اسد عباسيءَ جي محنتن سان مهراڻ يونيورسٽيءَ جو ماحول اڃا وڌيڪ سٺو ٿيندو ويو. ڪو به جهيڙو جهڳڙو نه ٿيندو هو ۽ نه وري ڪڏهن ڪا اسٽرائيڪ (هڙتال) اها ڳالهه انتظاميا کي سٺي نه لڳندي هئي ڇو ته هنن جي پاڙيسري يونيورسٽيءَ (سنڌيونيورسٽي) ۾ هر روز بائيڪاٽ هوندو هو. مهيني ۾ چار ڏينهن به ڪلاس ڪو نه هلندا هئا ان جي ڀيٽ ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو ماحول نرم هو، ڪنهن به تنظيم جي مداخلت کي جساف وارا اڳتي وڌڻ ڪو نه ڏيندا هئا. انتظاميا مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پريشر گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي نصيب ٿي ۽ پوءِ هنن سنڌ يونيورسٽيءَ مان (سپاف جي ) سرڪاري غنڊن کي گهرايو جيڪي گهرو وزير جي سرپرستيءَ هيٺ سنڌ يونيورسٽيءَ کي تباهيءَ ڪناري پهچائي چڪا هئا. اسحاق بروهي ۽ رزاق بروهيءَ سان مهراڻ يونيورسٽيءَ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جو مائٽ احسن ڪنڌر شامل ٿيو ۽ ڪجهه جٽ پنجابي به شامل ٿيا هاڻي هنن جي پريشر گروپ جي مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ مداخلت شريع ٿي چڪي هئي جساف جي ڪارڪنن ان مداخلت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن سان گورنمنٽ جي طاقت گڏ هئي پوليس جي گاڏين ۾ چڙهي اچي هيءُ ٽولو يونيورسٽيءَ ۾ بدمعاشي ڪندو هو. ائين جهيڙي جي شروعات ٿي چڪي هئي جساف جا نوجوان فولادي ديوار بڻجي هنن جي سامهون بيهي رهيا هنن کي پنهنجي زندگين کان وڌيڪ يونيورسٽيءَ جو ماحول عزيز هو ۽ نيٺ 08 آگسٽ 2008ع تي انهي جهيڙي جي پڄاڻي ٿي مهراڻ يونيورسٽيءَ مان هڪڙي گولي ڇٽي جيڪا بشير آريسر ۽ ماجد حيدريءَ سان گڏ سڄي سنڌ کپي سوڳوار ڪري وئي، اها گولي اسد عباسيءَ جي تعاقب ۾ هئي مهراڻ يونيورسٽيءَ جي گيٽ وٽان هڪ چيخ پڙاڏو بڻجي اڀري جيڪا ان ڇوڪريءَ جي هئي جنهن سان هو ميسيج چيٽ ڪندو هو. هو پٺ ڏيئي ڪونه ڀڳو هو هن گولي نرڙ ۾ لڳي هئي هن جو رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو هو دوستن فوري طور کيس هن کي طبي امداد لاءِ ايل. ايم. يو پهچايو جتان ڊاڪٽرن فوري طور کيس ڪراچيءَ ريفر ڪيو پر افسوس جو ڪراچي پهچڻ کان پهرين هن سرڪش نوجوان ڌرتيءَ تي آخري نظر وجهي ـ
اسد عباسي شهيد ٿي ويو مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ سناٽو ڇانئجي ويو هر اک آلي هئي سارا نيڻ اداس هئا پکين جا پر ڪٽجي ويا هئا ڌرتي ماتا سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. سائين جي ايم سيد جو روح تڙپي اٿيو هو ۽ جڏهن شهيد اسد عباسيءَ جي تدفين ڪري هن جا دوست واپس موٽيا هئا تڏهن هنن سڌو رح ڄامشوري ٿاڻي جو ڪيو شهيد اسد جي قتل جي ايف آءِ آر ڪٽرائن لاءِ ڄامشوري جي ڊي پي او اهو چئي ايف آءِ آر ڪٽڻ کان انڪار ڪيو ته گهرو وزير جي منع ٿيل آهي اسحاق بروهي ۽ رزاق بروهيءَ تي ڪنهن به قسم جي ڪا به ايف آءِ آر نه ڪاٽي وڃي، پوءِ چاهي هو ڪيترائي قتل ڇو نه ڪري وجهن ـ
No comments:
Post a Comment