اردو ۽ سنڌي آباديءَ کي گڏائڻ ۾ اهم ڪرادار ادا ڪيو ملير کوکراپار سميت ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ڪڇي برادري ۽ ٻين برادرين کي قومي تحريڪ ۾ ضم ڪيو. هيءَ اتي آباد سنڌي ماڻهن جو تمام گهڻو تحفظ ڪندو هو ۽ ٻهراڙين کان آيل ماڻهن جر هر طرح پر گهور لهندو هو. ڪنهن به ضلعي جو ڪو ڪارڪن ڪراچيءَ ۾ تاج ڪامپليڪس تي لهي، کيس فون ڪندو هو ته هيءُ فوري طور اتي پهچي ويندو هو ۽ ان ماڻهوءَ کي کڻي ان جو جيڪو به ڪم هوندو هيون ڪرائي ماني وغيره کارائي، پوءِ واپس ان کي بس اسٽاپ تي ڇڏندو هو. اهڙيون ڪيتريون ئي خوبيون هن ۾ هونديون هيون ڪراچي ملير ۾ جتي پاڻ رهندو هو. اتي هن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ هڪ الڳ مقام جوڙيو هو ۽ اتان جا ماڻهو کيس مسيحا سمجهندا هئا ـ
حڪيم جي هوندي ڪير به کين تنگ ڪرڻ جي همت نه ڪندو هو، ۽ نه ڪنهن جي ڪاروبار کي ڪير نقصان پهچائڻ جي جرئت ڪندوهو جڏهن به پارٽي جسقم ڪنهن هڙتال وغيره جو سڏ ڏيندي هئي ته پوري ملير ضلعي جا ماڻهو يڪجهتي طور پنهنجا ڪاروبار بند رکي سندس سڏ ۾ سڏ سيندا هئا ٻي ڪنهن به پارٽيءَ جي هڙتال وغيره ۾ ضلعو ملير بند نه ٿيندو هو. ايتري قدر ڪو ايم ڪيو ايم جي هڙتال ۾ به مڪمل شهر کليل هوندو هو. حڪيم نوتيار جهڙي ريت ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو هو، اهڙي ريت هو رياست جي اکين ۾ ٻير جي ڪنڊي جيان چڀڻ لڳو هو.حڪيم نوتيار جو سياسي سفر جاري هو ته اوچتو هو 7 جون 2008ع تي گم ٿي ويو ۽ هو ٽن ڏينهن تائين لاپتا هو، سندس ڀاءُ ملير ٿاڻي تي سندس گمشدگيءَ جي يف آءِ آر به داخل ڪرائي هئي10 جون 2008ع تي گلستان جوهر جي پهلوان ڳوٺ لڳ ففليٽ نمبر 307 مان سندس لاش مليو سندس سڄي جسم تي تشدد ٿيل هو، منهن تي تيزاب هاريل ۽ مٿي ۾ گولي لڳل هئي سندس مڙھ بچل خاصخيلي ڳوٺ جي لعل شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ـ
No comments:
Post a Comment