Wednesday, December 30, 2015

Profile of Zakhmi Chandio

سنڌ جي قومي ۽ مزا حمتي شاعر زحمي چانڊيي، پهرين مئي 1961ع تي ڊکڻ ضلعي شڪارپور ۾ مولا بخش چانڊيي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو ڄام خان هو، پر سڄي سنڌ کيس زخمي طور سڃاڻندي هئي. پاڻ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هوندو هو، زخمي هڪ ئي وقت اعلي پايي جو شاعر، استاد، قومي ڪارڪن، سماج سڌارڪ سان گڏ جوشيلو مقرر به هو. وٽس لفظن جو خزانو هوندو هو، هيءُ جڏهن به ڪنهن اسٽيج تي اچي ڳالهائيندو هو ته لفظ سندس زبان جا غلام بڻيل هوندا هئا، سندس سحر انگيز تقرير جي جادو ڪيترين ئي دلين کي ڌڙڪائي وڌو هو. پاڻ پرائمري کان اٺين ڪلاس تائين گورنمينٽ مڊل اسڪول علي خان ۾ پڙهيو مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڊکڻ مان ڪيائين هائير سيڪنڊري اسڪول شڪارپور مان انٽر ڪرڻ بعد ڊسمبر 1979ع کان تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، ان دوران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان ايم اي (اسلامڪ ڪلچر) ۾ ڪري ورتائين ـ
زخمي 1984ع کان شاعري شروع ڪئي شاعريءَ ۾ نامور شاعرن نثار بزمي ۽ سرڪش سنڌيءَ کان اصلاح ورتائين سندس شاعريءَ ۾ رومانوي رنگ به آهي پر مجموعي طرح سندس شاعري ڌرتيءَ جي پيار سان سرشار ۽ مزاحمتي آهي. 1991ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ جو بنياد وڌائين سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جو ضلعي رابطا سيڪريٽري به رهيو ان کان سواءَ سچوا سنڌ جو مرڪزي نائب صدر ۽ مرڪزي سيڪريٽري آل سنڌ ريسورس پرسن تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ، استادن جي تنظيم گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جو پريس سيڪريٽري ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو نهايت سرگرم ڪارڪن رهيو 1996ع کان لاڙڪاڻي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. زخمي کي مزا حمتي شاعري ڪرڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل به اماڻيو ويو، پر هو پنهنجي مزا حمتي رنگ کان باز نه آيو ۽ سڄي سنڌ جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪري، پنهنجي سر ۽ مزا حمتي رنگ سبب داد حاصل ڪندو رهي. سندس شاعريءَ عوامي رنگ جي هجڻ سبب ڪافي مقوليت ماڻي ۽ سندس شاعريءَ کي سرمد سنڌيءَ سميت سنڌ جي ڪيرن فنڪارن ڳايو آهي ـ
زخمي چانڊيو فڪري طور سائين جي يم سيد جو پوئلڳ هو ۽ سندس شاعري توڙي لکڻين ۾ قومي پرچار گهڻي نظر اچي ٿي. هيءَ شروع کان وٺي قومي تحريڪ سان لاڳاپيل رهيو، پر ڪڏهن به عهدي وغيرهه جي لالچ نه ڪيائين، عام ڪارڪن طور جهر جهنگ جهاڳيندو ۽ آزاد سنڌوديش جو پيغام پهچائيندو رهيو. سندس شاعري قومي محفلن جو حصو بڻجي وئي هئي، جنهن ڪري کيس تمام گھڻو تنگ ڪيو ويو. پاڻ شروع کان وٺي آخر تائين آدرشي انسان رهيو. پيشي جي لحاظ کان هاءِ اسڪول ۾ استاد رهيو هو سرگرميءَ سان جدوجهد جو نه رڳو قائل هو پر ان تي عمل پيرا به رهيو ڪافي وقت تائين تعليم کاتي ۾ سپروائيزر طور ذميواريون نڀايائين پر ارڏي ۽ صاف هئڻ سبب کاتي جي اعليٰ عملدارن جا ساڻس اختلاف رهيا، جنهن ڪري کيس ڏوراهن علائقن جي اسڪولن ۾ کيس بدلي ڪيو ويندو هو، پر هيءُ محبتي انسان جتي به ويندو هو محبتون ماڻيندو ۽ قومي پرچار ڪندو رهندو هو. هن اعلي عملدارن جي اهڙي رويي تي سيڪريٽري تعليم مهتاب اڪبر راشديءَ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس به داخل ڪيو ۽ پنهنجي ڳوٺ جي ٽن نياڻين کي پڙهايو ۽ جواب پور جهڙي قبائلي ذهنيت واري ڳوٺ ۾ ڇوڪرين لاءِ اسڪول کولرائي، هڪ نياڻيءَ کي استاد مقرر ڪرايو پر قبائلي ذهنيت رکندڙ سندس عزيزن ان جي مخالفت ڪئي. زخمي چانڊيو جيئن ته هڪ خوددار انسان هو ۽ ڪنهن جي به آڻ نه مڃيندو هو. جڏهن رياست ڏٺو ته هيءُ ارڏو انسان ڪنهن به صورت ۾ جهڪڻ لاءِ تيار ناهي ته هنن ديسي دلالن هٿان کيس 24 آڪٽوبر 2000ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڏينهن ڏٺي جو اسڪول ڏانهن ويندي، هٿياربندي هٿان شهيد ڪرايو. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان جواب پور ۾ واقعي آهي ـ

No comments:

Post a Comment