Sunday, April 17, 2016

Profile of Suriya Soz Diplai

ثريا سوز ڏيپلائي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري خاتون ليکڪا ٿي گذري آهي، سندس اصلي نالو ثريا نسيم قاضي آهي، سندس جنم 25 نومبر 1945ع ۾ اهڙي گهر ۾ ٿيو جتي علم، ادب ۽ انقلاب جا موضوع عام هئا، سنڌ جي عظيم قلمڪار محمد عثمان ڏيپلائي جي هن نياڻي ننڍپڻ کان ئي علم ۽ آدب سان چاھ رکيو، جيتوڻيڪ سندس وهانءَ ننڍپڻ ۾ يعني 1961ع ۾ ئي ٿيو پي پوءِ به علم ۽ ادب سان سندس چاھ برقرار رهيو، سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ هن محمد عثمان ڏيپلائي جي ناول نگاري جي عنوان 1988ع ۾ ايم فل ڪئي، ان کانپوءِ محمد عثمان ڏيپلائي بطور سماج سڌارڪ جو موضوع چونڊي ان تي پي ايڇ ڊي ڪيائين، هوءَ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماڊل هاير سيڪنڊري اسڪول حيدرآباد ۾ ڪيترائي سال ليڪچرار رهي، ثريا سوز لکڻ جي ابتدا پنهنجي والد جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسال ”انسان“ کان ڪئي، چالاڪيءَ جي عنوان سان هڪڙي ڪهاڻي لکيائين، پوءِ هڪ نظم محنت صبح وشام ڪنداسين به تحرير ڪيائين، 1958ع ۾ 13 ورهين جي ڄمار ۾ بيگم زينت عبدالله چنا جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي مارئي ۾ سندس شاعري شايع ٿي ـ
ثريا جو تخلص نسيم هو، 1966ع ۾ ثريا ٻارن لاءِ مزاحيه ادب به لکيو ۽ هڪ اخبار جي صفحي ”ٻارڙن جي ٻاريءَ“ طرفان پهريون انعام به کٽيو، ثريا بعد ۾ سوز تخلص اختيار ڪيو، هن نه رڳو شاعري ڪئي پر ڪهاڻيون ۽ ڪالم به تحرير ڪيا، 1973ع کان ملير ڊائجسٽ ۽ اخبار سنڌ ٽائمس لاءِ ڪالم نگاري ڪئي، هن چار ڀيرا زينت چنا ادبي انعام حاصل ڪيو، نثر ۾ ڪهاڻين ۽ مضمونن کانسواءِ هڪ ناول ”نيڻن ننڊ اڏائي“ به لکيائين، اخبارن ۾ سندس ڪالمن بعنوان “سوچيان ٿي” ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي هئي، ثريا سوز ٻارن لاءِ ڪهاڻيون به لکيون، جن جو هڪ مجموعو “چمڪندڙ چنڊ” اپريل 1985ع ۾ روشن تارا ساهت سرڪل حيدرآباد پاران ڇپجي چڪو آهي، ثريا سوز ڏيپلائي 14 سيپٽمبر 2004ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ـ

No comments:

Post a Comment