Sunday, April 17, 2016

Profile of Nisar Bazmi

ناليواري شاعر ۽ اديب نثار بزمي جو اصل نالو قلندر بخش جوڻيجو هو، هن 1924ع ۾ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو، هن لکڻ جي شروعات ورهاڱي کان اڳ ڪئي هئي ۽ آزادي واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو، سندس شاعري ۾ قومي رنگ نمايان آهي، سندس شاعري جي ڪتابن ۾ “ڏکن آءُ ڏاڍي”، “سنڌڙي”، “وڄن وراڪا”، “عشق نه پڇي ذات”، “تاجدار حرم” ۽ “ٻول نثار بزمي جا” اهم آهن، نثار بزمي جي شاعري کي ڪيترن ئي مشهور فنڪارن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڳايو آهي، جيڪا ريڊيو ۽ ٽي وي تي تمام گهڻي مقبول آهي ـ
نثار بزمي جو ڪلام علم عروض تي پختو ۽ موسيقيت وارو آهي، جنهن ڪري اهو آساني سان ڳائي وڄائي سگهجي ٿو، نثار بزمي استاد شاعر آهي، سندس ڪيترائي نظم درسي ڪتابن ۾ ترتيب ڏئي 2008ع ۾ ڇپايو، نثار بزمي جي ان مجموعي کي 2009ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران ايوارڊ ۽ 25000 رپيا انعام ڏنو ويو هو، سنڌ جي خوبصورت احساسن واري شاعر ۽ اديب نثار بزمي سال 2000ع ۾ وفات ڪري ويو ـ

No comments:

Post a Comment