Thursday, January 7, 2016

Profile of Abdullah Samon

شهيد عبدالله سمون 15 آگسٽ 1960ع تي ڳوٺ پير سخي عثمان شاهه لڳ نئون دمبالو، تعلقي ماتليءَ ۾ منٺار احمد سمي جي گهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم سجاول شهر مان ۽ ميٽرڪ جو امحتان ماتلي ڪاليج مان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري، انٽر گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري،حيدرآباد مان پاس ڪيائين. جتان سنڌ جو عشق لڳو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس (جساف) ۾ شموليت ڪري، آزاد سنڌوديش جي سياست ڪرڻ لڳو. هن کي جهڙي ريت سنڌ سان محبت هئي، اهڙي ريت تعليم سان به وڏو چاهه هئس. هن شروعاتي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو مطالعو ڪيو هو ۽ سراج ميمڻ جي ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ مٿس تمام گهڻو اثر ڇڏيو هو ۽ سراج سندس پسنديدهه ليکڪ بڻجي ويو هو. هن کي پڙاڏو سوئي سڏ پڙهڻ کان پوءِ سنڌ جي عشق جي اهڙي ته لوري لڳي جو هن باقي سڀ ڪجهه وساري ڇڌيو هو. هي نهايت ئي پڙهيل ڳڙهيل، نظرياتي ۽ ڪميٽيڊ ورڪر هو. جنهن ڪري سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ هڪ لڳ مقام جوڙيو هئائين ـ
عبدالله سمون نهايت ئي پر خلوص ۽ ڳوٺاڻيون ڪچهريون ڪري فڪر جي ايم سيد کي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وٽس تقرير جو سٺو ڏانءُ هو،جنهن ڪري ماڻهن ۾ جلدي رلي ملي ويندو هو. ڪچهري جو ڪڏيو، محفل جو مور ۽ وڏو مهماننواز هئڻ سان گڏوگڏ ڪپڙو لٽو سادو ۽ سٺو پهرڻ جو شوقين هوندو هو، هي سائين جي ايم سيد جي صفائي سٿرئي واري نڪتي تي مڪمل عمل ڪندو هو. شهيد عبدالله پنهنجي سڄي زندگي قومي ۽ سماجي ڪمن ۾ صرف ڪئي. هن سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ وڃي آزاد سنڌوديش جي پرچار ڪئي ـ
عبدالله سمون سنڌ ۽ سيد سان گڏ پنهجي گهر جو به وڏو خيال رکندو هو. هن پنهنجي سڀني ڀائرن کي سٺي تعليم ڏياري ۽ سندن بهتر تربيت پڻ ڪئي هي ماءُ پيءُ جو به تمام گهڻو خيال رکندو هو. گهر ۾ سندس رويو نهايت ئي پيار وارو هوندو هو، جنهن ڪري پوري گهر جا ڀاتي کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا. هن 1978ع ۾ شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيس پٽ ننڍپڻ ۾ گذاري ويو باقي سندس نياڻي آهي، جيڪا شهيد جي آخري نشاني آهي. عبدالله سمون تنظيمي سرگرمين ۾ گهمندو رهندو هو. ان وقت موبائيل فون جي سهوليت نه هئي جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن رابطو ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح اپريل 1987ع ۾ جڏهن گهران نڪتو ته هفتي تائين نه موٽيو سندس گهر وارن ڳولا شروع ڪئي آخر 17 اپريل 1984ع تي پوليس ڪراچيءَ ٿاڻي تان فون ڪري وارثن کي اطلاع ڏنو ته عبدالله سمون مارجي ويو آهي سندس لاش کڻي وڃو، جڏهن وارث ڪراچيءَ پهتا ته هنن چيو اسان لاش زمين حوالي ڪري ڇڏيو آهي، وارثن کي خالي هٿ مٽايو ويو، کين لاش ته نه ڏنو ويو، پر اهو به به ٻڌايو ويو ته دفن ڪٿي ڪيو آهي. اڃا تائين سندس وارث راهون ڳولي رهيا آهن. عبدالله سمون ڪو ڌاڙيل نه هو، هن جو ڏوهه اهو هو ته هن سنڌ سان عشق ڪيو هو ـ 

No comments:

Post a Comment