خيرالنساءِ جعفري 17 آگسٽ 1947ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، بنيادي تعليم به اتي ئي حاصل ڪيائين ان کانپوءِ نفسيات ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين ۽ 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي نفسيات جي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، انهي نوڪري ملڻ جو ذڪر ڪندي هن لکيو ته 1970ع ۾ منهنجي مرضي هئي ته مون ڪٿي ماستري ملي پوي، جو هر مهيني پنجاهه رپين جي سخت ضرورت محسوس ٿيندي هئي، بڪ اسٽالن جي ڪتابن خريدڻ جي شوق ۾ ماستري نه ملي، پر اوچتو ان ئي سال 1970ع ۾ يونيورسٽي ۾ نفسيات ۾ ليڪچرر شپ ملي وئي، پگهار پنجاهه رپين جي بدران 450 رپيا پئي مليو، پر منهنجي ڪتاب پڙهڻ جو شوق ئي لهي ويو، اڄ به منهنجو مطالعو ڪتابن پڙهڻ جي حد تائين نه هئڻ جي برابر آهي ـ
خيرالنساءَ جعفري لکڻ جي شروعات ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي، سندس پهرين ڪهاڻي 1974ع ۾ ”سوجهرو“ رسالي ۾ ڇپي، تنهن کانپوءِ مسلسل لکڻ جي مشق ڪندي رهي، ڪهاڻيون لکڻ کانسواءِ هن مختلف ڪتابن جا ماڳ، تقريرون، مضمون ۽ سفرناما پڻ لکيو، خيرالنساءِ جعفري جي ڪهاڻين جو مجموعو ”تخليق جو موت“ 1978ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي تمام گهڻي پذيرائي ٿي، خيرالنساءِ جعفري پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڪثر علامتي اهڃاڻ ڏنا آهن، هن سماجي اڻ برابرين ۽ براين جو ذڪر ڏاڍي سگهاري نموني نهايت خوبصورت اسلوب سان ڪيو آهي، خيرالنساءَ جعفري نهايت بيباڪيءَ سان لکيو ـ
خيرالنساءَ جعفري پنهنجي ڪهاڻي ”حويلي کان هاسٽل تائين“ ۾ اهڙي مسئلي طرف ڏيان ڇڪايو آهي، جيڪو صدين کان اسان جي سماج ۾ موجود آهي، انهي ڪهاڻي ۾ هن عورت جي مظلوميت ۽ مجبوريءَ جو عڪس نهايت خوبصورت نموني چٽيو آهي ۽ ڪنهن حساس دل رکندڙ انسان جي اندر ۾ چير ٿو وجهي ڇڏي، ڪهاڻين کانسواءِ خيرالنساءَ جعفري مختلف ڪتابن جا مهاڳ، تقريرون ۽ انڊيا جو سفر نامو پڻ لکيو ، جن کي گڏي 1992ع ۾ ”منهنجو تخليقي سفر“ نالي سان ڪتاب صورت ۾ ڇيو ويو، خيرالنساءَ جعفري 4 مارچ 1998ع تي وفات ڪئي ـ

No comments:
Post a Comment