Monday, January 4, 2016

Profile of Asad Abbasi

اسد عباسي روشنين جي شهر ڪراچيءَ جي رهاڪو، اسٽيل مل مان رٽائرڊ انجنيئر عبدالرحمن عباسيءَ جو پٽ هو سندس وڏا اصل ۾ ميهڙ جا رهاڪو هئا، بعد ۾ لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺا، هيءُ جڏهن روشنين جو شهر ڇڏي پٿرن جي شهر ڄام شوري پهتو هو، تڏهن هن کي اڻ ڳڻيون محبتون مليون هيون هن مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيٽيڪچر ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتي هئي جتي هن کي بشير آريسر ۽ ماجد حيدريءَ جهڙا بهادر ۽ پر خلوص دوست مليا هئا هيءُ جسقم جي شاگرد ونگ (جساف) جو ميمبر ٿيو ۽ شاگردن جي مسئلن تي انتظاميا سان ٽڪراءَ ۾ آيو، هن يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس جي مطالبو ڪيو جيڪي تمام ٿوريون هونديون هيون شاگرد انهن ۾ سٿجي ايندا هئا ڪڏهن ڪڏهن ته ڇوڪريون بس ۾ فرش تي ويهي يونيورسٽي پهچنديون هيون هن ميس تي مانيءَ جي مهانگي ٿيڻ تي آواز اٿاريو هاسٽلن جي صفائي ۽ هفتن جاهفتا پاڻي نه هجڻ، هن انهن مسئلن خلاف شاگردن ۾ تحريڪ هلائي. وي سي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ۽ پوءِ نيٺ انتظاميا هن سرڪش نوجوان جي اڳيان گوڏا کوڙيا ۽ شاگردن جا مسئلا فوري طور حل ڪيا ۽ اهڙي طرح هيءُ شاگردن جي لاءِ مسيحا ٿيندو ويو ۽ انتظاميا جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن گڏجي هن کي جساف مهرڻ يونيورسٽيءَ جو صدر مقرر ڪيو ۽ هن آخري گهڙين تائين انهن جو ويساهه بحال رکيو. هيءَ يونيورسٽيءَ جي سڀني شاگردن جو تمام گهڻو خيال رکندو هو، خاص طور ڇوڪرين جو مهراڻ جون ڪيتريون ئي ڇوڪريون هن تي ديوانيون هونديون هيون پر هيءُ سڀني کي پنهنجون ڀيڻيون سمجهندو هو. هڪڙي ڇوڪري هوندي هئي انهيءَ سان هيءُ ڪجهه گهڙين لاءِ ميسيج چيٽ ڪري وٺندو هو، پر انهيءَ سان ڪڏهن به پيار وغيره جو اظهار ڪو نه ڪيائين، جنهن کي ڌرتيءَ جي عشق مڌ جا پيالا پياري مست ڪري ڇڏيون هجي اهو ڪنهن هڪ فرد سان عشق ڪري پنهنجي پاڻ کي محدود ڪيئن ٿي ڪري سگهيو ـ
اسد عباسيءَ جي محنتن سان مهراڻ يونيورسٽيءَ جو ماحول اڃا وڌيڪ سٺو ٿيندو ويو. ڪو به جهيڙو جهڳڙو نه ٿيندو هو ۽ نه وري ڪڏهن ڪا اسٽرائيڪ (هڙتال) اها ڳالهه انتظاميا کي سٺي نه لڳندي هئي ڇو ته هنن جي پاڙيسري يونيورسٽيءَ (سنڌيونيورسٽي) ۾ هر روز بائيڪاٽ هوندو هو. مهيني ۾ چار ڏينهن به ڪلاس ڪو نه هلندا هئا ان جي ڀيٽ ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو ماحول نرم هو، ڪنهن به تنظيم جي مداخلت کي جساف وارا اڳتي وڌڻ ڪو نه ڏيندا هئا. انتظاميا مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پريشر گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي نصيب ٿي ۽ پوءِ هنن سنڌ يونيورسٽيءَ مان (سپاف جي ) سرڪاري غنڊن کي گهرايو جيڪي گهرو وزير جي سرپرستيءَ هيٺ سنڌ يونيورسٽيءَ کي تباهيءَ ڪناري پهچائي چڪا هئا. اسحاق بروهي ۽ رزاق بروهيءَ سان مهراڻ يونيورسٽيءَ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جو مائٽ احسن ڪنڌر شامل ٿيو ۽ ڪجهه جٽ پنجابي به شامل ٿيا هاڻي هنن جي پريشر گروپ جي مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ مداخلت شريع ٿي چڪي هئي جساف جي ڪارڪنن ان مداخلت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن سان گورنمنٽ جي طاقت گڏ هئي پوليس جي گاڏين ۾ چڙهي اچي هيءُ ٽولو يونيورسٽيءَ ۾ بدمعاشي ڪندو هو. ائين جهيڙي جي شروعات ٿي چڪي هئي جساف جا نوجوان فولادي ديوار بڻجي هنن جي سامهون بيهي رهيا هنن کي پنهنجي زندگين کان وڌيڪ يونيورسٽيءَ جو ماحول عزيز هو ۽ نيٺ 08 آگسٽ 2008ع تي انهي جهيڙي جي پڄاڻي ٿي مهراڻ يونيورسٽيءَ مان هڪڙي گولي ڇٽي جيڪا بشير آريسر ۽ ماجد حيدريءَ سان گڏ سڄي سنڌ کپي سوڳوار ڪري وئي، اها گولي اسد عباسيءَ جي تعاقب ۾ هئي مهراڻ يونيورسٽيءَ جي گيٽ وٽان هڪ چيخ پڙاڏو بڻجي اڀري جيڪا ان ڇوڪريءَ جي هئي جنهن سان هو ميسيج چيٽ ڪندو هو. هو پٺ ڏيئي ڪونه ڀڳو هو هن گولي نرڙ ۾ لڳي هئي هن جو رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو هو دوستن فوري طور کيس هن کي طبي امداد لاءِ ايل. ايم. يو پهچايو جتان ڊاڪٽرن فوري طور کيس ڪراچيءَ ريفر ڪيو پر افسوس جو ڪراچي پهچڻ کان پهرين هن سرڪش نوجوان ڌرتيءَ تي آخري نظر وجهي ـ
اسد عباسي شهيد ٿي ويو مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ سناٽو ڇانئجي ويو هر اک آلي هئي سارا نيڻ اداس هئا پکين جا پر ڪٽجي ويا هئا ڌرتي ماتا سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. سائين جي ايم سيد جو روح تڙپي اٿيو هو ۽ جڏهن شهيد اسد عباسيءَ جي تدفين ڪري هن جا دوست واپس موٽيا هئا تڏهن هنن سڌو رح ڄامشوري ٿاڻي جو ڪيو شهيد اسد جي قتل جي ايف آءِ آر ڪٽرائن لاءِ ڄامشوري جي ڊي پي او اهو چئي ايف آءِ آر ڪٽڻ کان انڪار ڪيو ته گهرو وزير جي منع ٿيل آهي اسحاق بروهي ۽ رزاق بروهيءَ تي ڪنهن به قسم جي ڪا به ايف آءِ آر نه ڪاٽي وڃي، پوءِ چاهي هو ڪيترائي قتل ڇو نه ڪري وجهن ـ

No comments:

Post a Comment