Tuesday, January 19, 2016

Profile of Fazil Rahu

محمد فاضل راهو 1933ع ڌاري گولاڙچي جي اوڀر طرف ڳوٺ راهوڪي ۾ ڳوٺ جي چڱي مڙس احمد راهو جي گهر ۾ جنم ورتو، فاضل راهو جڏهن جوانيءَ جي اڱڻ تي پير پاتو ته ملڪ ۾ مارشلا لڳي چڪي هئي، انهيءَ زماني ۾ تعليم جو ڪو به خاص نظام نه هوندو هو، تنهن ڪري فاضل به اعلي تعليم پرائي نه سگهيو، صرف پرائمري ٽي يا چار درجه پڙهي سگهيو ايوب خان بنيادي جمهوريت سرشتي تحت مڪاني چونڊ ڪرائي ته فاضل ترائي يونين جو ميمبر چونڊي آيو ، ٻئي مدي ۾ ساڳي يونين ڪائونسل جو چيئرمين چونڊجي ويو. 1967ع ڌاري يونين ڪائونسل ترائي ۾ مٿس قاتلاڻو حملو ڪرايو ويو، جنهن ۾ فاضل راهو پنهنجي ساٿين سميت زخمي ٿي پيو. انهيءَ جهيڙي کانپوءِ فاضل راهو عملي سياست ۾ پير پاتو ـ
جنرل ايوب جي دور ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، صوبن جي پنهنجي وسيلن جي مالڪي ختم ڪري سڀ وسيلا مرڪز کي ڏ0نا ويا هئا. ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ تحريڪ تمام گهڻي مقبول تي وئي. سنڌ جي اديبن، شاعرن، شاگردن ۽ مختلف سياستي گروپن تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ محمد فاضل راهو انهيءَ هلچل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو هو. 1969ع ۾ هن ”نيلام بند ڪريو“ تحريڪ جي شروعات ٽنڊي محمد خان کان ڪئي، تنهن کان پوءِ جدوجهد ۽ جيل ڀريو تحريڪ کي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان شروع ڪيو ويو، ماڻهو ڌڙا ڌڙ گرفتاريون ڏيڻ لڳا. گرفتارين جو سلسلو جڏهن ڊگهو ٿي ويو ته ”نيلام بند ڪريو“ تحريڪ جي ڪنوينر محمد فاضل راهو کي گرفتار ڪيو ويو. فاضل راهو جي گرفتار ٿيڻ سان تحريڪ وڌيڪ زور ورتو، پهريون ڀيرو سنڌ جي شاگردياڻين اختر بلوچ ۽ نسيم ميمڻ گرفتاري 0ڏني، انهي کان سواءِ سنڌ جي عورتن ۽ شاگردياڻين گرفتاريون ڏنيون ـ
نيٺ سرڪار مجبور ٿي رات جو اٺين وڳي واري ريڊيو جي خبرن واري نشريات ۾ اهو اعلان ڪيو ته سنڌ جي زمين جو نيلام عام ختم ڪجي ٿو. تڏهن وڃي سنڌ جي لاڙ وارن ٽن ضلعن ٽنڊي محمد خان، بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي 8 لک ايڪڙ زمين وڏيرن، ڪامورن ۽ ڌارين ماڻهن ۾ ورهائجڻ کان بچي وئي ۽ اها 8 لک ايڪڙ زمين سورنهن ايڪڙ في هاري جي حساب سان ورهائي وئي، جنهن جي اڳواڻي محمد فاضل راهو پاڻ ڪئي، انهيءَ وقت روينيو آفيسرن غلام محمد شهواڻي ۽ محمد هاشم ميمڻ، محمد افضل راهو تي مڪمل اعتماد ڪري ڪوٽڙي بئرا جي ڪمانڊ ايريا جي ورهاست جو امين مقرر ڪيو ۽ فاضل راهو انهيءَ اعتماد جي پاسداري ڪئي ۽ هر حقدار کي سندس ڳوٺ وڃي زمينن جا آرڊر هٿو هٿ ڏنا، 17 جنوري 1987ع تي ٻنپهرن جو ڏينهن ڏٺي جو گولاڙچي وچ شهر ۾ قاتل هٿان قوم جي محبوب اڳواڻ، غريب ماڻهن جي ڀرجهلي محمد فاضل راهو کي شهيد ڪرايو ويو، سنڌ پنهنجي بهادر فرزند کان محروم ٿي وئي ـ

No comments:

Post a Comment